ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (67)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري "
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (67)
    سائين محمد مٺن ملاح صاحب
    رٽائرڊ ڊرائينگ ٽيچر ٽنڊو غلام علي.
    تحرير : عبدالله جروار

    سائين محمد مٺن ولد محمد صديق ملاح ٽنڊو غلام علي ۾ 25 آڪٽوبر 1948ع تي جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو غلام مان حاصل ڪيائون. جڏهن ته مئٽرڪ جو امتحان سال 1966ع ۾ گورنمينٽ ڊي سي هاء اسڪول مان پاس ڪيائون. جنهن بعد ڪافي کاتن مان نوڪري جي ڪوشش ڪيائون خاص طور پوليس کاتي ۾ سندن دلچسپي هئي. پر خبر ناهي ڪهڙي ڪارڻ خاطر سائين کي اها نوڪري نه ملي سگهي. سائين مٺن ملاح ساوجن 11 جنوري 1974ع ۾ انٽر گريڊ ڊرائنگ امتحان پاس هئڻ تي کين تعليم کاتي ۾ بطور ڊرائنگ ٽيچر طور نوڪري ملي. جنهن بعد پنهنجي پروفيشن سان دلچسپي هئڻ ڪري ايم ڊي ( ماسٽر آف ڊرائينگ) جو ۽ ڊي ٽي سي جو ڪورس فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائون. سندن ان تعليم جو ذريعو بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽنشن ونگ ڄامشورو ۽ سنڌ يونيورسٽي بڻيا. سائين مختلف اسڪولن تي پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏني جن ۾ مڊل اسڪول ٺري نظاماڻي تلهار ، گورنمينٽ هاء اسڪول پاڪسنگهار ضلع ٽنڊوالهيار ، گورنمينٽ هاء اسڪول ماتلي. گورنمينٽ هاء اسڪول ٽنڊو غلام علي، گورنمينٽ هاء اسڪول چمبڙ ۾ ڊرائنگ ٽيچر طور بهترين ڪم ڪيائون.
    سائين محمد مٺن ملاح صاحب جن کي اسڪائوٽنگ سان گهڻي دلچسپي رهي آهي. جنهن ڪري ضلع بدين جا بهترين اسڪائوٽ ليڊر رهيا آهن. اسڪائوٽ ۾ پاڻ اسسٽنٽ ALT پاس هئڻ کين اسڪائوٽنگ ۾ کين بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو موقعو مليو. جنهن جي مڃتا طور سال 2004ع ۾ ان وقت جي پاڪستان جي صدر پرويز مشرف صاحب کين صدارتي ايواء براء حسن ڪارڪردگي سان نوازيو. جيڪا هڪ استاد جي حيثيت سان سائين مٺن ملاح صاحب جن جي ڪم جي شاندار مڃتا هئي.
    سائين محمد مٺن ملاح صاحب جن کي گورنمينٽ هاء اسڪول ماتلي توڙي ٻين اسڪول بهتر ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. سائين جن 24 آڪٽوبر 2008ع تي گورنمينٽ هاء اسڪول ٽنڊو غلام علي مان بطور ڊرائنگ ٽيچر گريڊ 17 ۾ رٽائرڊ ٿيا.
    سائين مٺن جن انهن زنده دل انسانن مان آهن. جن مايوسي ۾ همت نه هاري اٿن. وڏي عمر هوندي سندن جذبا جوان آهن. سائين جون سرگرميون فيس بوڪ تي نظر اينديون آهن. الله پاڪ کين سٺي صحت ۽ وڏي حياتي عطا فرمائي آمين.
    هي اسان هن معاشري بهترين مثالي استاد آهن جن جو قدر ڪرڻ گهرجي. سائين جا ڪيترائي شاگرد ٽنڊي الهيار توڙي بدين ضلعن مان موجود آهن. جيڪي سائين جي تعليم علم، همدري ۽ اورچائي جي تعريف ڪن ٿا.

    (سائين مٺن ملاح صاحب جن کي گذارش آهي پروفائيل ۾ ڪافي رهجي ويو هونديون جي موڪلڻ چاهين ته هن پروفائيل ۾ ايڊ ڪيون وينديون)

    سائين محمد مٺن ملاح جن بابت ڪجھ مواد سائين منظور احمد جروار صاحب جن جي لکيل ڪتاب
    "روشنيءَ جو سفر"
    پنجاھ سالہ ڪارڪردگي
    مڊل / هاء اسڪول پاڪسنگهار تان ورتل آهي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو