ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (52)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (52)

    سائين غازي غلام رسول ڪنڀار
    شهر چنبڙ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    جڏهن چمبڙ شهر جو ذڪر ٿيندو آهي. ان ۾ جيڪي شخصيتون اسان جي دوستي جي حلقي ۾ جڙيل رهيون انهن ۾ پهريون سائين غلام رسول غازي ڪنڀار آهي. علم، ادب سياست توڙي صحافت جي ميدان ۾ پاڻ مڃايو اٿن. چنبڙ شهر جي ڪنڀار برادري جون تعليم توڙي علم و ادب جي حوالي سان وڏيون خدمتون آهن. ناليوارن استادن ۾ سائين محمد حسين ڪاشف، سائين محمد عثمان ناطق، سائين محمد اسماعيل، سائين عبدالحميد ، سائين محمد بچل ڪنڀار سميت ڪافي ميل ۽ فيميل استاد هن پيشي سان لاڳاپيل آهن ۽ پنهنجون خدمتون بهتر نموني سرانجام ڏئي رهيا آهن. سائين غلام رسول جو تعارف ڪجھ هن طرح آهي. سائين غلام رسول غازي ڪنڀار جو جنم 4 اپريل 1961ع تي ضلعو ٽنڊوالھيار جي شھر چمبڙ ۾ چاچا محمد جمن ڪنڀار جي گهر ۾ ٿيو. سائين غلام رسول 1966ع ۾ چمبڙ جي مين سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي. ان اسڪول ۾ سندن نالي سان چار غلام رسول ھئا جنهنڪري سندن استاد سائين انيس ميمڻ صاحب جن سندن نالي ۾ غازي جو اضافو ڪيو. پاڻ پرائمري ۾ ھر سال پھريون نمبر ايندا رھيا ۽ پنهنجين خداداد صلاحيتن جي ڪري گلن جھڙا ٻارڙا جا جنرل سيڪريٽري ۽ پوء صدر چونڊيا ويا. سندن اسڪول طرفان 1971ع جا جيڪي جنگي قيدي آزاد ٿيا انهن کي آجياڻو ڏنو ويو ۽ سندن بھترين تقرير تي تڏھوڪي ايم اين اي سيد اميد علي شاھ کين سؤ روپيا انعام ڏنو. پاڻ 1972ع ۾ گورنمينٽ مڊل اسڪول چمبڙ ۾ داخل ٿيا. پاڻ اٺين درجي تائين پھريون نمبر ايندا رھيا ۽ مختلف ٽيبلوز ڊرامن ۽ پروگرامن ۾ ڪافي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيائون. پاڻ ننڍي ھوندي ئي پنهنجي ليڊرشپ ڪوالٽيز جي ڪري سپاف سنڌ جا رابطا سيڪريٽري منتخب ٿيا. سائين غازي غلام رسول جن مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ سنڌ ماڊل هاء اسڪول ٽنڊوالهيار مان پاس ڪيو. ان کانپوء پاڻ ايس ايم ڊگري ڪاليج ٽنڊوالھيار مان 1979ع ۾ انٽر ۽ 1982ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائون. کين 8 نومبر 1982ع تي پرائمري استاد طور پرائمري اسڪول چمبڙ ۾ مقرر ڪيو ويو جتان پاڻ پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي ھئائون جيڪو سائين لاء اعزاز هو. 1985ع ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان پي ٽي سي جي ٽريننگ ڪئي. ان عرصي دوران پاڻ 1986ع ۾ سياسيات ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائون. کين ستين گريڊ مان ترقي ڏئي يارھين گريڊ ۾ رسورس پرسن طور ايس ڊي او آفيس ٽنڊوالھيار ۾ مقرر ڪيو ويو جتي پاڻ ڏھ سال فرض نڀائيندا رھيا. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان 1998ع ۾ بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري ماڻيائون. کين 2005ع ۾ ايڇ ايس ٽي ۾ ترقي ڏئي ھاء اسڪول بشير آباد ۾ مقرر ڪيو ويو جتان پاڻ 2017ع ۾ رضاڪارانہ رٽائرڊ ٿي پنهنجي سرڪاري ملازمت جي پڄاڻي ڪئي. سائين غلام رسول انگريزي ۽ سماجي اڀياس جا مضمون پڙھايا آهن ۽ ڇھين درجي جا ڪلاس ٽيچر رھيا آهن.
    سائين غلام رسول کي سندن خدمتن جي مڃتا ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ سياسي اڳواڻن ڪيترن ئي انعامن ۽ ايوارڊن سان نوازيو آهي جن ۾ تڏھوڪي تعليم کاتي جي وزيرن عبدالسلام ٿھيم ۽ پير مظھر پاران انعام پڻ شامل آھن. سائين غلام رسول ڪيتريون ئي تربيتون حاصل ڪيون آهن جن ۾ آغا خان يونيورسٽي طرفان پروفيشنل ڊولپمينٽ ۽ اسڪائوٽنگ جي تربيت سرفھرست آهي ۽ ڪيترن ئي تربيتن ۾ ماسٽر ٽرينر رھي بھترين ڪارڪردگي تي کوڙ سارا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ ماڻيا آهن. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم ڪارڪن آهن. سندن ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ پڻ پس پردھ اھم ڪردار رھيو. پاڻ ڪيتريون ئي سماجي گڏجاڻيون چمبڙ ۾ ڪوٺايون جن ۾ سندن کاٻي ڌر جي اڳواڻن ڄام ساقي ۽ شھيد نظير عباسي سان پڻ تعلقات رھيا. سائين غلام رسول سياسي ۽ سماجي طور تمام گھڻو ڪم ڪيو آهي جنهن ۾ اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ، ٻوڏن ۾ مدد ۽ امداد پھچائڻ، مينا بازارون لڳرائڻ، سنڌ جي عظيم شخصيتن جون ورسيون ملھائڻ ۽ ملاکڙا ڪرائڻ، سياسي جلسا ۽ گڏجاڻيون ڪوٺائڻ ۽ ھر ڏکئي وقت ۾ انسانيت جي خدمت ڪئي آهي. سندن ڪوششن سان چمبڙ کي پھرين ٽائون ۽ پوء تعلقي جو درجو مليو. چمبڙ جي لاء گرڊ اسٽيشن جي منظوري ۽ ھاء اسڪول کي ھائر سيڪنڊري جو درجو ڏيارڻ ۽ امتحان جو سينٽر ڪرائڻ ۾ پڻ سندن ڪوششون شامل آهن. سندن ڪافي ڪالم سنڌ جي وڏين اخبارن ۾ چپيا آهن جن ۾ ڪاوش، عبرت، عوامي آواز، ھلال پاڪستان، سنڌ نيوز ۾ سياسي اڳڪٿين ۽ تاريخي ماڳن جي ڄاڻ بابت ڪيترائي ڪالم تمام گهڻو مشهور ٿيا. ان کان سواء صحافت جي ميدان ۾ پڻ رھيا محترمہ بينظير ڀٽو، اڪبر بڳٽي، غلام مصطفيٰ جتوئي، محمد خان جوڻيجو، بيرسٽر سلطان محمود، میر مرتضيٰ ڀٽو کان يادگار انٽرويو ورتا. چمبڙ ۾ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جنرل ضياء جي غاصبانہ دؤر ۾ ملھائي جتي ملڪ جا چوٽي جا دانشور سياستدان کاٻي ڌر جا ليڊر شريڪ ٿيا. ان کان سواء سنڌ پيپلز پارٽي جي صدر مخدوم خليق جو جنرل ضياء جي دور 1985ع ۾ تاريخي جلسو ڪرايو پنھنجي دوست ساٿين جي مدد سان جنھن کان پوء سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي تاريخي تحريڪ شروع ٿي. سندن ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي سياسي اڳواڻن سان رابطہ رهيا جن ۾ پاڪستان جي صدر ۽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جي وزير اعظم محترمہ بينظير ڀٽو، يوگينڊا جي صدر عيدي امين ۽ امريڪا جي دفاع جي سيڪريٽري ۽ عالمي بينڪ جي صدر ميڪنامارا جا خط سندن وٽ اڃا تائين موجود آهن.
    سائين غلام رسول جو والد محمد جمن ڪنڀار واپاري ھو. سندن چاچو محمد عثمان شاعر ھو. سندن گھرواري بہ تعليم کاتي ۾ پرائمري ٽيچر هئي. سندن اولاد ۾ وڏي نياڻي سعودي ايئر لائن ۾ ايئر ھوسٽس آهي. سندن وڏو فرزند عظيم غازي جي اي ايس ٽي آهي ۽ ننڍو فرزند فھيم غازي قطر ۾ ملازمت ڪرڻ کانپوء ھن وقت ريڊ ڪراس ۾ ملازمت ڪري رھيو آھي. سائين غازي غلام رسول رٽائرمينٽ بعد سير و سياحت ۽ سياست سان دلچسپي رکن ٿا. گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ مخالف اميدوار پاران کيس اليڪشن هارائڻ بعد پاڻ مخالف اميدوار کي مبارڪون ڏنائون. جيڪو شاندار مثال آهي.

    Ghazi GhulamRasool Kunbhar
    [​IMG]
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو