رفيق احمد جعفريءَ جي يورپ جي سفرنامي ”ڪيِ جو ڪنھن پار“ جو تعارف ۽ تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2024۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رفيق احمد جعفريءَ جي يورپ جي سفرنامي ”ڪيِ جو ڪنھن پار“ جو تعارف ۽ تبصرو

    محمد سليمان وساڻ

    شاعر، نثرنگار ۽ سماجي اڳواڻ رفيق احمد جعفريءَ جو يورپ بابت لکيل نڪور ڪتاب ”ڪِي جو ڪنھن پار“ منھنجي ھٿن ۾ آھن.

    ڪِي جو ڪَنھِن پارِ، اَکِيُون پَسي آئِيُون،
    ٿِيون ديوانيُون دِل ۾، اَپَرَ لَڳِينِ آرِ،
    تِھان پوءِ قَرارِ، سُتيون ڪِينَ سَيّدُ چَئي.
    (شاھہ لطيف)

    ”اکيون پَسي آئيون“ جي نالي سان رفيق جعفريءَ جو سفرنامو 18 سال اڳ ڇپيو ھيو، جيڪو ھندستان جي مختلف شھرن ۾ رھندڙ سنڌين ۽ اتان جي حال أحوال تي ٻَڌل آھي. ھي ٻيو سفرنامو ڀٽائيءَ جي بيت جي ساڳي سِٽ جي شروعات واري نالي ”ڪِي جو ڪنھن پارِ“ جي نالي سان ڇپيو آھي جيڪو يورپ جي چئن ملڪن فرانس، اٽلي، سئزرلينڊ ۽ نيدرلينڊ/ھالينڊ جي مختلف شھرن جو سفرنامو آھي.
    رفيق جعفريءَ کي دنيا گهمڻ جو شوق آھي، ان شوق جي پورائيءَ لاءِ پاڻ ڪيترن ئي مُلڪن جو سير ڪيو اٿس ۽ اتان جون تصويرون تہ فيسبوڪ تي وقت بوقت نظر مان گذرن ٿيون پر سفرنامي يا حال أحوال جي خبر ناھي پوندي. رفيق جعفري بنيادي طرح ھڪ شاعر آھي، جنھن سبب سفرنامو لکندي سندس لکڻيءَ ۾ موجود شيريني، پسمنظرنگاري ڪمال جي ھوندي آھي.
    ھجڻ تہ ايئن گهربو ھو تہ ھر ملڪ جو الڳ ۽ تفصيل سان لکيل سفرنامو ھجي ھا پر وري بہ ڀلو ٿيو تہ مختصر ئي، پر ھڪ سٺو سفرنامو پڙھڻ لاءِ مليو آھي. ھن سفرنامي ۾ رڳو اچڻ وڃڻ يا گهمڻ جو حال أحوال نہ پر ھر ملڪ، ھر عمارت، ھر ملڪ جي تاريخ، جاگرافي، اتان جي خوبصورتي، ھر گهمندڙ ماڳ سان لاڳاپيل ڪتاب، يادگيري، ناول، فلمن کي پڻ دُھرائي ياد ڪيو ويو آھي. ٻولي بلڪل سولي، سادي ۽ اجائي ٽنبيل فلسفي کان سوا استعمال ڪيل آھي. ھر مضمون ۾ اختصار کان ڪم ورتل آھي. سفرنامي جي دلچسپي برقرار رکي وئي آھي.
    پئرس شھر جي خوبصورتيءَ کي سھڻي لفظن ۾ پيش ڪيو ويو آھي، پئرس جي راتين، پئرس جي خوشبوئن، پئرس جي رنگينين، پئرس جي معطر صبح کان ويندي پئرس جي عجوبن تي بھترين انداز ۾ لکيو ويو آھي. ساڳي وقت ايفل ٽاور کي وري رات جو گهمڻ جو شوق، فرانس پاران فٽبال ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ ڪوروشيا کي شڪست سبب پئرس ۾ جشن جي ڪري ٽريفڪ جام ۽ پيدل سفر ۽ خوشيءَ ۾ مليل چمين جو ذڪر بہ وڻندڙ آھي.
