« ٻري جن ٻاري » ٽنڊي الهيار ضلعي جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر ( 55 ) استاد نم مھيسر ڳوٺ محمد سانوڻ خان مھيسر نصرپور . تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار . ترتيب : عبدالله جروار سنڌ ڌرتي ڏاڍي سونھاري سر زمين آھي . ھن ڌرتيءَ مٿان سماواتي پرڳڻي جي شهر نصر پور جو شمار سنڌ جي قديم شهرن ۾ ٿئي ٿو . ھي شھر ھڪ تاريخي ۽ اھميت واري حيثيت رکي ٿو . ھي شھر پنھنجي وڻج واپار ، ھنر مندي ، علم ، ادب ، سٽاءُ ۽ سياسي سماجي ارتقائي ۽ تھذيبي حيثيت م پنھنجو مٽ پاڻ رھيو آهي . مير علي شير قانع ٺٽوي موجب فيروز تغلق جي ڏينھن ۾ (فيروز شاھ تغلق 1351ع کان 1388ع تائين) ساڱري دريا جي اوڀر ڪپ تي ھڪ امير نصر نالي مقرر ٿيو . جنھن پوءِ نصرپور جو شهر اڏايو ۽ اتي ملڪ بهرام فوجدار مقرر ٿيو . پوءِ ڪافي وقت کان پوءِ جڏهن شاھ بيگ ارغون 26 جون 1524 ع ۾ وفات ڪئي ته ان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ شاھ حسن ارغون جي نصرپور ۾ تاج پوشي ٿي . ۽ اھو نصرپور ۾ ئي تخت نشين ٿيو . ھي شھر پنھنجي اوج جي زماني ۾ نه رڳو صنعتڪارن، ھنرمندن، عارفن، اوليائن، قاضين بزرگن ۽ درويشن جي ڪري مشهور هو پر ھي شھر سڀ کان وڏو ديني تعليم جو مرڪز پڻ هو . ڪتابن ۾ اچي ٿو ته ھن شھر ۾ 400 کان مٿي ديني مدرسا ۽ مڪتب موجود ھئا. ھتي ديني تعليم سان گڏ دنيوي علوم پڻ پڙھايا ويندا هئا . سومرن جي زوال وارن ڏينهن ڌاري ابن بطوطه سنڌ جي تعليمي نظام جي تمام گهڻي تعريف ۽ ساراھ ڪئي آهي . ان ۾ سيوھڻ ، بکر ،ٺٽو ، درٻيلو ، ٻٻرلوء ، ھالا ڪنڊي ، اگھاماڻي ، عمرڪوٽ ، باغبان ۽ نصرپور شامل آهي. ھتي جا ھنرمند ۽ ڪاريگر تمام گهڻو مشهور رھيا آھن . چون ٿا ته ھتي ھزارن جي تعداد ۾ رڳو ڪپڙي اڻڻ جا آڏاڻا موجود ھئا . جتي دنيا جو اعلي معيار جو ڪپڙو ڪوري اڻت ڪندا هئا . ۽ ڏيساور ڏانهن موڪليندا هئا. ان کان سواءِ ھتي جون لونگيون ، کيس ، سوسيون ، گربي ، موٺڙو جيڪي ريشمي توڙي سوٽي ھونديون ھيون . انھن جي ٺهڻ جو وڏو مرڪز ھتي ھو . ھتان جو ٺھيل ڪپڙو نه صرف ارغونن ۽ ترخانن جون بيگمات استعمال ڪنديون هيون ، پر مغليه دربار ۾ تحفي طور پڻ موڪليو ويندو هو. ھتي ھٿ سان اعلي معيار جي نفيس ۽ ملائم ڇيٽ ۽ ململ جو ڪپڙو تيار ٿيندو ھو جنھن جا تاڪيا چيچ ۾ پاتل ڇلي جي گولائي مان گذري سگھندا ھئا . ھي شھر جيڪو آباد ٿيڻ کان وٺي عالمن عارفن ۽ اوليائن جو شھر پئي رھيو آھي . مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ٻن ناميارن شاگردن مخدوم ميين ڏنو ۽ مخدوم نور محمد ھتي قرآن پاڪ ۽ حديث شريف جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ، قاضي اڪرم نصرپوري جو نالو پڻ ڪتابن ۾ اچي ٿو . جنھن ھتي قرآن ۽ حديث جا ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ دين جي خدمت ڪئي. ان جي خاندان مان قاضي تاج محمد وڏو مرد مجاهد ھو. جنھن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو. ان جي مدرسي مان پڙھي فارغ ٿي اعلي ديني تعليم مدرسه ديوبند مان حاصل ڪندڙ شيخ السنڌ حضرت مولانا عبدالحق رباني صاحب جو تعلق پڻ هن شهر سان آهي. جنھن جون ديني خدمتون قابل تعريف آهن . جديد وائيءَ جي مؤجد شاعر ۽ اولياء الله حضرت شاھ عنات رضوي ۽ ڪافين جي شھنشاھ حضرت مصري شاهه رضوي جو مسڪن ۽ تعلق پڻ هن شهر سان آهي. ظرافت جو بادشاهه ۽ دنيا جو عظيم ڏاھو وتايو فقير جنھن جا نصيحت ڀريا نڪتا ۽ گفتا مشهور آهن. انھي درويش جي جنم ڀومي پڻ نصرپور آهي . ھي شھر ڪيترن ئي سياسي سماجي ۽ حڪومتي انقلابن مان گذريو آهي . ھن شھر تاريخ جي ڪئين لاھن چاڙھن ، اٿلن پٿلن ۽ ڦيرين گھيرين کي برداشت ڪندي ڪئين ڏکيا ڏينهن ڏٺا آهن ۽ سور سٺا آهن . باوجود اھڙين حالتن جي ھن شھر پاڻ کي زنده رھڻ تي مائل رکيو آهي . چوندا آهن ته ھر ڪمال کي زوال اچڻو آهي. سو ھن ايڏي اوج ماڻيندڙ شھر جي اڄ حالت ۽ حيثيت ھڪڙي ننڍڙي ٽائون ڪاميٽي جي وڃي رھي آھي . ھيء ٽائون ڪاميٽي ضلعي ۽ تعلقي ٽنڊو الهيار ۾ واقع آهي . ھن ٽائون ڪاميٽي کي ڏھن انتظامي وارڊن ۾ ورھايو ويو آهي . ھن جو نائون وارد جيڪو ٻھراڙيءَ تي مشتمل آهي .ان جي ديھ ڀاڻوڪي ۾ موجود ھڪڙو تاريخي ڳوٺ محمد سانوڻ مھيسر ، جيڪو نصرپور کان چار ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ اوڀر طرف آهي . ان جي مٽيءَ مان 10 سيپٽمبر 1968ع تي جنم وٺندڙ « استاد نم مھيسر » ھڪ اڻ پڙهيل غريب ھاري مرحوم محمد هاشم مھيسر جو پٽ آهي . کيس فخر آهي ته سندس والد صاحب ھارپو ڪري حق حلال جي روزي تي پالي وڏو ڪيو . تعليم ۽ تربيت: ھن جي والد صاحب جو شوق ۽ ھڪ خواب ھو ته سندس پٽ پڙھي لکي ھڪ سٺو ، سلجھيل ۽ باشعور انسان بڻجي . ان خواب جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ ڳوٺ ۾ اسڪول نه ھئڻ ڪري ڀر واري ڳوٺ امين محمد ڪاڪيپوٽا ۾ 1973ع ۾ پھرين درجي ۾ داخل ڪيو. اتي هڪ راڄ جي مانائتي باڪردار ۽ بااخلاق استاد محمد سومار ڪاڪيپوٽي وٽ پرائمري تعليم جا پنج درجا 1978ع ۾ پاس ڪري سنڌ پرڳڻي جي تاريخي شهر نصر پور جي ھاء اسڪول ۾ ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو . جيئن ته ھي شھر ھر دؤر ۾ علم و ادب جو مرڪز رهيو آهي . سو اتي موجود سمورا استاد اعلي گڻن جا مالڪ ۽ سندن اڪثريت سنڌي ٻوليءَ جي ناليوارن اديبن شاعرن ليکڪن ۽ محققن تي مشتمل ھئي جن ۾ سائين حاجي يوسف « شاڪر ابڙو .» جنھن جو سنڌي ادب ۾ تمام وڏو مقام ھو ۽ سندس تمام گھڻو ڪم ٿيل آهي . سندس مضمون ۽ مقالا نئين زندگي ، مھراڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپيل آهن پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ هو . . سائين لونگ خان« عاجز » ڀاڻو جيڪو سٺو شاعر ، ڪھاڻيڪار،ناول نويس ھو جنھن جو ھڪ ناول « نرالو نينھن » سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ٿيل موجود آهي . سائين محمد خان دائودپوٽو ، سائين خليل الرحمان دائود پوٽو ، اردو ادب جو مشهور ۽ معروف ناميارو شاعر اديب سائين مرزا عاصي اختر صاحب ۽ شھر جو مشهور ديني عالم ميان عبدالرحمان قاضي صاحب جھڙا استاد ، توڙي شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني جھڙا جيد عالم ۽ اھل علم جن سان ننڍي ھوندي کان تعلق رھيو . انھن استادن جي صحبت ، محنت ۽ تربيت اھڙو ته رنگ لاتو جو 1983ع ۾ 1_A گريڊ ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين . ان کان پوءِ اتي نصرپور ۾ ڪنھن ڪاليج جي نه ھجڻ ڪري ٽندو الهيار جي گورنمينٽ ايس ايم ڪاليج ۾ داخلا ورتائين . اتي پڻ وقت جا اعلي تعليم يافتہ استاد جن ۾ پڻ اڪثريت اديبن ۽ عالمن جي ھئي جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري جيڪو ناميارو ليکڪ ۽ اديب ھو ، پروفيسر برڪت الله « ڪريمي » ابڙو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ ۽ مصنف آهي ، پروفيسر سيد اميد علي شاهه بخاري ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو ناليوارو غزل گو شاعر سائين اياز گل جھڙن ليڪچرارن ۽ استادن کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو . انھن کان متاثر ٿي پاڻ سنڌي ادب جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ ٿورو گھڻو شاعري پڻ ڪرڻ لڳو . غربت جي ڪري ڪرائي ڀاڙي ۽ فين وغيره جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ پڙھائي سان گڏ کيس سخت محنت ۽ مزدوري به ڪرڻي پئي انڪري 1985ع ۾ جڏهن انٽر جو امتحان پاس ڪيائين ته ھڪ ته انجنيئرنگ ۾ سليڪشن کان ڪجھ مارڪون گھٽ آيون ۽ ٻيو ته اڳتي پڙھائي جيتري پھچ بلڪل نه ھئس . انڪري جيئن تيئن ڪري ڪاليج سائيڊ مان B A جو امتحان سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ طور 1988ع ۾ پاس ڪيائين . سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ سان محبت جي ڪري ، MA سنڌي ادب ۾ 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين . استاد ھجڻ ڪري علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان 1993ع ۾ B.Ed جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 2015ع ۾ M. Ed جو امتحان سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين جنهن جي کيس تعليم کاتي ۾ ضرورت ھئي. ملازمت: 1988ع ۾ جڏهن پاڻ 20 ورھين جو نوجوان ھو ته کيس پنھنجي پسند جي تعليم کاتي ۾ ملازمت ملي ويئي ۽ پيغمبري پيشي سان جڙي ويو . شروع ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو پر پنھنجي نصرپور ھاء اسڪول جي استاد قاضي محمد خان جي چوڻ تي جيڪو ان وقت گورنمينٽ ايس ايم ھاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ ھيڊ ماستر مقرر ٿيل ھو . ھاءِ اسڪول ۾ استادن جي کوٽ سبب کيس ڊيپوٽييشن تي سندس ھاء اسڪول ۾ وٺي آيو . سٺن استادن جي بھترين تربيت ۽ سخت محنت جي ڪري پاڻ ھڪ بھترين ڪردار ساز استاد سان گڏ ھڪ بااخلاق ، ھمدرد ۽ انسان دوست شخص آهي . ھي سٺي تعليم ، اخلاق ۽ بھترين ويچارن سان نوازيندڙ استاد ، پنھنجي شاگردن کي اولاد وانگر سمجھي انھن جي بھتر مستقبل لاءِ سوچيندو آهي . ھي ماٺيڻي طبيعت وارو انتھائي صابر ۽ شاڪر شخص آهي . سندس شمار ٽندو الهيار ضلعي جي انتھائي معتبر ۽ ناليوارن استادن ۾ ٿئي ٿو . 1994ع کان وٺي مختلف وقتن تي ڏکڻ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي فاصلاتي تعليم جي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ پارٽ ٽائيم ٽيوٽر جي حيثيت سان پي ٽي سي ، سي ٽي ، بي ايڊ ۽ ٻين مختلف ڪورسن ۾ ھن عظيم تعليمي شخصيت ھزارين شاگردن کي علم جي روشنيءَ سان منور ڪري رھيو آهي . 2010ع ۽ 2011 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي آف ڪيمپس ۾ بي ايڊ پروگرام ۾ پارٽ ٽائيم ٽيوٽر پڻ مقرر ٿيو جتي پڻ ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون وٽس زير تعليم رھيا . جيڪي ھن وقت ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ سٺا استاد بڻجي پڙھائي رھيا آھن . پاڻ ھن وقت ضلعي ٽنڊي الهيار جي وڏي ۾ وڏي مشهور ۽ معروف گورنمينٽ ايس ايم ھاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ سچائيءَ ۽ ايمانداري سان استاد طور فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي . ھن وقت پاڻ GR انچارج سان گڏ نائين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر پڻ آھن . ادبي خدمتون: پاڻ لکڻ جي شروعات 1985ع کان شاعري سان ڪيائين لوڪل مشاعرن ۾ ڀرپور شرڪت ڪيائين سندس شاعري ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻي . پر شاعري ڪنھن سبب جي ڪري ڇڏي ، صرف نثر طرف لاڙو ڪيائين . 1990ع واري ڏهاڪي کان سنڌي ادبي سنگت جي ھفتيوار دستوري گڏجاڻين ۾ باقاعده شرڪت ڪندو رهيو ۽ ان جو ميمبر پڻ رهيو . پنھنجي علم، عقل ۽ عمل وسيلي پنهنجي ديس ، قوم ۽ ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ جاکوڙيندي سنڌي ادب سان بيحد چاھ رکندي مختلف موضوعن تي مضمون ، مقالا ۽ ڪالم لکيا اٿس جيڪي ڪيترن ئي اخبارن ، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجي چڪا آهن . مرتضي شاھ ڏاڏاھي جي ڪتاب « ٿورا نه ٿورا » ۾ سندس کليل مضمون شامل آهي ، بدين مان نڪرندڙ ماھوار رسالي « پيغام احمد » ۾ پڻ سندس مضمون ۽ مڪالا ڇپيل آهن ، حنيف جروار جي مرتب ڪيل ڪتاب « سچائي جا سلا » ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جھوني شاعر غلام حيدر جروار جي شاعريءَ تي سندس شاندار تبصرو ان ڪتاب ۾ ڇپيل آهي . ان کان علاوه تمام گھڻن اسلامي توڙي ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاندار لکڻيون شايع ٿيل آهن . ھن وقت به ٻين رسالن ۽ اخبارن سان گڏ روزانه آجيان شڪارپور ، روزاني سوڀ ، ھلال پاڪستان و ۾ سندس مضمون ۽ مقالا شايع ٿيندا رهن ٿا . ڪافي اڻ ڇپيل مواد پڻ وٽس موجود آهي . سندس اھم ڪم اھو آھي ته پاڻ ھڪ بھترين مترجم پڻ آهي . پاڻ اردوءَ جا چار اسلامي ڪتاب ترجمو ڪيا اٿائين. 1 سیرت آئمہ اربعہ ھن ڪتاب ۾ اسلامي فقيه جي ابتدائي تاريخ ۽ ترويج جو تفصيلي ذڪر ٿيل آهي . چئن امامن ( امام ابو حنيفہ ، امام مالڪ. ، امام شافعي ، امام احمد بن حنبل رحھم الله ) جي ديني ، علمي ۽ عملي زندگيين جي ھر پھلو جي باري ايمانداري ۽ ديانتداري سان مستند معلومات ۽ سندن ديني خدمتن جي عيوض کين جيڪي ڏکيايون پيش آيون انھن جو تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي . 2 فتنہء پرویز و حقیقت حدیث ھن ڪتاب ۾ حديث شريف جي انڪار جي آڙ ۾ خدا جي انڪار جي اندرون اندر ڳجھين تحريڪن ۽ ڳجھين سازشن کي بي نقاب ڪيو ويو آهي اشتراڪيت جي وڌندڙ سيلاب کي روڪڻ لاءِ ۽ ان وقت انسانيت کي لادينيت ۽ دھريت جي عقيدن ۽ نظام مان خطرو لاحق ھو ، جو انھيءَ عقيدي ۾ ڪوڙ ۽ غلط بياني ڪيل ھئي . ھي عقيدو ۽ نظام مذهبي روحاني ۽ اخلاقي قدرن جي بنياد کي کوکلو ڪري رهيو هو اھڙين حالتن ۾ ھن ڪتاب جي اشاعت تمام مفيد ثابت ٿي ته جيئن فتني جي حقيقت الم نشرح ٿي سگھي . ھي پنھنجي وقت جي ھڪ تمام بهترين تصنيف آهي . 3. خلفاء راشدین کی یگانگت 4. ھن ڪتاب ۾ خلفاء راشدين جي عملي زندگين ، انھن جي ڏنل قربانين ، انھن جي ھڪٻئي سان محبت ۽ تعلقات . انھن جون پاڻ ۾ رشتيداريون مٽيون مائٽيون , خير خواھيون انھن جي طرزِ خلافت وغيره جھڙن موضوعن تي مشتمل بھترين ڪتاب. 4. ازواج مطہرات ۔ ھن ڪتاب ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي ازواج مطھرات ۽ امت جي مائرن جي باري ۾ تمام تفصيلي احوال ڏنو ويو آهي . ايمان افروز ڪتاب ، بقول مترجم جي ته ڪيتريون ئي اھڙيون نيون نيون ڳالھيون ۽ معلومات ھن ڪتاب ۾ شامل آهي ،جنھن کان پھرين منھنجو ناقص ذھن وانجھيل ھو . انتھائي جامع مفصل ۽ مدلل ڪتاب آهي . ھي سمورا جامع ۽ تفصيلي ڪتاب جامعه فاروقيہ ڪراچي مان نڪرندڙ ماھوار رسالي الفاروق م قسط وار تقريبن ڏھن سالن جي اندر بلاناغہ ڇپجي پورا ٿيا آهن .