"ٻري جن ٻاري" ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (64) سائين مير محمد صديق ٽالپر مرحوم درگاھ پاڪسنگهار ضلع ٽنڊوالهيار تحرير : نذير احمد جروار خليلي سنڌ ڌرتي جي سرسبز ۽ شاداب علائقي ٽنڊوالهيار جي ڌرتي پنهنجي ڪک مان انمول هيرن جهڙا انسان پيدا ڪيا آھن. اهڙن انمول انسانن مان درگاھ پاڪسنگھار جي ڳوٺ مير احمد خان ٽالپر ۾ مير امام بخش ٽالپر جي گھر ۾ 8 مئي 1962ع تي جنم وٺندڙ محترم سائين محمد صديق به هڪ آھي. سائين محمد صديق ٽالپر شروعاتي تعليم 1973ع ۾ پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ان بعد اٺون ڪلاس مبارڪ جروار جي مڊل اسڪول مان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم اسلاميه هاء اسڪول مسڻ مان ورتائين ان بعد انٽر جو امتحان SM ڊگري ڪاليج ٽنڊوالهيار مان پاس ڪري وڌيڪ تعليم BA 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. سائين جن کي 7 اپريل 1983ع تي بطور پرائمري استاد مقرر ڪيو ويو سائين جن جو پهريون اسڪول الھ رکيو پٺاڻ عثمان شاھ ھڙي هيو جتي پاڻ اچڻ وڃڻ جي سواري جي بندوبست نه هئڻ ڪري اتي رهائش اختيار ڪئي. سال 1984۾ سندن بدلي ڪري سندن ڳوٺ پرائمري اسڪول مير احمد خان ۾ مقرر ڪيو جتي پاڻ محنت سان پڙهائڻ ۾ مشغول رهيا. سائين محمد صديق ٽالپر1986/87ع تي ٽرينگ ڪاليج فار مين حيدر آباد مان PTC جو امتحان پاس ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ ۾ مقرر ٿيا. پاڻ تمام ساده محنتي ۽ نفيس انسان هئا سندن محنت سبب اڄ به سندس شاگرد وڏن عهدن تي ڪم ڪندڙ آھن. سائين جن کي 1995ع تي بدلي ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول درگاه پاڪسنگھار تي مقرر ڪيو ويو جتي پاڻ پنهنجي نفيس طبيعت سبب پنهنجو مقام پيدا ڪيو.ان بعد کيس وري پرائمري اسڪول مير احمد خان ۾ مقرر ڪيو ويو . سائين محمد صديق ٽالپر ڪجھ وقت ڦتو چوهاڻ ۽ پرائمري اسڪول وسايو ڪالرو ۾ پڻ ڊيوٽي سرانجام ڏني. جتان کين بدلي ڪري گورنمينٽ مسجد اسڪول جاڙو چوهاڻ ۾ 2004 ۾ مقرر ڪيو ويو جتي پاڻ پنهنجو فرض ايمانداري سان نڀائيندا رهيا. ڊيوٽي دوران سائين جن 3 مئي 2014 تي ڪجھ وقت بيمار رھڻ کان پوء پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا. الله پاڪ سائين محمد صديق کي جوار رحمت ۾ جاء عطا فرمائي (آمين)