"ٻري جن ٻاري" ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (65) سائين عبداللطيف ڪنڀار مرحوم شهر چنبڙ ضلع ٽنڊوالهيار تحرير : سليم عارف ڪنڀار سائين عبد اللطيف "عابد" ڪنڀار، چمبڙ شھر جي پراڻن ۽ اصلوڪن باشندن مان ھڪ ھو. سائين عبد اللطيف جي والد محترم جو اسم گرامي محمد موسيٰ ڪنڀار ھو. سائين جي جنم جي تاريخ 05 جنوري 1935ع آهي. سائين عبد اللطيف جا ٻہ ڀاءُ ٻيا بہ ھئا. ھڪ سائين عبدالڪريم ۽ ٻيو حڪيم عبدالرحمٰن. سائين عبداللطيف چنبڙ شھر جي فائنل پاس ماڻھن ۾ شمار ٿئي ٿو، سائين 1950ع ۾ ڦاٿل پاس جو امتحان پاس ڪيو. پاڻ پرائمري استاد ھئا، 1951ع بحيثيت پرائمري استاد جي گ. پ. اسڪول مسڻ ۾ سندن مقرري عمل ۾ آئي. 1953ع ۾ اسڪائوٽنگ جو ڪورس ڪيائون ۽ 1955ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان S. G جي تربيت ورتائون. جنھن بعد 1958ع کان رٽائر ٿيڻ تائين سندن نوڪري جو تمام عرصو گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي احمد ھاشماڻي ۾ گذريو. 05.01.1981 تي سائين انھيء اسڪول مان رٽائرمينٽ ورتي. ان کان سواءِ سائين عبداللطيف رازڪي ڪم جو پڻ ڀلو ڪاريگر ھو، مون بذات خود ساڻس مزدور جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. سائين محبتون ڏيندڙ ۽ محبتون ونڊيندڙ خوش مزاج انسان ھو. سائين عبداللطيف ڊرائنگ جو پڻ ماھر ھو، سندس اکر يعني لکائي تمام خوبصورت ھوندي ھئي. سندس اسڪول خوبصورت ۽ رنگا رنگ ھٿ سان لکيل ۽ رنگين گلڪاري سان ٺھيل چارٽن سان سينگاريل ھوندو ھو. جتي سائين پاڻ ھڪ محنتي استاد ھو، اتي سندس شاگرد پڻ ذھين ۽ ھوشيار ھئا. سائين عبداللطيف "عابد" ناليوارن استادن مان هڪ هو. پاڻ روزي نماز جا پابند ھئا، اسان جي پاڙي جي مسجد ۾ پيش امام ۽ خطيب طور 1955ع کان 2005ع تائين يعني 50 سال خدمتون سرانجام ڏنائون ۽ جمع جي ڏينهن جو خطبو بہ سائين پاڻ پڙھندو ھو. ڪجھ زمانو عيد جو خطبو بہ سائين پڙھندو ھو. سندس انداز خطابت ۽ تلاوت جو لھجو تمام دلڪش ۽ شيرين ھوندو ھو. سائين عبد اللطيف ڪنڀار ٽنڊي سائينداد جي سرھندي پيرن جو مريد هو، 1950ع ۾ قبلا سائين حضرت عبد ﷲ جان سرھندي رحمت ﷲ عليه جي دست بيعت ٿي مريدي اختيار ڪئي. سائين عبد اللطيف جي 1965ع ۾ شادي ٿي جنھن مان ﷲ پاڪ سائين کي چئن پٽ ۽ پنجن نياڻين جو اولاد عطا فرمايون. جن مان وڏو پٽ عبد الحميد پرائمري استاد آهي ۽ سندس وڏي نياڻي ڪنري گرلس ھاء اسڪول جي ھيڊ مسٽريس آهي. سائين عبداللطيف "عابد" ڪنڀار لباس ۾ سفيد رنگ جي پوشاڪ جو استعمال ڪندا ھئا ۽ اڪثر ململ جو پھراڻ پھريندا ھئا ۽ سائين ڪڏهن بہ مٿو اگھاڙو نہ ڪيو، سدائين سندن مٿو ٽوپي يا چوڪور ننڍي ٽوال سان ڍڪيل ھوندو ھو. پاڻ تمام نازڪ مزاج جا نفيس انسان ھئا. سندن باريش خوبصورت چھري تي سدائين مسڪراھٽ نمايان ھوندي ھئي، پاڻ تمام سادي طبيعت جا نيڪ ۽ صالح انسان ھئا. سائين عبد اللطيف "عابد" 23 مئي 2009ع تي ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرام گاه "ٿرين جو مقام چنبڙ ۾ آهي. ﷲ رب ڪريم سائين عبد اللطيف" عابد " مرحوم سان آساني ۽ رحم جو معاملو فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين. Saleem Arif Kumbhar