ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (62)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏30 جولائي 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (62)
    سائين محمد سرور آرائين
    اڳوڻو هيڊ ماستر گورنمينٽ هاء پاڪسنگهار تعلقه چمبڙ ضلع ٽنڊوالهيار.
    تحرير : عبدالله جروار

    ٽنڊي الهيار ضلع جي ناميارن استاد صاحبان جو ذڪر ڪجي سموار استاد قابل احترام آهن. جن پنهنجو نور نچوئي نئين نسل کي علم جي روشني عطا ڪئي. اهڙن ئي استادن ۾ سائين محمد سرور آرائين صاحب پڻ آهن.
    سائين محمد سرور آرائين ولد شير محمد آرائين صاحب جن جو جنم 28 جنوري 1954ع م ٽنڊي الهيار م ٿيو سندن والد بني باري جي ڪم ڪار سان ڪنهن زميندار جو مئنيجر پڻ هو. سائين سرور صاحب جن پرائمري تعليم مسڻ وڏي جي پرائمري اسڪول م حاصل ڪئي. جتان 1967ع ۾ پنجون ڪلاس پاس ڪري اسلاميه هاء اسڪول مسڻ وڏي م داخل ٿيا. جتان سال 1972ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائون. جنهن کان پنهنجي تعليم جاري رکيائون. سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ۽ ايم اي سان گڏ ايل ايل بي جو امتحان پڻ پاس ڪيائون. سال 1975ع ۾ ميرٽ انٽرويو تحت کين جونيئر انگلش ٽيچر طور نوڪري جو آرڊر مليو. جنهن تحت گريڊ نائين م تاريخ 25 فيبروري 1975ع م جوائننگ ورتائون. پنهنجي پروفيشنل تعليم پڻ جاري رکندي بي ايڊ ڪيائون جنهن تي کين سال 1987ع م ايڇ ايس ٽي استاد طور پروموشن مليو. سال آگسٽ 2007ع ۾ کين گريڊ 17 م هيڊ ماستر طور پروموشن مليو. جنهن موجب گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاڪسنگهار جا هيڊ ماستر مقرر ٿيا. سنڌ تعليم تربيت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس، سنڌ لا ڪاليج مان ٿي. نوڪري دوران ڪيترن ئي اسڪولن بطور استاد خدمتون سرانجام ڏنيون. جن م گورنمينٽ خالد. ميموريل هاء اسڪول حيدرآباد، مسلم هاء اسڪول حيدرآباد، نور محمد هاء اسڪول حيدرآباد، گورنمينٽ هاء اسڪول هٽڙي، هاء اسڪول چمبڙ ، گورنمينٽ پراونشلائيزد هاء اسڪول ٽنڊو الهيار ، گورنمينٽ هاء اسڪول دارالعلوم ٽنڊوالهيار شامل آهن. هيڊ ماستر طور سمورو عرصو گورنمينٽ هاء اسڪول پاڪسنگهار ۾ رهيا. سواء ڪجھ مهينن جي جن م سائين کي گورنمينٽ هاءِ سلطان آباد موڪليو ويو هو. پاڻ بهترين منتظم هئڻ ڪري ستن سالن جي عرصي تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاڪسنگهار کي ڪاميابي سان هلايائون. جنهن تي ان وقت جا استاد صاحبان ۽ شاگرد کين اڄ به ياد ڪن ٿا. سائين جن 27 جنوري 2014 ع تي هيڊ ماستر گورنمينٽ هاء پاڪسنگه
    [​IMG]
    ار طور پنهنجي عهدي تان رٽائرڊ ٿيا. سائين جن بهترين استاد رهيا آهن. ڳچ عرصي کان ساڻن رابطو نه رهيو آهي.

    مددي ڪتاب
    روشني جو سفر
    ليکڪ: سائين منظور جروار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو