جواب: اسانجي ياعلي مدد
سچي اها ڳاله آهي جنهن جڳه تان پيار جي موٽ نه ملي اتان هليو وڃڻ ئي بهتر آهي دوستو مان سڀن دوستن کان معافي وٺان ٿو جن جن جي مون کان دل آراري ٿي آهي۔ مون ڏهو اهو آهي ته مان سنڌ سلامت تي مواد شيئر ڪيو ان مان سنڌ سلامت جي ايڊيٽرن سان گڏ ميمبرن کي تڪليف رسي آهي مونکي توهان وري هن سائيٽ تي توهان آن لائن نه ڏسندا سنڌ سلامت رهي ياعلي مدد
جي ايندي چوني آ ويندي چوني ويهه،
ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچـــج انهنجـــــي۔
دوست همانگير، اوهانکي سنڌ سلامت تي ايندي ڀليڪار ڪئي وئي هئي ۽ ويندي به اهو ئي چونداسون ته يار! ايئن ناهي ٿيندو، دوستيءَ جو هٿ وڌائي پوءِ پاڻ ڪڍائبو ناهي ۔۔۔
جيتري حد تائين اوهانجي ذات جو مسئلو آهي ته اسانجي ڪنهن به دوست اوهانجي ذاتي يا نفسي روڪ نه ڪئي آهي ۔۔۔ ها باقي ليک آهن سي اوهان اڄ ايترا موڪليا آهن جو مون جهڙو ماڻهون جيڪو اهو چوندو آهي ته ليک ڏسڻ سان پڙهي ويندو آهيان سو به آخر ٿڪجي پيو ۽ اوهانجا سمورا ليک پڙهڻ ته ٺهيو ڏسي به نه سگهيس، وس آهر مون ڪجهه پڙهيا پر ڪجهه وقت تي ڇڏي ڏنا ۔۔۔
دوست رشيد يا مون به اوهانکي اهو مشورو ڏنو ته اوهان پنهنجن ليکن کي حوالن سان پيش ڪيو! جو شروع وارا ڪجهه ليک بنا حوالن جي هيا ۔۔۔
ٻي ڳالهه ادا رشيد جيڪا اوهانکي سمجهائڻ گهري ٿي سا ساڳي ادي مست واري آهي ته ” ٿورا ڪڻان ٿالهيءَ ۾ ڀلا“ ايترا موضوع موڪليو جيڪي اڄ پڙهي سگهجن ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي به ٿي وڃي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته هي فورم آهي ڪا اخبار ناهي ۔۔۔ اخبار ته پڙهي اڇلائي ڇڏبي آهي پر فورم تي ڳالهه پيش ڪبي آهي ته ان تي بحث ٿئي ۽ خلاصو ٿئي ۽ دوستن جي راين سان پنهنجا قبلا سڌا ڪجن ۽ سچ کي ڳولهي لهجي ۔۔۔
اوهان پاڻ ٻڌايو ته اڄ اوهان جيترا موضوع موڪليا آهن جي گڏ ڪجن ته هڪ ڪتاب ڀرجي ويندو ۽ اڄ جي دنيا ۾ ڪو اهڙو ماڻهون ناهي جي اوهان سان گڏ رفتار سان هلي سگهي جو هر ماڻهون پنهنجي پنهنجي ڪرت سان لڳل هوندو اهي، نوڪري آهي، گهر آهي، ٻار ٻچا آهن، دوست دڙا آهن ۽ سماجي جي اٿ ويهه آهي، اهي سڀ شيون به پوريون ڪبيون ۽ سنڌ جي سورن ۾ به شامل ٿبو ۔۔۔ مطلب ته جاڙي به جڳ سان ۔۔۔ انڪري اوهان به اسان تي رحم ڪريو ۔۔۔ اسانجي حال مطابق هلو ته رستو آسانيءَ سان طع ٿئي ۔۔۔
آخري ڳالهه ته هي فورم نه منهنجو آهي نه تنهنجو آهي ۔۔۔ هي فورم اسانجو آهي، سنڌ ۽ سنڌيت جو آهي، اسان سڀني کي برابر حق آهن هن فورم تي ۔۔۔ اچو ته پنهنجي پنهنجي انا کي پاسي تي رکي اسان واري مرحلي تي اچي هڪٻئي جي رهبريءَ جو سبب ٿيون ۔۔۔۔
اميد ته سچ ته بيٺو نچ واري قول تي هلندي سنڌ جو ۽ سچ جو ساٿ نه ڇڏيندا ۔۔۔
اميد ته هن سنڌ جي مٽيءَ جو آواز اوهانجي ڪنن تائين ضرور پهچندو ۔۔۔@};-@};-@};-
رب العالمين هميشه اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين