شاعر ۽ نثر نويس فقير محمد سنڌيءَ سان ڳالھ ٻولهہ...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    شاعر ۽ نثر نويس، فقير محمد سنڌيءَ سان ڳالھ ٻولهہ...!
    جاني جاويد علي
    سوال :- اوهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو؟
    جواب. ادب جي دنيا ۾ فقير محمد سنڌي چوندا آهن. منهنجي پيدائش لاڙڪاڻو جيڪو باغن جي شهر سان مشهور آهي. بنيادي طور تي منهنجو واسطو شاعريءَ سان آهي. 1995ع تي سيڪنڊري کان لکڻ شروع ڪيو. شاعري کان پوءِ نثر لکڻ شروع، تاريخ تي سلسليوار ڪم ڪيو. اهڙيءَ طرح ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي 2006ع کان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. 2006ع تي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جو بنياد رکيو. ادب جو سلسلو جاري آهي. ٻه ماهي قلمڪار ميگزين ۽ ماهوار سجاڳ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر شپ ۾ ڪم ڪيو. ان دوران سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون لکندو رهيس. 2006ع تي تعليم جي سلسلي ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڪئي. 2016ع تي روزاني ارادو لاڙڪاڻو ۾ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر طور 2023ع تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.
    سوال :- هن وقت ڪهڙا اديب بهتر لکي رهيا آهن؟
    جواب. سنڌي ادب ۾ ڪافي اهڙا اديب آهن جيڪي پنهنجي ذميواري جو ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪهاڻي، شاعري، صحافت ۽ تاريخي مورچي بهتر ڪم ٿي رهيو آهي.
    سوال :-موسيقي، شاعري ۽ ادب مان اوهان کي ڪهڙي شيءِ پسند آهي؟
    سنڌ جي ڪلاسيڪل موسيقي تي استادن جي سٺي محنت ٿيل آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪل موسيقي هر دل جي ترجمان آهي ان ۾ دلي سڪون ملي ٿو. شاعريءَ جو سنگم آهي ئي موسيقي، باقي رهي ادب جي ڳالھ، دنيا جي ادب سان سنڌي ادب به تعميري، اوسر ۽ جديد دور ۾ شامل ٿي ويو آهي. سنڌي ادب آهستي آهستي ڊجيٽلائيز ٿي رهيو آهي. اها خوشي جي ڪرن آهي.
    سوال :- آرٽسٽ، اديب، شاعر ۽ فنڪار ملڪ جو سرمايو آهن؟ حڪومت انهن لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن؟
    جواب. افسوس اهو آهي ته، حڪومت آرٽسٽ، اديب، شاعر ۽ فنڪارن جي داد رسي نالي ماتر ڪري رهي آهي جيڪو ڳڻتيءَ جوڳو عمل آهي.
    سوال :- ٻوليءَ کي بگهاڙ کان ڪيئن بچائجي؟
    جواب. پرائمري جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي اهو ئي بنيادي عمل آهي. ٻوليءَ متعلق ماهرن کان مدد ورتي وڃي. ادب، ٻولي، صحافت ۽ لسانيات جي موضوعن تي ڪلاس، ليڪچر ۽ برجستي نموني سان سيمينار ٿئڻ گهرجن.
    سوال :- سنڌ م ثقافت کاتو ڪيتري حد تائين ڪامياب ويو آهي؟
    جواب. پهريان اسان کي ثقافت جي اهميت کي سمجهڻو پوندو، ان کان پوءِ ثقافتي ورثي ۾ جيڪي ماڳ، هنڌ ۽ ادارا آهن انهن تي سٺي نظرثاني جي ضرورت آهي. تڏهن ئي اسان جي ثقافت محفوظ ٿي سگهي ٿي. اسان جي ثقافت تي نالي ماتر به ڪم نه ٿيو آهي.
    سوال :- اوهان ڪنهن کان متاثر ٿي ادب جي دنيا ۾ پير پاتو؟
    جواب. پهريان ماءُ جي لولي کان، نانيءَ آکاڻين کان ۽ اسڪول ۾ شاھ لطيف جي شعرن کان متاثر ٿيس.
    سوال :- اوهان جي ادب ۾ وجه شهرت ڪهڙي آهي ۽ پڙهندڙن لاءِ پيغام ڏيندا؟
    جواب. ادب ۾ جيڪي رنڊا روڙيا آهن اهي مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. اهو پڙهندڙن جي مٿان آهي ته ڪهڙي موضوع تي هو بهتر اسان محسوس ڪن ٿا. پيغام اهو ئي آهي ته، اولين مورچو پنهنجي ڌرتي آهي، ٻولي آهي، ڪلچر۽ رهڻي ڪهڻي جي حفاظت ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شامل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو