سنڌ جو (س) (ن) ۽ (ڌ)

2+sindhu+copy.jpg



سنڌ تنهنجي (س) سِينَ کي سيني ۾ سمايان
(ن) نُونُ تنهنجي نينهن جو نيڻن ۾ وَسايان
(ڌ) ڌالَ سان ڌرتي منجهان ڌارين کي ڌڪاريان
ديش لا ”درويش“ چَئي سُکُ ساهُ لُٽايان​
 
جواب: سنڌ جو (س) (ن) ۽ (ڌ)

ادا سچ چوان ته سنڌ تي اهڙي امر شاعري ڪڏهن ڪڏهن ئي پڙهڻ لاءِ‌ملي ٿي۔۔ توهان جي هن هڪ ئي شعر ۾ سنڌ جي لاءِ‌ شاهه لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز، جي نيڪ تمنائن وارن چيل شعرن جون جهلڪون ملن ٿيون۔۔
 
جواب: سنڌ جو (س) (ن) ۽ (ڌ)

درويش ادا شل جڙيو هجين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن ڪُفر ۽ ويري ماحول ۾ سنڌ سان سچائي ڪٿان سِکئين ۔۔۔
سنڌ سلامت، ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ جو (س) (ن) ۽ (ڌ)

ادا توهان جي وڏي مهرباني جو توهان اهڙي شاعري ونڊ ڪئي آهي،سنڌ بابت ڪيل شاعري جو انداز مڙوئي نئون لڳو۔ ۽ دل کي وڻيو، ڀاء اتوهان جي ان ونڊ ڪيل شاعري کي مون پنهنجي سسٽم جي ڊيسٽاپ جو حصو بڻايو آهي۔
 
جواب: سنڌ جو (س) (ن) ۽ (ڌ)

حقيقت پڇو ته درويش جي درويشيءَ وارو سنڌ سان نينهن نڀائڻ وارو سبق اڳ مون نه پڙهيو، تمام سهڻا خيال ۽ مجازي عشق جي وڏي منزل جتان ڪجهه عاشق ٽپي عشق حقيقيءَ تي وڃي پهچندا آهن ۔۔۔ دعا آهي ته رب اسانجي هن درويش کي سنڌ جي عشق ۾ مبتلا رکي ۽ اسانجي روح کي چهنڊڙيون پائيندو رهي ۔۔۔

اچو ته انهن خيالن کي عملي شڪل ڏئي سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪريون ۔۔۔
 
Back
Top