ڪتاب "لوچي لڌم لال" جو جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڪتاب " لوچي لڌم لال" جو جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    جوئي مذهب عشق جو،
    سوئي آهي صاف.
    زندگيءَ جو هر مرحلو ماھر جي نظر ۾ تحقيق طلب ئي هوندو آهي. انساني زندگي، آثار قديم، ثقافت ۽تمدن ۾ جيتري گهري تحقيق ٿيندي، ايتري ئي انداز ۾ انهن شين ۾نکار پيدا ٿيندو. اهو نکار ئي آهي جيڪو ترقي جي واٽ آساني سان ڏيکاري ٿو. تحقيق جي لڙيءَ ۾ رياض ڪلھوڙو به آهي جنھن "لوچي لڌم لال" جو ڳٽڪو پيش ڪيو آهي. ڪتاب ۾ مقدمي نگاريءَ جو فن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقدمن جو جائزو، سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ اصطلاحن /محاورن جو جائزو بہ سرفهرست آهن. قرآن حڪيم ۾ واضع آهي تہ :"هر شيءَ لاءِ وقت مقرر آهي هر وقت لاءِ هڪ ڪتاب آهي." ان آيت جي پسمنظر کي سمجهڻ جي ضرورت آهي جن قومن ڪتاب تي ڀروسو رکيو آهي ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهي ئي قومون سڌي رستي تي آهن. موجوده دور ۾ جن عالمن تحقيق جو ڪم ڪيو آهي. اهو ان دور جي سگهه تي مبني آهي. رياض ڪلھوڙو جديد دور جو تحقيق نگار آهي. ان کي هن دور جي حساب سان ڪتاب ميسر آهن، تحقيق جي ميدان ۾ هر دور پنهنجي ڏِک ڏيندو آهي. لغت نويسيءَ بہ هڪ الڳ تاريخ آهي. ان علم تي ٿورن عالمن کي دسترس حاصل آهي، ان علم مان ڪافي لفظن جي ڄاڻ ۽ رهنمائي حاصل ٿيندي آهي. تاريخي هنڌن، نالن ۽ ڪتابن جي سڌ پئي ٿي. سنڌ ۾ لغت نويسيءَ جي ارتقا جي تاريخ ملا عبدالرشید الحسني المدني التتويءَ جون عربي ۽ فارسي ۾ لکيل ٻہ لغتون اهم آهن جن مان هڪ عربي - فارسي لغت، منتخب االغات شاھجهاني يا راشدي عربي سڏي وئي آهي جيڪا 1636کان 1640ع ۾ لکي وئي. رياض ڪلھوڙي، شاھ لطيف ۽ سرڪارايل کي ڪتاب ۾ تحقيقي نگاھ سان پيش ڪيو آهي. شاھ لطيف فني فڪري اعتبار کان مهاساگر آهي جنھن وٽ زماني جي هر راض جي چاٻي موجود آهي. شاھ لطيف جي دور ۾ ڊاڪٽر سورلي جي لکڻ موجب "فارسي طرز ايتري پختي ٿي وئي هئي جو ان کي ڪڍي نہ پئي سگهيو ." "پارسي گهوڙي چاڙھسي" چوڻ واري دور ۾ شاھ لطيف هيئين چيو.
    جي تو پارسي سکيو گولو تان غلام،
    اُڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام،
    عامن سندو عام، خاصن منجهان ڪين ٿئي.
    (آسا)
    لطيف سرڪار ان دور کي اڄ تائين اهڙو جواب ڏئي ڇڏيو جو تاريخ ان کي لک بار بہ ورجائي پوءِ به لطيف سائين جو خيال، خاڪو ۽ حب الوطني مٿاهين پد تي نظر ايندي.
    چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي جو 2023ع وارو هيءُ ڪتاب رياض ڪلھوڙي پنھنجي والد غلام يحي کي ارپيو آهي. اسير امتياز اداري جا حق واسطا استعمال ڪري ڪتاب تي ادارو لکيو آهي. فليپ تي غلام حسين ڪٽپر جا ويچار آهن تہ :" رياض ڪلھوڙو اڳتي قدم وڌائي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر فياض لطيف جي نگرانيءَ ۾" شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ اصطلاح ۽ محاورن جو تنقيدي اڀياس " جي عنوان تي پي ايڇ ڊيءَ جهڙي آنريبل ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ روان دوران آهي." ڪتاب "لوچي لڌم لال "۾ سنڌ جي جديد شاعرن تي تحقيقي مقالا بہ شامل آهن جنھن ۾ " ڪشنچند بيوس "،" شيخ اياز "," قاضي مقصود گل"،" ميين شاھ عنات"، "نواز علي" نياز" جعفري"، " رئيس شمس الدين بلبل"۽ اياز گل شامل آهن. ڪتاب" لوچي لڌم لال " ۾ جيڪي به شاعر آهن، دنيا انھن کان واقف آهي. رياض ڪلھوڙي کي جس آهي جنھن اهڙن شاعرن تي تحقيقي مقالا پيش ڪيا آهن. ڪتاب جو مھاڳ مير حاجن مير لکيو آهي.
    " تحقيق جو فن" ڪتاب ۾ ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته :" مصرين ۽ يونانين جي تهذيبي ترقين سان گڏوگڏ تحقيق جي اصولن ۽ طريقيڪار ۾ بہ واڌارو ايندو رهيو ۽ مسلمانن جي روشن علمي جي ڪري تحقيقي ڪارناما ظاهر ٿيا ۽ علم حديث جي بيمثال تدوين جي ڪري دنيا ۾ علم ۽ فن کي روايت ۽ درايت جهڙا اعلي اصول مليا. ساڳي طرح مسلمانن علم طب ۽ ڪيميا جي ميدان ۾ بہ تجربا ڪيا ۽ جديد سائنسي تحقيق جو آغاز ڪيو. "ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل عزيز ڪنگراڻي لکيو، لکي ٿو تہ:" رياض ڪلھوڙي جي تحقيقي ۽ تنقيدي مضمونن کي نظر مان ڪڍيو آهي سندس رت ولوڙ ۽ رنڊا روڙ جس لهڻي. " آخر ۾ پياري رياض ڪلھوڙو لاءِ تہ سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز چواڻي ته :" جنھن محبت نہ ڪئي، سو اي اياز، زندگي جي گنهگارن مان آ." يا وري تصوف جي رنگ کي مجاز جي صورت ۾ هن نموني بہ پيش ڪيو آهي.
    ڇا مون پنھنجي پاڻ کي، تو ۾ سڃاتو؟
    منھنجو تو سان سانورا، نينهن نينهن جو ناتو،
    مون توکي پاتو، يا مون پاتو پاڻ کي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو