"ٻري جن ٻاري" ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (61) سائين امام بخش جروار ڳوٺ مبارڪ جروار تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار تحرير : نذير احمد جروار خليلي ماضي ۾ جھاتي پائي ڏسبو ته ڳوٺ مبارڪ جروار ۾ ڪيترائي نامور استاد ٿي گزريا آھن انهن مان هڪ سائين محمد عيسي ا جروار صاحب جن به هئا. سائين هڪ بهترين استاد ٿي گذريا آهن. سائين محمد عيسي ا جروار صاحب جي فرزندن ۾ به سائين محمد اسلم جروار مرحوم ۽ سائين امام بخش جروار صاحب جن استاد پيشي سان منسلڪ رهيا آهن. سائين امام بخش جروار جو جنم 4 اپريل 1963 تي ڳوٺ مبارڪ جروار ۾ سائين محمد عيسئ جروار جي گھر ۾ ٿيو پاڻ سائين محمد عيسئ جا ٽيون نمبر فرزند آھن سندن بنيادي تعليم مسلم پرائمري اسڪول مبارڪ جروار ۾ ٿي. بعد ۾ مڊل اسڪول مبارڪ جروار داخلا ورتي جتان اٺون ڪلاس پاس ڪري اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون. ان کان پوء وڌيڪ تعليم انٽر ميڊئيٽ گورنمينٽ ايس ايم ڊگري ڪاليج ٽنڊوالهيار مان پاس ڪيائين. محترم سائين امام بخش جروار 24 آگسٽ 1982 ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيا سندن پهريون اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول مٺو جروار پرائمري هو. مٺو جروار کان پوء1985 ۾ پرائمري اسڪول بيگن جروار ۾ مقرر ٿيا جتان سال 1985 - 86 ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ٽريننگ لاء موڪليا ويا . ٽريننگ مڪمل ڪرڻ کان پوء کين گورنمينٽ پرائمري اسڪول شادمان جروار ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي بهتر نموني ٻارڙن کي تعليم ڏنائون. . سال 1989 ۾ کين بدلي گورنمينٽ ٿي پرائمري اسڪول مبارڪ جروار ۾ مقرر ڪيو ويو. سائين جن Bed ۽ Med جون پروفيشنل ڊگريون به سروس دوران حاصل ڪيون. سائين جن باقي سموري سروس گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪ جروار ۾ ڪئي. جتان 3 اپريل 2022 تي رٽائرمينٽ ورتائون . سائين امام بخش جروار جي ڪيل خدمتن جي ڪري کيس ياد رکيو ويندو Nazir Ahmad Khalili