"ٻري جن ٻاري " ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (63) محترم حاجي عبدالحڪيم جروار صاحب اڳوڻو سينيئر هيڊ ماستر ايس ايم هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار تحرير : حنيف جروار سنڌ اھا مردم خيز زمين آهي جنھن جي خوشبو ۽ مٽي مان ھر وقت اهڙيون عظيم هستيون جنم وٺن ٿيون جنھن پنهنجي علمي ادبي مذهبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن انهن مان عبدالحڪيم جروار صاحب بہ هڪ آهن سندس تعلق معزز خاندان مان آهي سندس وڏڙا زميندارن مان هڪ وڏا زميندار آهن راڄن ۾ پنهنجي قوم کان سواء ٻين قومن سان بہ اٿي ويٺي تمام گهڻي آهي عبدالحڪيم صاحب جو جنم 10 جنوري 1964ع ڌاري ٽنڊوالهيار شهر کان ڏکڻ طرف 15 ڪلوميٽرن تي نزد بڪيرا شريف ڳوٺ الله بخش جروار ۾ ٿيو سندس والد صاحب جو نالو حاجي محمد موسي جروار آهي پاڻ زميندار گهراڻي جا هئڻ ڪري سندس پرورش نهايت لاڏ ڪوڏ سان ٿي ننڍپڻ کان ئي نيڪ سيرت ، سادا ۽ سچ جا ساٿاري رهيا آھن خانداني اثر ھئڻ ڪري عام ڀلائي جي ڪمن ۾ ۽ سخاوت بہ سندن ڄڻ ورثي ۾ مليل آهي لاڏلي عبدالحڪيم صاحب کي شروعاتي تعليم لاءِ پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ڇڏيو ويو مڊل جي تعليم صاحب خان جروار ڳوٺ جي مڊل اسڪول مان پرايائين وڌيڪ تعليم لاءِ لاڙ جي سرسبز پٽ جو مشهور اسڪول گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيد پور ضلعو بدين ۾ ڇڏيو ويو انٽر سائنس جي تعليم بہ اتان ئي حاصل ڪيائين وڌيڪ محنت جفاڪشي ۽ لگن سان B.SC, M.A , M.Ed جي ڊگري سٺن نمبرن سان پاس ڪيائين قرآن مجيد ڳوٺ جي مسجد ۾ مولوي محمد رحيم جروار صاحب کان پڙهي پورو ڪيائين عبدالحڪيم جروار صاحب کي 1980 ڌاري مائٽن شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌرائي ڇڏيو سندس نڪاح مولوي قمر الدين برفت جن پڙهايو رب طرفان ٽن پٽن ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو جروار حڪيم صاحب 1986ع ۾ پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ پير رکيو سندس پهريون اسڪول گورنمينٽ پرائمري مسجد اسڪول شير خان لُنڊ پيارو لنڊ هو تعليم کاتي مان ترقي حاصل ڪري 1992ع ۾ HST طور گورنمينٽ مڊل اسڪول بلوچ چڪ ڊسٽرڪٽ بدين ۾ 6 مهينا پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون اتان کان بدلي ٿي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪ جروار ، بڪيرا شريف پوءِ سپر وائيزر طور پرائمري ايجوڪيشن ٽنڊوالهيار ۾ 4 سال رهيا جروار صاحب 2018 ع کان 2023ع تائين TEO پرائمري ميل تعلقا چمبڙ مقرر ٿيا تعليم کاتي مان وڌيڪ ترقي ماڻي پاڻ ڊپٽي D.E.O پرائمري ٽنڊوالهيار پوءِ ڊپٽي D.E.O هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار طور ڪم ڪيائين تعليم کاتي ۾ 19 گريڊ ۾ ترقي ماڻي سينيئر هيڊ ماستر سِنڌ جي نالي واري اسڪول گورنمينٽ سنڌ ماڊل اسڪول ٽنڊوالهيار ۾ مقرر ٿيا جتي هن ايمانداري ۽ خلوص سان پنهنجا فرائض انجام ڏيندا رهيا مثالي اسڪول بنائڻ لاءِ ھر وقت جاکوڙ ڪندا رهيا محترم عبدالحڪيم صاحب جو تعليمي سفر هڪ مثالي اُستاد کان شروع ٿيو هڪ بهترين ايڊمنسٽريٽر جي عھدي تائين پڄاڻي کي پهتو آهي پاڻ تعليم کاتي ۾ پنهنجي سروس پوري ڪري اڄ 9 جنوري 2024 تي رٽائر ٿيا آهن. جروار صاحب پاڻ هڪ تعليم دوست اُستاد دوست شفيق سڀاء جي مالڪ ھميشہ استادن توڙي هيٺين اسٽاف لاء ڇپر ڇانو ٿي رهيا آهن کيس ﺩﻝ جي گهراين سان اجيا ڪيون ٿا تہ سائين ھميشہ کلندا ۽ مهڪندا رهن عبدالحڪيم صاحب هر ڪنهن سان کلي ملندڙ طبيعت وارو سدائين مرڪندڙ چهري سان نظر ايندو آهي وري مزاج ۾ بہ مٺو مصري جھڙو جروار صاحب فقيري طبيعت سبب کيس فقرائي ڪمن ۾ گھڻي دلچسپي ۽ علم لاء گهڻي چاھ رکندڙ آهي منجھس خداپرستي ۽ ديانت داري جا ڳڻ بهادري ۽ وفاداري جون خاصيتون موجود اٿس سائين جن دل جا تمام صاف ۽ پڪا صوفي آهن ھر انسان لاء ڀلو چاهيندڙ ۽ مظلومن سان هر وقت ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي رهندا آهن سندن لاڳاپا وسيع ۽ انوکا آهن جن ۾ امير، غريب ، عالم ، فقير ، ملنگ ، پير، مير ، سرڪاري عملدار ۽ راڄن جا چڱا مڙس وغيرھ سندس گهر ۾ علمي ادبي سماجي ماحول جي ڪري هن صاحب تي وڏو اثر ٿيو هن ادبي ميدان ۾ شاعري جي صنف تي تمام گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي سندس دل کي ڇوھيندڙ شاعري قلمي نسخي ۾ موجود آهي جروار حڪيم صاحب لاء اسان سڀني جي دعا آهي ته رب پاڪ اڃا وڏي ڄمار عطا فرمائي ۽ هميشہ خوش ۽ آباد رکي آمين Hanif Jarwar Jarwar Abdul Hakeem