ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (58)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (58)
    سائين محمد صديق لاشاري صاحب
    ڳوٺ نبي بخش لاشاري (واڳوڏر)
    تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : زاهد حسين لاشاري

    سائين محمد صديق لاشاري ولد عبدالله خان لاشاري ضلعي ٽنڊي الهيار جي تاريخي ڳوٺ نبي بخش لاشاري يوسي کوکر ۾ 23 نومبر 1958ع ۾ ڄائو. پاڻ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ واگھوڏر (ڳوٺ نبي بخش لاشاري) مان 1970ع ۾ سينيئر استاد صاحبان پھريون درجو استاد حاجي خير محمّد لاشاري وٽ ، ٻيو درجو استاد ڌڻي بخش لاشاري گل لاشاري) وٽ، ٽيون درجو سائين خدا بخش ڏاھري (ھالا), چوٿون ۽ پنجون درجو ھيڊ ماستر سائين محمد سومار لاشاري وٽ حاصل ڪيائين. پنجين درجي جو امتحان ان وقت جي سپروائيزر سائين رشيد پٺاڻ وٽ ڏنائين.
    وڌيڪ تعليم ھاء اسڪول چکي ضلعي حيدرآباد مان 1976ع ۾ سيڪنڊ ڪلاد۾ مئٽرڪ پاس
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڪئي. ان وقت موجود استاد صاحبان ۾ ھيڊ ماستر سائين ولي محمد ميمڻ صاحب ، سائين لکاڏنو ڪورائي ، سائين ربڏنو خاصخيلي ، سائين محمد حسن نظاماڻي ، سائين عبدالسلام ، مير لکي ٽالپر ، سائين غلام رسول ٽالپر ، سائين غلام مصطفي ڀرڳڙي ، سائين عبدالحق ڏھوٽ، عبدالڪريم ڏھوٽ، نظير احمد بروهي سائين ضياء الدين نظاماڻي ، سائين محمد دائود شيخ ، سائين مراد ڀرڳڙي ء سائين مير محمد لغاري صاحب ھئا. ان وقت ھاء اسڪول چکي جو سينٽر ٽنڊو ڄام ھاء اسڪول ھو.
    1981-1982 ۾ ايس ايم ھاء اسڪول ۽ ڪاليج ٽنڊو الهيار انٽر جي تعليم دوران 21-8-1982 تي سندن ڳوٺ نبي بخش لاشاري عرف واگھوڏر پي ايس ٽي (P.S.T) جو آرڊر مليو.
    1983-1984 دوران ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان ٽريننگ جو ڪورس (A) گريڊ ۾ پاس ڪيو. ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جا استاد صاحبان سائين محمد يوسف ميمڻ، سائين شير شاهه صاحب ، سائين يار محمد وگھيو، آفتاب احمد قريشي ، سائين رياض کوسو صاحب ، محمد عمر عمراڻي صاحب ، بشير احمد ميمڻ ۽ سائين لطف الله قريشي ھئا. ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان واپس ساڳي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ نبي بخش لاشاري واگھوڏر 1985ع ۾ جوائن ڪيو.
    مختلف ٽريننگز آغا خان ، سميت مختلف تريننگز ۾ حصو ورتو.
    مرحوم چاچا سيف الله لاشاري جو پڙهڻ کان وٺي نوڪري تائين ھر وقت ساٿ رھيو. سندن ھمت افزائي ڪري پڙهايو. ٻه چاچا ۽ بابا سائين گڏ ھئا. چاچا سائين ھر وقت سھڪار ڪندا هئا جنهنڪري تعليم حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي.
    B.ed جو امتحان 1995 ۾ اولڊ ڪئمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ڪيو. M.ed جو امتحان به سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس مان مان سيڪنڊ ڪلاس م ڪيو.
    يونيورسٽي جا استاد صاحبان جن ۾ سائين ميان بخش لغاري ، سائين دين محمد چنا، آپا وحيدہ ، آپا صالحه ، پروين اسلم ميمڻ ، اسلم ڪمبوھ ، عبدالستار عالماڻي ، اڪبر شاهه ، ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر ، افتخار چوڌري ۽ ڊاڪٽر منظور آرائين صاحب ھئا.
    31-5-2012 تي H.S.T. جو پروموشن ٿيو. گورنمينٽ ھاء اسڪول بڪيرا شريف ۾ پوسٽنگ ٿي. بڪيرا شريف سائين جي ڳوٺ بني بخش لاشاري کان 12 ڪلوميٽر پري هوندي به وقت تي پهچي ڊيوٽي سر انجام ڏيندا رهيا. سائين جن پنهنجي وقت جا بهترين استاد رهيا آهن.
    پاڻ 22 نومبر 2018 ع تي رٽائر ٿيا. ان موقعي تي سائين کي شاندار الوداعي پارٽي ڏني وئي.
    Sain Lashari Zahid Hussain
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو