ٽنڊي الهيار ۾ سخي موج دريا جو ميلو ۽ فنڪار سينگار علي سليم

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    175
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    جاڳو جاڳو ڙي جيڏيون،
    ڪانهي مهل سمهڻ جي!

    موج درياء سائين جو ميلو ۽ سينگار علي سليم
    ٽنڊوالهيار
    (يادگيريون)
    تحرير : عبدالله جروار

    ٽنڊوالھيار شهر ۾ موج درياء سائين جي ميلي تي ڪنهن زماني ۾ وڏا وڏا فنڪار ايندا هئا. جيڪي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. درويش صفت راڳي سينگار علي سليم مرحوم به ڪجهه سال بلا ناغي موج دريا تي حاضري ڀري هئي. سندس ڳايل ڪلام اڄ ذهن ۾ گونجن ٿا خاص طور تي آڌي رات جو ڳايل ڪلام "جاڳو جاڳو ڙي جيڏيون، ڪانهي مهل سمهڻ جي جاڳو جاڳو " رات جي سناٽي ۾ گونجندڙ سينگار علي سليم جو آواز واھ سائين واھ.! ڪهڙي ڳالھ ڪجي. سمورا حاضرين مجلس ته ٻڌندا هئا پر لائوڊ اسپيڪر تي پري پري تائين سندس ڪلام ٻڌي سگهبو هو . تڏهن گادي نشين سائين امان الله شاه صاحب هئا. سندن ڀاء سائين منظور شاہ جن هئا. تڏهن ٽنڊو الهيار شهر پرسڪون هوندو هو. اڄ وارو ڌمچر نه هوندو هو. ان زماني ۾ موج دريا جي درگاھ لڳ وڏو ميدان هوندو هو. ان ۾ ميلي جي موقعي تي ملھ يا ڪوڏي ڪوڏي راند ته ڪڏهن والي بال ٽورنامينٽون ٿينديون. هڪ بزرگ جي مزار پڻ آهي. هاڻ هن دور ۾ اهو سمورو ميدان بازار ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. ڀر ۾ چاچي صوڀي خان بوزدار جو طنبيلو (مسافر خانو) هو. اهو طنبيلو توڙي ان جي ڀر چاچا خان محمد جروار جو طنبيلو. اهي وڏي ايراضي تي مشتمل هئا. شايد هي مسافر خانا انهن ڏينهن قائم ٿيا هئا جڏهن پڪا روڊ رستا تعمير نه ٿيا هئا نه ئي ٽرانسپورٽ عام هئي. اڪثر ماڻهو پنهنجن سوارين گهوڙن يا اٺن تي شهر ايندا هئا. گهوڙا يا اٺ هنن طنبيلن ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا. دير سوير پنهنجي ڳوٺن واپس نه وڃڻ وارا ماڻهو به هنن مسافر خانن ۾ کٽ ۽ بسترو وٺي سڪون سان سمهي رهندا هئا. صبح ٿيڻ تي هر ڪو پنهنجي ڪم ڪار سان نڪرندي پوندو هو. چاچو صوڀو خان پئسي وارو هئڻ باوجود سادو ۽ نرم دل انسان هوندو هو. سندن وفات بعد سندس فرزند رئيس الهدتي خان بوزدار مرحوم هن طنبيلي کي سنڀاليو. هاڻ هن سموري ايريا ۾ وڏا وڏا دڪان قائم ٿي ويا آهن. انهن طنبيلن (مسافر خانن) جو نالو نشان به نه رهيو آهي.
    #myTandoallahyar
    #historyoftandoallahyar
    #memoriesOfTandoallahyar
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو