ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (59)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (59)
    سائين جاني چوهاڻ صاحب
    ڳوٺ ڦتو چوهاڻ ديھ پاڪسنگهار تعلقو ۽ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين جاني چوهاڻ سان هڪ استاد هئڻ جي ناتي آفيس جي ڪمن ڪارين حوالي سان ملاقات ته رهي آهي. اسان هڪ ئي عرصي دوران بطور استاد نوڪري ڪئي آهي. سائين گذريل سال پنهنجي عمر عزيز جا 60 سال پورا ڪري نوڪري تان رٽائرڊ ٿي چڪا آهن. سلسلي لاء سائين پنهنجو تعارف لکي موڪليو آهي. جيڪو دوستن اڳيان پيش ڪجي ٿو.
    سائين جاني چوهاڻ ولد محمد رمضان چوهاڻ. سائين جو جنم 01 فيبروري 1963ع تي ڳوٺ ڦتو چوهاڻ ديھ پاڪسنگهار ۾ ٿيو. سندن تعلق ننڍي زميندار گهراڻي سان آهي. سندن پرائمري تعليم سندن ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ٿي. مڊل اسڪول تائين تعليم هاڻوڪي هاير سيڪنڊري اسڪول پر ان وقت جي مڊل اسڪول مبارڪ جروار ۾ ورتي. جڏهن مئٽرڪ تائين گورنمينٽ ايس ايم هاير اسڪول ٽنڊي الهيار ۾ پڙهيا. با تائين تعليم ايس ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار م حاصل ڪئي. سائين کي بطور پرائمري استاد نوڪري 19 مارچ 1983ع تي ملي. سائين جن جو پهريون اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول سومرو ميرجت، ٻيو اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول صاحب خان پتافي رهيو. سائين پرائمري اسڪول عالي شاھ ۽ پرائمري اسڪول ابراهيم ٿيٻو لڳ ڊاسوڙي ۾ تقريبن 10 سال ڊيوٽي ڪيائون. پنهنجي ڳوٺ ڦتو چوهاڻ پرائمري اسڪول ۾ 23 سال ڊيوٽي ڪري 31 جنوري 2023 تي مدت ملازمت پوري ڪري نوڪري تان رٽائرڊ ٿيا آهن. سائين جن مزاجب۾ يار ويس انسان آهن. سندن بطور استاد 40 سال نوڪري اٿن. هاڻ پنهنجي بقايا زندگي پرسڪون نموني گذاري رهيا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو