ڳالهيون زماني جون ماضي جي دري مان جهاتي. ساوڻ جي مند کان پهرين ڪچن گهرن کي مٽي ۽ ڇيڻي جو راڳو. تحرير : عبدالله جروار ننڍپڻ ۾ سڀ بابا وارا ۽ چاچا سڀ گڏ رهندا هئا. گهر ڪچا هئا هڪ ڪمري کي لوهي وڏو گارڊر هو جنهن تي ڪاٺ جي اڏاوت هئي باقي ڪمرا ڪاٺ جي ڪامن، داسن ۽ ڪرڙ جي پٽين سان اڏيل هئا. جن جي مٿان ڊڀ ڊاه وجهي مٿان گارو لڳل هوندو هو. صبح جو چانھ جو رواج هوندو هو. پهرين چاچا ۽ بابا وارن جي چانھ ٺهندي هئي. ٻاهر اوطاق موجود مهمان ۽ مسافرن جي بعد ۾ گهر وارن ۽ ٻارن جي، ان وقت چانھ پيء ڍو ڪرڻ جو رواج ڪون هوندو هو. هڪ هڪ پيالو چانھ جو پي هر ڪو ڪم ڪار سان هليو ويندو هو. ها البت ڪنهن خاص مهمان جي هئڻ جي صورت ۾ ناشتو ٿيار ٿيندو. جنهن ۾ بيضا ماني. يا سيويون وغيره ٺهنديون هيون. منجهند جي ماني جي تياري 11 بجي کان ئي ٿيندي هئي. جڏهن ساوڻ جي مند ويجهو ايندي هئي ته ڇت جو گارو بھ سان ٺاهيو ويندو جيڪو مزدورن کان هڻائبو هو. اهو ڪم ڪجهه گهڻو هوندو جو اوطاق ۽ اسڪول توڙي مسجد جي ڇت ان کان گهرڻ جي ڇت کي گهارو هنيو ويندو هو. اهو گاري ھڻن جو ڪم ماما حاجي سومار ڪندو هو بعد ۾ ماما علي واڍو مرحوم ڪندو جنهن کي مقرر رقم ۾ ٻولي ڏبو هو. يا کيس مٽي کڻڻ لاء مزدور ڪري ڏبا هئا. جڏهن ته گهرن ۾ ڀتين ۽ پٽ کي ليپو ڪرڻ جو ڪم امڙ ۽ چاچي جن ڪنديون هيون. ان لاء گهر م موجود مال جا ڇيڻا گڏ ڪندا هئاسين. باقي گهٽين مان نڪرندڙ مال جا ڇيڻا ۽ مٽي گڏ ڪري گارو ٺاهي. رڌ پچاء کان فارغ ٿي امان جن ليپو ڪنديون هيون. سچ پچ سال ۾ هڪ دفعو ان ليپو ڪرڻ سان گهر جرڪي پوندا هئا. اسان جي ٽن چاچن جي گهر ۾ پاڻ م سڳيون ڀينرون هيون. جيڪي بابا جن سئوٽ سائين عبدالڪريم جون نياڻيون هيون. جن مان هڪ چاچي الله پاڪ جي فضل سان حال حيات آهي. الله پاڪ جي ڀلائي سان ناچاڪي ۽ ڪمزوري باوجود الله پاڪ ايمان سلامت رکيو اٿس. نماز ۽ قرآن شريف جو دور هر وقت باوضو رهڻ زندگي م شامل اٿس. امڙ تي منجهند جي پچائڻ جو ڪم هوندو. گهر ٻار ٻني تي ماني اسڪول م استادن شاگردن لاء ماني جو اهتمام هوندو هو. منجهند جي ماني سان دال جو ديڳڙو رڌجڻ روز م شامل هوندو هو. هڪڙا مسافر مستقل رهڻ وارا به هوندا هئا. جن م محرم علي کوسو جنهن کي هرڪو اصل نالي بجاء گيبات جي نالي سان سڏيندا هئا. خانصاحب محمد ابراهيم ڀٽي مرحوم جيڪو ڳوٺ سائينداد وساڻ ڳوٺ جو هو پر مستقل اسان وٽ رهندو هو، ايوب ماڇي لاڙ جي ڪنهن ڳوٺ جو هو مستقل اسان وٽ رهندو پنهنجي مزدوري ڪندو هو. کيس پڙهڻ جو وڏو شوق هئس جنهن ڪري پهرين پرائمر ۽ پهرين پڪي ڪلاس جو ڪتاب پاڻ سان رکندو هو. واندڪائي ۽ ايندڙ ويندڙ کان سبق وٺندو هو. پر ويساري هئڻ ڪري ياد نه رهندو هوس. سليمان مهاڻو پر لاڙ جو هو فوج ۾ ويو هو. پر ڇڏي محنت مزدوري ڪري هتي رهندو هو. چاچا غلام رسول حڪمت اسپتال هلائيندو هو انهن وٽ ايندڙ مريضن مان ڪي ماني کائيندا هئا. ننگر چڪو هلندو هو. اهي انهن ماڻهن دليون ڪشاديون هيون. ماني پچائڻ ۽ کارائڻ وارن جو وڏيون دليون هيون. هي لکيو اٿم 1974.76 کان پوء جون ڳالهيون. ان کان اڳ اسان جي برادري وارن ٻن ڳوٺن وارن ڏاڏا مرحوم ميان جي پيروز کي به ويلا فقر ٻڌي ڏنو هو. منجهند ۽ رات جو وٺبو هو. جيڪو چاليھ پنجاھ سالن جي عرصي تائين هر گهر مان هڪ اڌ ماني (ان وقت ٻوڙ جو رواج گهٽ هوندو هو) انبن جي سيزن ۾ هڪ اڌ انبڙي وغيره ملندي هئي. جنهن گهر وارا به کائيندا هئا ۽ مسافرن کي ڏبو هو. غربت عام هئي. اهي به ڏينهن هئا. انهن ڏينهن نه گهڻيون آباديون هيون. نه فصل گهڻو لهندو هو. پر هر ڪنهن م ايمان ضرور هو. ڪڻڪ جو فصل گهڻو عام نه ٿيو هو. جوئر ۽ ٻاجهر پوکبي هئي. هڪ ويلي تي ڪڻڪ تي بي تي جوئر يا ٻاجهر جي ماني پچندي هئي. ڪڻڪ به لاباري کان پوء گڏ ڪرڻ، ڍڳن تي ڳاهڻ، سڻائي واء جو انتظار ڪري وائرڻ اهو سڀ ڪجھ ڊگهو عمل هوندو هو. اڄ ڪلھ ٿريشر جو زمانو آهي منٽن جا فيصلا آهن. اڄ ڪلھ دور بدلجي ويا گهر ڇا انسان جون دليون پڪيون ٿيون. نه ڪنهن جي ڏک سک، بک جو احساس رهيو. هر ڪو پنهنجي منهن پورو آهي. سڀ ڪنهن هوندي به نه هجڻ جون دانهون آهن. بزرگن ڏکن سکن تي وقت اسان سڀ هوندي سڪون م ڪون آهيون. وڏڙن لاء نه برفون، نه فرج، نه ڪولڊ ڊرنڪ نه سٺا کاڌا پر وٽن ايمان سو ڪامل هو.