ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (54)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (54)
    سائين محمد بخش دائوداڻي مرحوم
    ڳوٺ جَتو دائوداڻي تعلقه چمبڙ ضلع ٽنڊوالھيار
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين محمد بخش ولد سجاول خان دائوداڻي جن جو جنم تاريخ 22 آڪٽوبر 1939ع تي ڳوٺ جَتو دائوداڻي يونين ڪائونسل ڄارڪي تعلقه چمبڙ ۾ ٿيو. سندن والد صاحب هر هاري هو. پنهنجي فرزند کي تعليم ڏياريائين، سائين محمد بخش صاحب جن سنڌي ورنيڪيولر فائنل جو امتحان 1952ع ۾ پاس ڪيو. جنهن بعد کين پرائمري استاد طور نوڪري جو آرڊر مليو. سندن پهرين پوسٽنگ گورنمينٽ پرائمري اسڪول احمد خان لاشاري ۾ ٿي. سال 1957 ع ۽ 1958 ع ڌاري کين ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ٻن سالن جي ٽريننگ لاء موڪليو ويو. ان دوران پنهنجي پڙهائي جو سلسلو به جاري رکيائون. سائين جي پروموشن جي تاريخ بابت معلومات نه ملي سگهي. سائين ايڇ ايس ٽي طور ڊيوٽي ڪئي. سال 1988ع ڌاري کين مڊل اسڪول پاڪسنگهار جي هيڊ ماستر هئڻ ڪري انچارج هيڊ ماستر هاء اسڪول يونين پاڪسنگهار مقرر ڪيو ويو. سائين محمد بخش دائوداڻي صاحب جن هاء اسڪول يونين پاڪسنگهار جا پهريان هيڊ ماستر هئا. جن جي ڪوشش سان يونين پاڪسنگهار هاء اسڪول نائين ۽ ڏهين جا ڪلاس هلڻ لڳا هئا. بعد ۾ سائين ٽنڊي الهيار تعلقي سپروائيزر پرائمري ايڊيوڪيشن مقرر ٿيا. جتي پڻ پنهنجون خدمتون بهتر نموني سرانجام ڏنائون. نوڪري دوران ئي سال 91 19- 92 دوران سائين جن وفات ڪئي. سائين سان ڪافي ملاقاتون رهيون. پاڻ هڪ بهترين جفاڪش انسان ۽ استاد هئا. سائين يونين پاڪسنگهار جي پوسٽ آفيس جا به انچارج پوسٽ ماسٽر رهيا. جيڪو ڪم سندن وفات بعد سندن فرزند عبداللطيف ڪري رهيو آهي. سائين جن جي ٽريننگ ڪاليج ۾ ٽريننگ وقت سنڌ جا مشهور ماهر تعليم سائين شمس الدين عرساڻي صاحب جن ڪاليج جا پرنسپال هئا. سائين جي استادن ۾ سائين ابن الياس سومرو ۽ شفيع محمد ڪپري صاحب به هئا. شفيع محمد ڪپري صاحب بعد ۾ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر طور هالا سب ڊويزن مقرر ٿيا. سائين محمد بخش دائوداڻي صاحب جن جي ڪوشش هن علائقي جي ڪيترن ٻارن کي بهتر تعليم ملي سگهي. ڪافي نوجوان نوڪرين ۾ پڻ آيا. (سائين بابت معلومات اڻ پوري هئڻ باوجود سلسلي ۾ شامل رکجي ٿي جو سائين محمد بخش صاحب جن انهن ٿورن استادن مان جن سچائي سان محنت ڪري ٻارن کي تعليم ڏني.

    (سائين بابت معلومات ڪتاب "روشني جو سفر" گورنمينٽ هاء اسڪول پاڪسنگهار 50 سالہ يادگار ايڊيشن. ليکڪ : سائين منظور احمد جروار تان ورتل آهي)
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو