"نغاره" ٺاهي پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت ڪاڪو ميوو ميگھواڙ تحرير : عبدالله جروار ڀيل ڪالوني ٽنڊو الهيار ۾ پنهنجي پٽن سان 650 سئو فوٽن ننڍڙي مسواڙ جي جاء تي رهندڙ ڪاڪو ميوو ولد ڏاڙهون مينگھواڙ اصل ڳوٺ جادو لغاري، ضلع ٽنڊو الهيار سڄو سال شهر جي مختلف پاڙن ۾ پلاسٽڪ جا ٿانو کپائيندي نظر ايندو آهي. پر هر سال ذوالحج جي مهيني ۾ ڳائي مال جون قرباني جون کلون خريد ڪري انهن کي پنهنجي هٿ سان صفائي ڪري سڪائي کين نغارا ٺاهڻ جي ڪتب آڻيندو آهي. جيتوڻيڪ هي وڏي جفاڪشي وارو ڪم آهي پر هن ڪم ۾ ڪاڪي جي گهر واري به ساڻس هٿ وڌائيندي آهي. پاڻ 1977ع کان نغارن ٺاهڻ جو ڪم ڪري ٿو ، جيڪو ڪم هي پنهنجي والد کان سکيو هو. هي ڪم سندن وڏڙن کان هلندو اچي. هرسال 40 جي لڳ ڀڳ نغارا کپن ٿا. جيڪي خريد ڪرڻ لاء پري پري جا ماڻهو وٽس اچن ٿا. . نغارا، ٽامي جي ٿانو ، ٺڪر ، لوه تي ٺاهيا وڃن ٿا. سندس چوڻ نغاري م نر ۽ مادي پايو ٿين ٿين ٿا. ڪي ڪي ماڻهو جوڙي خريد ڪن ٿا ته ڪي فقط هڪڙو وٺن ٿا. پاڻ اڳ اسٽيشن روڊ ٽنڊوالهيار تي ڪم دڪان تي ڪم ڪندو هو پر هاڻ هي نغارن ٺاهڻ جو ڪم گهر ڪندو آهي. ڪندو هوس. سندس چوڻ سندس ٺاهيل نغارا، درگاھ ڀٽ شاھ، راضي شاھ، جھوڪ شريف صوفي شاھ عنايت . وغيره تي ڏنل پڻ ڏنل آهن. هن ڪم جا سنڌ ۾ چند ڪاريگر آهن هڪ ٽنڊي آدم ۾ ٻيو حيدرآباد ۾ آهن. جيڪي پڻ اهو ڪم ڪن ٿا. ٽنڊي غلام علي جو زميندار مير پپو ، ٽنڊي آدم جو مري . ميرواه گورچاڻي جا مير احمد خان، امان شاھ الله سخي موج دريا ٽنڊي الهيار تي پڻ سندس ٺاهيل نغارا ڏنل آهن. سندس گرو کاڻ شهر ۾ آهي جتي سائين پورن ناٿ جي مڙهي تي وڃڻ ٿئي ٿو. اتي هاڻ گرو موهن ناٿ جن آهن. ڀيل ڪالوني مين روڊ تي ڪاڪي جو گهر آهي. هن جي چوڻ آهي. هاڻ هي ڪم زوال پذير ٿي رهيو آهي. جو هاڻ ڪافي پڙن تي اصلي نغارن بجاء وڏا ڊيڪ يا ايڪو سائونڊ رکي mp3 تي رڪارڊ ٿيل نغارا وڄايا ويندا آهن. هن ڪاڪي جي رهائش ڀيل ڪالوني ٽنڊي الهيار م آهي. ڪاڪي ميوي جو موبائل نمبر هي آهي. 03069194795