"ٻري جن ٻاري" ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (50) سنڌي ٻولي جو ناليوارو استاد، سگهڙ سائين غلام قادر لغاري صاحب ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري لڳ مسڻ وڏي ضلع ٽنڊوالهيار. تحرير : عبدالله جروار سائين غلام قادر لغاري صاحب سان منهنجي شناسائي تمام پراڻي آهي. ٿيو ائين جو هڪ دفعي دوستن سان گڏ مسڻ ننڍي ۾ سائين محمد انور مڱريو صاحب مرحوم وٽ مهمان ٿياسين. رات مسڻ ننڍي م ترسڻ بعد صبح جو ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري هلڻ جو پروگرام ٿيو. اهڙي طرح ڳوٺ قاضي نور محمد ۾ ٻيا دوست به هئا. جن سان گڏ پهتاسين ۽ ٻين دوستن سان ان ڳوٺ ۾ ملياسين. خاص طور تي سائين غلام قادر لغاري صاحب جن سان ملڻ لاءِ پرائمري اسڪول ۾ پهتاسين. جتي سائين جن موجود هئا سائين سان حال احوال ٿيا. سچ پڇو ته ان مختصر ڪچهري ۾ چونڊ منتخب شاعرن جي شاعري اهڙي خوبصورت ۽ دلربا انداز سان ٻڌائي جنهن جا ڪجھ نقش چاليھ پنجيتاليھ سال گذرڻ باوجود ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ محفوظ آهن. اهي پراڻيون يادون ذهن ۾ موجود هيون ته سائين غلام قادر جي هڪ ويجهي عزيز پياري ظهير لغاري جي دوستي منهنجي فرزند عبدالغفار سان ٿي. جنهن سان پراڻو تعلق جو سلسلو ٻيهر جڙي پيو. سائين جي شخصيت جي خاص ڳالھ اها آهي جو سچائي سان ڳالھ بيان ڪرڻ. بيان ڪرڻ گفتگو جو انداز ايترو مٺو جو دل چاهيندي آهي ته سائين جي ڪچهري پيئي ٻڌجي. علم جا گوهر آهن. سائين جو جنم 15 آڪٽوبر 1945ع تي ٽنڊي الهيار ضلع جي ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري ۾ ٿيو. سائين جن جي چوڻ موجب منهنجي جنم جي تاريخ درست لڳي ٿي جو انهن ڏينهن ۾ اسڪول ۾ طفل شماري جو رڪارڊ رکبو هو. 1955ع ۾ پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ لاء داخل ٿيس. اهوئي سال هو جڏهن اسان جي ڳوٺ قاضي نور محمد ۾ پرائمري اسڪول کليو هو ان وقت سائين جو پهريون پرائمري جو استاد سائين سرور علي شاھ صاحب هو. جيڪو اصل گهوٽڪي جو نوڪري سانگي اسان جي ڳوٺ رهندو هو. صبح سوير قرآن شريف پڙهايو ويندو هو. بعد ۾ اسڪول ۾ پڙهائي ٿيندي هئي. انهن ڏينهن پرائمري اسڪول جي پڙهائي ٻن شفٽن م ٿيندي هئي. پنج درجا پرائمري جا پاس ڪرڻ کان پوء کين پنهنجي علائقي جي نامور تعليمي اداري جنهن جي قيام جو سحرو ٻن نامور عالمن دين جي سر تي آهي. بڪ سائين مولوي محمد اسماعيل لغاري (سائين وڏو) ۽ ٻيو سائين مولوي عبدالڪريم لغاري صاحب (سائين ننڍو) هنن ٻنهي شخصيتن جي ڪوششن هي علائقو علم جي نور سان منور ٿي چڪو هو. هن اداري جي هاڪ ملڪان ملڪ پکڙجي چڪي هئي. ڪيترن غريبن ۽ پورهيتن کي پنهنجي اولاد جو روشن مستقبل هن تعليمي اداري م نظر آيو. هر ڪنهن جي ڪوشش هئي ته اسان جو اولاد پڙهيل لکيل هجي. ان خواب کي هنن ٻن شخصيتن ساڀيان ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نه رڳو اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي هڪ تعليم ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار نباهيو. پر هنن بزرگ شخصيتن غريب شاگردن ۽ پري وارن استادن لاء هاسٽل جو اهتمام ڪيو جنهن ڪري هزارين شاگرد هن اداري مان تعليم حاصل ڪري مختلف شعبن ۾ ناماچاري پيدا ڪئي. کين سٺو روزگار به مليو. ان نسبت سان سائين غلام قادر لغاري صاحب کي سندن والد صاحب هن هاء اسڪول م داخل ڪرايو. سائين جن جي چوڻ موجب اڪثر روازنو ڳوٺ قاضي نور محمد لغاري کان پڙهڻ لاء مسڻ وڏي اچبو هو ته ڪڏهن هاسٽل ۾ به رهي پوندا هئاسين. ان وقت جي استادن ۾ سائين سيف الله ابڙو صاحب، سائين حاجي عبدالله دائوداڻي ۽ سائين عبدالرحمان سمون صاحب ۽ ٻيا استاد هئا. هنن استادن جي ڪوششن سان سائين جن مڊل اسڪول اسٽينڊرڊ جو امتحان سٺين مارڪن ۾ پاس ڪيو. ٻه شاگرد هئا. جن کي اسڪالرشپ ملي جن م هڪ سائين غلام قادر به هو. ان وقت سالياني اسڪالرشپ ساڍا ٻارنهن روپيا هئي. سائين جي چوڻ موجب جڏهن مئٽرڪ جي رزلٽ آئي ته هوشيار هوندي به رڳو پاس مارڪون کڻي سگهيس. نمبر وغيره ڪون مليو. اهوئي دور جو بقول سائين جن جي عشق مجازي م قدم رکڻ ڪري تعليم حاصل ڪرڻ ڪجھ ڏکي ٿي پئي. 1963ع م مئٽرڪ ڪرڻ بعد 1965 ع ۾ کين استري جي نوڪري جو آرڊر مليو ۽ 1967ع م ڪاليج ۾ ٽريننگ حاصل ڪئي. سائين جي نوڪري جو وڏو عرصو پنهنجي ڳوٺ قاضي نور محمد ۾ گذريو. سائين سنڌي ٻولي جو سٺو ڄاڻو ۽ سگهڙ شخصيت آهن. شاھ صاحب جي بيتن جي شاندار تشريح معنائون پنهنجي انداز ۽ فڪر سان بيان ڪندا آهن. ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري کين معني ا ۽ مطلب سميت برزبان ياد آهي. وڏي عمر هوندي به پنهنجي دوستن عزيزن سان ڏک سک ۾ پير ڀرڻ کي اوليت ڏيندا آهن. اسان سان سائين جي محبتن جو سلسلو جڙيل آهي. سائين جي ڪچهري ٻڌڻ جهڙي آهي. پيرسن هوندي به سائين جن جي سوچ ۽ فڪر ۾ جواني جا جذبا عيان آهن. Zaheer Hussain Laghari