    اٽليءَ جو شھر روم تاريخي شھر آھي، اتان جي عمارتن، اتان جي ميوزيم ۽ ٻين تاريخي جاين سان گڏ روم جي تاريخ تي مختصر نظر وجھي سھڻي نموني قلمبند ڪيو ويو آھي. ھن ئي سفر ۾ ان اڻ ڄاتل پاڪستانيءَ جو ذڪر پڻ آھي جيڪو ڪچھري ڪرڻ بنا ئي سڀني جو بل ادا ڪري ويو. مجسما سازي ۽ مائيڪل اينجلو جي فن جو ذڪر ۽ پٿر جي عمارتن جو ذڪر بہ سٺو ٿيل آھي. اٽليءَ جي خوبصورت شھر وينس جيڪو پاڻيءَ مٿان اڏيل آھي، ان جي خوبصورتي ۽ اتان جو حال أحوال پڻ دلچسپ آھي. وينس ڏيڍ سئو ننڍن ٻيٽن ۽ 430 پلين ذريعي ڳنڍيل آھي. ھتي ھلڻ لاءِ پليون، ڪروز، ٻيڙيون گهڻو استعمال ٿين. ساڳي وقت وينس تي ٺھيل ھاليووڊ جي مشھور فلمن يا ھتي فلمايل ٻين فلمن جو پڻ ذڪر ڪيل آھي.
    خوبصورتيءَ جو ٻيو نالو سئزرلينڊ آھي ۽ اتان جي ڍنڍن، سھڻن رستن، ساوڪ ڀريل چراگاھن، وڻندڙ ڍنڍن، سمنڊن، پھاڙين، برفاني گليشيئرز، بلندين تي ھلندڙ چيئر لفٽ، ڦرندڙ ڪيبل ڪار ۽ برفاني سرنگن بابت دلچسپ ڳالھيون لکيون ويون آھن. چارلي چئپلن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ ھن کان جھن پڇيو ويو تہ ھو آمريڪا کانسواءِ ڪھڙي ملڪ ۾ رھڻ پسند ڪندو تہ ھن جواب ۾ پنھنجي جنم ڀومي برطانيہ بجاءِ سئزرلينڊ ۾ رھڻ پسند ڪيو ھو. پوءِ وقت جي وھڪري ۾ سياسي دٻاءَ سبب چارلي چئپلن کي آمريڪا بدر ٿيڻو پيو ۽ ھن وڃي سئزرلينڊ ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سئزرلينڊ ۾ سندس گهر کي ھاڻي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آھي.
    رفيق جعفري صاحب جرمنيءَ جي شھر ميونخ بابت لکندي ئي ھو علي بابا جي ڊرامي ”دنگيءَ منجهہ درياء“ کي ياد ڪري ٿو، جنھن 1981ع ۾ ميونخ ۾ ٿيندڙ ڊراما فيسٽيول ۾ 92 ملڪن جي پيش ڪيل ڊرامن ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو ھو. پوءِ وري شمشير الحيدري ۽ زرينا بلوچ جي گيت ”اسان ماڻھو لاڙ جا “ جي ياد تازي ڪري ٿو.
    نيدرلينڊ/ھالينڊ جي شھر ائمسٽرڊم جيڪو ھڪ نديءَ ڪناري واقع آھي ان جي تاريخ ۽ خوبصورتي تي سٺو لکيو اٿس. اتان جي محلاتن جو ذڪر، چرچ جو ذڪر ڀلي نموني ڪيل آھي.
    ھي ڪتاب مختصر ھجڻ ڪري گهٽ معلومات رکي ٿو پر، مختصر ھجڻ ڪري بوريت نٿي رھي ۽ يڪساھي پڙھي پورو ڪري سگهجي ٿو. ھن سفرنامي جو مھاڳ نامياري سفرنامانگار عبدالحئي پليجي لکيو آھي، جڏھن تہ بئڪ ٽائيٽل تعارف جڳ مشھور سفرنامانگار الطاف شيخ لکيو آھي. 96 صفحن تي مشتمل ھي ڪتاب، سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر پاران ڇپايو ويو آھي جنھن جي قيمت 400 روپيا آھي. اميد تہ رفيق جعفري ڏيھي توڙي پرڏيھي سفرنامن کي وڌيڪ ڪتابي شڪل ڏيندو رھندو، ڇو تہ پاڻ سان ساڻس ڪجهہ ڏيھي سفرن ۾ گڏ رھيا آھيون ۽ اھي سفر يادگار سفر رھيا آھن.

    (ڪاوش سنڊي ميگزين، 14 جولاءِ 2024ع)

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو