• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (60)

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
« ٻري جن ٻاري »
ٽنڊي الهيار ضلعي جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر ( 60 )
سائين حاجي محمد جمن ڪاڪيپوٽو صاحب ڳوٺ امين محمد ڪاڪيپوٽو نصرپور تعلقو ۽ ضلع ٽنڊوالهيار
تحرير :نم مھيسر

سنڌ ۾ تمام گهڻن حوالن سان سڃاڻپ رکندڙ ضلعو ٽنڊو الهيار جيڪو تيل ، گيس جي ذخيرن ، باغات ، زرعي زمين جي حساب سان يا علمي ۽ تعليمي حساب سان تمام زرخيز ۽ شاھوڪار خطو رھيو آھي . ان خطي ۾ بيشمار ناميارا استاد ۽ تعليمي ماھر پڻ پيدا ٿيا . انھن ناميارن استادن جي نالن جي لسٽ ۾ ھڪ نالو سائين حاجي محمد جمن ڪاڪيپوٽي جو به فخر سان ڳڻجي ٿو . مونکي ناز آھي ته آئون به سندس شاگردن ۾ شمار ٿيان ٿو . پاڻ قديمي ۽ سنڌ جي تاريخي شهر نصرپور جي ٽائون ڪميٽي جي نائين وارڊ جي ڳوٺ امين محمد ڪاڪيپوٽو ۾ حاجي جان محمد ڪاڪيپوٽي جي گھر ۾ 15 جون 1949 ع تي جنم ورتائون . ھن انتھائي شريف ، ماٺيڻي ، بااخلاق ، با ڪردار ۽ ٻاجھاري طبيعت جا مالڪ ، پنھنجي پرائمري تعليم ، پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري ، 1961ع ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصرپور ۾ داخل ٿيو . جتان پاڻ 1966ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون . اھڙي طرح گورنمينٽ City Arts College Hyderabad مان انٽر ميڊيئٽ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پرائيويٽ طور B A ۽ M A جو امتحان پاس ڪيائون . پاڻ پنھنجي پيشي جي لحاظ کان B.Ed جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيء مان ريگيولر پڙهي حاصل ڪيائين ۽ M.Ed جي ڊگري سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين .
سائين حاجي محمد جمن ڪاڪيپوٽو صاحب تعليم کاتي ۾ بطور پرائمري استاد جي 01 جون 1968ع تي ٽنڊو الهيار جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول گولو هاليپوٽي ۾ مقرر ٿيو . جتان ستت ئي کيس PTC جي ٽريننگ لاءِ ايليمينٽري ڪاليج دادو موڪليو ويو ، ٻن سالن جي ٽريننگ کان پوءِ پاڻ پھرين جون 1970ع ۾ فارغ ٿي موٽيا ۽ کين گورنمينٽ پرائمري اسڪول موج خان مھاجر ۾ مقرر ڪيو ويو . تقريبن 9 سالن تائين اتي ڳوٺ ۽ آس پاس جي علائقي واسين جي گلڙن جھڙن ٻارڙن کي تعليم جھڙي زيور سان آراسته ڪيائين . اتي سندس ڪيل خدمتن کي موج خان مھاجر ۽ آس پاس وارا ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگھندا . ڇو ته جيڪي ماڻھو پنھنجو وجود وساري قوم جي وجود کي عزيز رکن ٿا اھي ، محسن ۽ مھربان ماڻھو ڪڏهن به ڪنھن کان وسرندا ناھن .
ان کان پوءِ گورنمينٽ پرائمري اسڪول موج خان مھاجر مان کين ترقي ڏيئي گورنمينٽ مڊل اسڪول بلڙي شاھ ڪريم ۾ JST طور رکيو ويو . جتان وري 1980 ع ۾ بدلي ٿي نصرپور ھاءِ اسڪول ۾ آيا . پنجن سالن جي عرصي کان پوءِ کين گورنمينٽ مڊل اسڪول بڪيرا شريف ۾ انچارج ھيڊ ماستر طور مقرر ڪيو ويو . اتان 18 جنوري 1988 ع ۾ سندن HST طور پروموشن ٿي ۽ کين گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ رکيو ويو . جتان ڏيڍ سال کان پوءِ 1989 ع ۾ نصرپور ٻيھر بدلي ٿي آيا . جتي پاڻ تقريبن 20 سالن تائين نصرپور ۽ ان جي پسگردائيءَ جي غريب ۽ مسڪين شاگردن جي بھتر مستقبل لاءِ پاڻ کي ارپي سماج جي بھتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ پنھنجي دل و جان سان ڪردار ادا ڪيو . پاڻ نه رڳو ٻارڙن کي بھتر تعليم ڏني پر علم ادب جي ترقي ۽ ترويج سان گڏ پنھنجي شاگردن جي مثالي ڪردار سازي پڻ ڪيائين . پاڻ پنھنجي ڊيوٽي ھميشه ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ادا ڪندي ، 2009 ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول نصرپور مان رٽائرڊ ٿيا آھن .
ھي ٻاجھارو ، مھربان ۽ شفيق انسان ھن وقت پنھنجي رٽائرمينٽ واري زندگي گذاري رهيو آھي . اسان جي پنھنجي پالڻھار رب ڪريم جي بارگاه ۾ دعا آھي تہ کين تڪليفن ۽ مشڪلاتن کان دور رکي . مالڪ سائين شال سندن زندگي ۾ برڪت عطا ڪري ۽ ڪامل صحت عطا فرمائي ته جيئن پنھنجي باقي زندگي اطمينان ، سڪون قلب سان پنھنجي ٻاجھاري ۽ مھربان رب جي ذڪر فڪر ۽ بندگيءَ ۾ گذارين . آمين

Nim Mahesar
Nim Mahesar


SOLYgNI.jpeg


SOLYgNI.jpeg
 
Back
Top