ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (56)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (56)
    سائين خير محمد جروار صاحب
    ڳوٺ صاحب خان جروار تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين خير محمد جروار ولد سائين خان محمد جروار جو جنم تاريخ 03 مارچ 1963ع تي ڳوٺ صاحب خان جروار تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم گورنمينٽ مسلم پرائمري اسڪول صاحب خان جروار مان حاصل ڪيائون. جڏهن مڊل اسٽينڊرڊ تائين تعليم گورنمينٽ مڊل اسڪول مبارڪ جروار مان حاصل ڪيائون. ڳوٺ مبارڪ جروار تعليم حاصل ڪرڻ دوران مرحوم سائين حاجي عبدالله جروار، ماما حاجي بچل جروار، ماما حاجي هاشم جروار ۽ ماما حاجي اسماعيل جروار وارن وٽ رهيا. اتي ٻين شاگردن ۾ سائين محمد صديق ٽالپر مرحوم به پڙهندو هو. سائين اشرف جروار به گڏ پڙهيا هئا. پر سائين اشرف جروار جي رهائش ڳوٺ بيگن جروار م سندن مامن محمد سليمان ۽ رسول بخش وارن وٽ هئي. اهو مڊل اسڪول مبارڪ جروار جي اوج جو دور هو جنهن دوران پري پري جا شاگرد ٿوري استاد ڳوٺ مبارڪ جروار جي ڳوٺاڻن وٽ رهندا هئا. ان وقت مڊل جا ڪجھ استادن جا نالا هي هئا. سائين حاجي عبدالله جروار ، سائين محمد دائود نهڙيو ، سائين شهمير جمالي، سائين محمد بخش ٽالپر هئا. سائين جي چوڻ موجب ان وقت سائين عبداللطيف جروار صاحب عربي پڙهائيندا هئا. هڪ استاد ڳوٺ ماڻڪ لغاري جو به هو جنهن جو نالو کين ياد ڪونهي. مڊل اسڪول جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاء اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي ۾ داخلا ورتي. جتي سندن ڪلاس فيلوز م سائين اشرف جروار، سائين پروفيسر محمد يوسف جروار مرحوم شامل هئا. اسڪول جو هيڊ ماستر سائين حاجي عبدالله دائوداڻي صاحب هو. باقي استادن ۾ سائين شير لغاري، سائين نوول راء جن هئا. مسڻ وڏي ۾ پڙهڻ دوران به سندن رهائش ساڳي ڳوٺ مبارڪ جروار م ماما حاجي بچل جن جي اوطاق تي رهي. پر مئٽرڪ جو امتحان مسڻ وڏي ۾ نه ڏئي سگهيا. گورنمينٽ پراونشلائيزد هاء اسڪول ٽنڊو الهيار ۾ داخلا ورتي. جتي سندن استاد سائين حاجي خان ڪاڪيپوتو، سائين محمد قاسم لاشاري، سائين قادر بخش مڱڻهار ۽ سائين عبدالغفور شيخ صاحب رهيا. 1980ع م مئٽرڪ پاس ڪئي. جڏهن ته انٽر ميڊئيت جو امتحان 1983 م پاس ڪيو. جڏهن ته مئٽرڪ جي بنياد تي نومبر 1982ع م پرائمري استاد جي نوڪري ملي. پهريون اسڪول محمد درس هو. جڏهن ته 1985 86 ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان پي ٽي سي جو امتحان پاس ڪيو. سائين خير محمد جروار صاحب هنن اسڪول م هيڊ ماستر ۽ ڪٿي نائب ماسٽر طور پنهنجي ڊيوٽي ڪئي انهن اسڪولن م پرائمري اسڪول الھ بخش جروار، پرائمري اسڪول بچل بڪيرو، پرائمري اسڪول بختاور پتافي، پرائمري اسڪول حمزو ٽالپر، پرائمري اسڪول اميد علي بوزدار، پرائمري اسڪول بڪيرا شريف، پرائمري اسڪول اشفاق ميمڻ هئا. سائين جي نوڪري جو آخري اسڪول اشفاق ميمڻ هو. جتان رٽائرمينٽ ورتائون. سائين پنهنجي وقت جا بهترين استاد رهيا آهن. پنهنجي ڊيوٽي پابندي سان ادا ڪيائون. سائين جو چوڻ آهي ته تعليم کاتي ۾ رڳو استاد کي هر ڪنهن جي پڇاڻي تي رکيو ويو آهي. انهن م جج صاحبان هجن، ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر، بائيومئٽرڪ اسسٽنٽ ان کان علاوه تعليم کاتي جا پنهنجا آفيسر سڀني جو نشانو استاد بڻجي ٿو. استاد جي پڇاڻي جو اختيار تعليم کاتي جي آفيسر وٽ هئڻ گهرجي. آيماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن. سزا ۽ جزا جو نظام لاڳو ڪيو وڃي ته تعليم بهتر ٿي سگهي. باقي اڄوڪي حڪومتي نظام موجود اسڪولن ۾ سهولتون گهٽ هئڻ باوجود نشاني تي استاد هوندو ته تعليم جو سڌارو ممڪن ڪونهي. سائين جي هاڻوڪن مشغلن ۾ پراڻيون ناياب شيون گڏ ڪرڻ شامل آهن. پراڻا ريڊيا، گراموفون، گهڙيال، پراڻيون ڪئسٽون وغيره گڏ ڪرڻ جو شوق رکن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو