ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (53)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (53)
    سائين نور مست خان پٺاڻ مرحوم
    چنبڙ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار


    سائين نور مست خان پٺاڻ مرحوم جن جا وڏا اصل صوبي سرحد جي علائقي ڪوهاء حسن خيل جا رهاڪو هئا. گهڻو عرصو اڳ سندن والدين چنبڙ شهر جي ڀرسان اچي آباد ٿيا هئا. سائين نور مست صاحب جن جو جنم 16 جون 1938ع ٿي ٿيو. سندن پرائمري تعليم گورنمينٽ مين پرائمري سنڌي اسڪول چنبڙ ۾ ٿي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاء ميونسپل هاء اسڪول ٽنڊي الهيار ۾ داخل ٿيا. ايس ايم هاء اسڪول ٽنڊوالهيار قائم ٿيڻ کان پوء ايس ايم هاء اسڪول ۾ داخلا ورتائون. 1957ع فائنل اسٽينڊرڊ جو امتحان پاس ڪيائون، 02 جون 1958 ع ۾ هن ئي اسڪول ۾ اسسٽنٽ ٽيچر طور استاد مقرر ٿيا. گهڻي عرصي تائين هن اسڪول سان سندن وابستگي رهي. پاڻ اسڪول جي بورڊنگ هائوس جي انچارج طور ڪم ڪيائون. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ڪافي ذهين ۽ هوشيار هئا. اڪثر امتحانن ۾ پوزيشن کڻندا هئا. بعد ۾ سندن بدلي چنبڙ ٿي جتي مڊل اسڪول چنبڙ جا هيڊ ماستر رهيا. ڪجھ عرصو مڊل اسڪول پاڪسنگهار ۾ پڻ ڊيوٽي ڪيائون. سائين نور مست پٺاڻ جا ڀائر ٻه پرائمري چنبڙ ۾ پڙهيا. سائين نور مست صاحب جي وفات 1981 - 82 ڌاري ٿي. سائين جا ڀائر ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار ڪندا هئا. بعد ۾ چمبڙ مان سکر هليا ويا. سائين هڪ بهترين استاد هو. کيس سندس شاگرد اڄ به ياد ڪن ٿا.
    Sain Aziz Laghari
    Ghazi GhulamRasool Kunbhar
    Sain Muhammad Ramzan Dal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو