شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ مختيار نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2010۔

  1. مختيار نظاماڻي

    مختيار نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مئي 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اڄ ياد دل تي اوھان جي تري آ
    غمن ۾ حياتي اسان جي ڳري آ
    ڏجي ڏوھ ڪنھن کي؟اوھان يا اسان کي
    زماني يا قسمت جي بازيگري آ
    وقت جي دريا ۾ جو وڇڙي وياسين
    وري لاٽ من ۾ ملڻ جي ٻري آ
    لڳي چڻگ چِت ۾ جسم ٿيو جلاوت
    رڳو ھاڻ دل تي ڏکن جي ڀري آ

    جلاوت مختيار نظاماڻي ٽنڊو محمد خان
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شاعري

    تمام سٺي شاعري آهي ادا مختيار جلاوت نظاماڻي توهان کي دل جي گهرائين سان شاباسون ڏجن ٿيون ته اسان جي سٿ ۾ هڪڙي نئين خوبصورت شاعر جو اضافو ٿيو آهي ادا مختيار تنهنجي هي شاعري عروض جي حوالي سان 221 فعولن واري وزن تي تقريبن بيهي ٿي۔ ٺهڪي اچي ٿي۔ بس صرف ٿورو لفظن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪجي ته فني لحاظ سان هن شاعري کي تمام سُٺي مڃتا ملي سگهي ٿي۔ مٺا جيڪڏهن ناراض نه ٿئين ته تنهنجي شاعري  کي ٿوري نئين سري کان ترتيب ڏيان۔

    وري يا ۔۔۔ د دل تي۔۔۔ توهان جي۔۔۔ تري آ
    221 ۔۔۔ 221۔۔۔۔۔۔۔ 221 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔221
    ف عولن ۔۔فعولن ۔۔۔ فعولن ۔۔۔۔فعولن

    غمن ۾ حياتي اسان جي ڳري آ
    221 ۔۔۔ 221۔۔۔۔۔۔۔ 221 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔221
    ف عولن ۔۔فعولن ۔۔۔ فعولن ۔۔۔۔فعولن

    ڏجي ڏو ھ ڪنھن کي؟اوھان يا اسان کي
    221 ۔۔۔ 221۔۔۔۔۔۔۔ 221 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔221
    ف عولن ۔۔فعولن ۔۔۔ فعولن ۔۔۔۔فعولن

    زماني يا قسمت جي بازي گري آ
    221 ۔۔۔ 221۔۔۔۔۔۔۔ 221 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔221
    ف عولن ۔۔فعولن ۔۔۔ فعولن ۔۔۔۔فعولن

    وقت جي دريا ۾ جو وڇڙي وياسين
    221 ۔۔۔ 221۔۔۔۔۔۔۔ 221 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔221
    ف عولن ۔۔فعولن ۔۔۔ فعولن ۔۔۔۔فعولن

    لڳي چڻ گ چِت ۾ جسم ٿيو جلاوت
    221 ۔۔۔ 221۔۔۔۔۔۔۔ 221 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔221
    ف عولن ۔۔فعولن ۔۔۔ فعولن ۔۔۔۔فعولن

    رڳو ھا ڻ دل تي ڏکن جي ڀري آ
    221 ۔۔۔ 221۔۔۔۔۔۔۔ 221 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔221
    ف عولن ۔۔فعولن ۔۔۔ فعولن ۔۔۔۔فعولن

    ڪيئن مٺا مختيار جلاوت تنهنجو سمورو غزل پوري جوپورو فعولن واري وزن ۾ آهي ۽ بحر به مڪمل مثمن سالم آهي۔ رُڳو تنهنجي غزل جي مطلع جي پهرين لفظ اڄ کي هٽائي وري لکيو اٿم۔ اميد ته منهنجي هن فني سمجهاڻي کي سمجهي ويو هوندين ۽ دل ۾‌ به نه ڪجائين۔ ٿي سگهي ٿو منهنجي سنڌ سلامت جا نوان شاعر ڪجهه نه ڪجهه لاڀ حاصل ڪن اميد ٿو ڪريان ته اهڙيون لاجواب شاعريون تون هميشهه اسان سڀني ساٿين سان ونڊ ڪندو رهندين۔ تنهنجو دعاڳو
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: شاعري

    .تمام سٺو ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو