فقير محمد سنڌيءَ سان ٻالڪ ادب بابت ڳالھ ٻولهہ...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    فقير محمد سنڌيءَ سان ٻالڪ ادب بابت ڳالھ ٻولھ ....!
    ڳالھ ٻولھ : ڊاڪٽر پروين موس'ي ميمڻ
    فقير محمد سنڌي 7جنوري 1983ع تي لاڙڪاڻي ۾ دين محمد جي گهر جنم ورتو. ايم اي سنڌي ادب 2006ع ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. بنيادي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. ديني تعليم ۾ مولوي، عالم ۽ فاضل جو امتحان 1998ع تي پاس ڪيائين ۽ درس نظاميءَ جو ڪورس 1995ع کان 2001ع تائين مدرسہ عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان فارغ التحصيل سان ڪيو. سنڌي شاعريءَ سان رغبت هئڻ ڪري لکڻ جي ابتدائي شروعات 1995ع ۾ ڪيائين. شاعريءَ جي بنيادي سکيا، غلام فاروق خاصخيلي، جي ايم رئيساڻي ۽ سرمد چانڊيو کان سکيا حاصل ڪئي. فقير محمد سنڌي نثر ۾ به پاڻ ملهايو آهي. نظم ۽ نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب ترتيب، تاليف ۽ تصنيف ڪيا اٿائين. صحافت ۾ خدمتون مڃڻ جوڳيون آهن ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پڻ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي . ٻالڪ ادب سان محبت رکندي ڪيترن ڪتابن جي اوک ڊوک ڪندي هڪ شاندار ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" لکي پاڻ موکيو آهي. اچو ته کائنس ٻارن جي ادب بابت ڳالھ ٻولهه ڪيون.
    1سوال :- پنهنجو تعارف، ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب ۾ شموليت بابت ڄاڻ ڏيندا؟
    جواب :- منهنجو تعارف ادب جي دنيا۾ فقير محمد سنڌي چوندا آهن. گهر ۽ مٽن مائٽن ۾ محمد سليم سان سڏيندا آهن. ننڍپڻ ۾ ڪافي رانديون کڏيون ۽ هر راند جو فاتح رهيس. پکين سان محبت ڪري ڪافي پکي به پاليم، ننڍي هوندي ڊرامن، ڪارٽن ۽ فلم ڏسڻ جو شوق هو، جيڪو ڪافي حد تائين پورو ٿيو. ننڍپڻ جو دور انتها ڏکيو گذريو جنهن جا اثرات اڃان تائين منهنجي زندگيءَ ۾ شامل آهن. مون انتهائي ڏکي دور سان منهن ڏنو آهي. تعليم پرائڻ ۾ ڪنهن جو سهارو نه مليو ، سواءِ پنهنجي استادن جو. ادب ۾ اچڻ جي وجھ ۾ منهنجا استاد ئي آهن. ٽئين درجي ۾ سائين قادر بخش ڪلھوڙي جو اهم ڪردار آهي جيڪو موڪل ۾ ويھ منٽ هوندا هيا ته ڪهاڻي، آکاڻي يا نظم جهونگاري سڄي ڏينهن جو ٿڪ لاهي ڇڏيندو هو. منهنجي پالنا منهنجي نانيءَ ڪئي جيڪا ملياڻي به هئي ٻارن کي قرآن پاڪ جو سبق ڏيندي هئي ۽ رات جو مونکي آکاڻيون ٻڌائي سڪون جي ننڊ سمهاريندي هئي. انهن محنتن جو نتيجو اوهان جي سامهون آهي.
    2سوال :پهرين تحرير ڪهڙي ڇپي ۽ ان وقت توهان جا تاثرات ڪهڙا هئا؟
    جواب. پهرين لکڻي ٻاراڻي رسالي باک ۾ نظم جي صورت ۾ ڇپي جيڪو ميرپور بٺوري مان شايع ٿيندو هو. پهرين لکڻي شايع ٿيئڻ وقت جيڪي احساس(تاثرات) مون محسوس ڪيا، شاديءَ جي ڏينهن جو احساس ۽ پهرين اولاد ۾ جڏهن پٽ غلام مرتضي جو جنم ٿيو ته سڀئي احساس (تاثرات) ساڳيا هئا.
    3سوال :- انهيءَ پهرين تحرير کان پوءِ توهان ادب جي ڪهڙين صنفن ۾ ڪم ڪيو، ٻارن لاء لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي، ڪهڙو ٻالڪ ادب جو ڪم ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل آهي؟
    جواب. پهرين لکڻي شايع ٿيئڻ کان پوءِ مون ڪافي نظم جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي ۽ آهستي آهستي نثرنويسي کي به وقت ڏنو پر مون ٻاراڻي ادب کي وڌيڪ ترجيح ڏني. مون ٻارن لاءِ ڪافي نظم لکيا آهن، اميد ته نظمن جو ڪتاب به منظر عام تي ايندو. باقي "ٻاراڻي ادب جو تجزيو " 2024ع تي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان اوهان جي هٿن تائين پهچي چڪو آهي. مون لکڻ جي شروعات ئي ٻارن جي ادب کان ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو عمل جاري آهي.
    4سوال :- توهان سنڌي ٻالڪ ادب جي ڪهڙي قلمڪار کان متاثر آهيو؟ ڪتابن ۾ يا تحريرن ۾ ڪهڙي خاص خوبي آهي؟
    جواب. مونکي ڪشنچند بيوس جي نظمن گهڻو متاثر ڪيو، اڪبر جسڪاڻي ۽ اسرار شام جي لکڻين ۽ ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ٻاراڻا مئگزين مددگار ثابت ٿيا.
    5سوال :- توهان ٻالڪ ادب جا تجزيا نگار آهيو ڇا توھان جي نظر ۾ هن وقت جيڪو ٻالڪ ادب سرجي رهيو آهي اهو وقتائتو شمار ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا اسان پاڪستان جي ٻين ٻولين جي جوڙ جو ٻارن جو ادب لکي رهيا آهيون؟
    جواب. مان هڪ ننڍڙو ماڻهو آهيان پر ٻاراڻي ادب تي پنهنجي مختصر راءِ ضرور رکندو آهيان. تجزيا نگار جي منهنجي حيثيت ڪونھي، ادب جي پهرين درجي جو شاگرد آهيان. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن لاءِ جيڪو ادب اشاعت ٿئي پيو اهو نالي ماتر آهي. ليکڪ پنهنجي وس وت آهر ٻاراڻو ادب شايع ڪرائي رهيا آهن جيڪو ڪجهه بهتر آهي. باقي سرڪاري ادارا الائي ڪهڙي سُتي پيئي سمهي پيا آهن. ملڪي ليول تي سنڌي ٻاراڻو ادب سست رفتاريءَ جو شڪار آهي. اهو ان لاءِ ته ادارن جا دروازا سنڌي ماڻهن لاءِ بند آهن. جيڪو ڪم ٿئي ٿو اهو سفارش کان بغير ممڪن ڪونھي.
    6سوال :- ڇا اڄ جو ٻار مطالعي کان پري نظر نٿو اچي، انهيءَ جا ڪهڙا سبب آهن. ٻاراڻي ادب جي کوٽ؟ استادن جي عدم توجهه ، والدين جي نظرداريءَ جو فقدان؟ اسان جو تعليمي سرشتو، اليڪٽرانڪ ميڊيا؟ يا ڪي ٻيا سبب توهان تفصيلي تجزيو ڏيو؟
    جواب. سڄو دارومدار نظام تي آهي جيڪڏهن نظام ۾ بهتري آهي ته سڀ پاسا بهتر کان بهتر ٿي سگهن ٿا. نظام ئي مڊو آهي ته پوءِ جديد کان جديد دور به اسان جي معاشري ۾ بهتري آڻي نه ٿو سگهي. جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته :"ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا" اهو ئي وڏو فقدان آهي اسان جي نظام ۾ . فقدان ان صورت ۾ ختم ٿيندو جڏهن اسان جو نظام بهتر هوندو. نوجوان هن وقت به پنهنجي ٻل تي پڙهي ٿو، صبح جي وقت اوهان لائبريرين ۾ وڃو اوھان کي ويهڻ لاءِ جڳھ نه ملندي. ان ظاهر آهي اسان جو ٻار نوجوان پڙهڻ گهري ٿو پر ان کي پليٽ فام ڪير مهيا ڪندو. ها ڪجھ ٻارن تي اليڪٽرڪ ميڊيا۽ موبائيل ڊوائيس ضرور پنهنجا اثر ڇڏيا آهن. وري به اها ئي ڳالهه ڪندس ته نظام کي بهتر ڪيو وڃي هر شيءَ پاڻ مرادو ٺيڪ ٿي ويندي.
    7سوال :- ٻارن لاءِ ڪو پيغام ڏيو؟
    جواب :- ٻارن کي پهريان پنهنجي مادري ٻولي سکڻ گهرجي ۽ ٻارن کي اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي جيڪو اوهان کي ڪجھ به سيکاري ٿو اهو اوهان جو استاد آهي جن قومن استادن جو قدر ڪيو اُهي دنيا جون مهذب قومون آهن.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو