ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (66)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (66)
    سائين عمرالدين جروار صاحب
    اڳوڻو هيڊ ماستر گورنمينٽ پرائمري اسڪول بيگن جروار تعلقه چنبڙ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : نظير احمد جروار

    ضلعي ٽنڊوالهيار جي سرسبز ۽ شاداب علائقي بيگن جروار ۾ ڪيتريون ئي نالي واريون شخصيتون پيدا ٿيون آھن . انهن مان سائين عمرالدين جروار به هڪ آھي.
    پاڻ 15 جنوري 1959ع ۾ ڳوٺ بيگن جروار جي باگاڻي پاڙي ۾ محترم يار محمد جروار جي گھر ۾ جنم ورتو.
    پاڻ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميمڻ محلا ٽنڊوالهيار مان حاصل ڪئي . مئٽرڪ جو امتحان پرونيشنلائيز هاء اسڪول ٽنڊو الهيار مان پاس ڪيائين. انٽر گورنمينٽ SM ڊگري ڪاليج ٽنڊوالهيار مان پاس ڪيائين . سائين جن BA ۽ MA جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان مڪمل ڪئي .سائين جن کي تعليم جي پيشي سان محبت هئڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي شوق سبب پاڻ 23 آگسٽ 1982 تي پرائمري استاد طور مقرر ٿيا. سندن پهريون اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول شادمان جروار آھي جتي پاڻ ايمانداري سان تعليم ڏيندا رهيا. جتان کين بدلي ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول بيگن جروار ۾ مقرر ڪيو ويو. جتان Ptc جي ٽرينگ لاء 1985ع ۾ گورنمينٽ ٽرينگ ڪاليج فارمين حيدرآباد روانا ٿيا. جتان ٽرينگ مڪمل ڪري1986ع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ مقرر ٿيا جتان بدلي ٿي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مير احمد خان ٽالپر ۾ مقرر ٿيا جتي پاڻ پنهنجو فرض ايمانداري سان سر انجام ڏيندا رهيا. پاڻ ڪجھ وقت جرار ٿيٻو پرائمري اسڪول ۾ به رهيا. پاڻ 2001 کان 14 جنوري 2019 ۾ رٽائر ٿيڻ تائين گورنمينٽ پرائمري اسڪول بيگن جروار ۾ هيڊ ماستر طور فرض سر انجام ڏيندا رهيا.
    سائين عمرالدين نيڪ نمازي فرض شناس استاد آھن ڌڻي در دعا آھي ته الله پاڪ کيس صحتيابي واري وڏي زندگي عطا ڪري آمين.

    Nazir Ahmad Khalili
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو