ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (68)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏14 آگسٽ 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (68)
    سائين لياقت علي رند صاحب
    ڳوٺ بيگن جروار تعلقه چنبڙ ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : نظير احمد جروار

    محترم مانوارا استاد سائين لياقت علي رند
    سنڌ سونهاري ۾ ڪيترن ئي نالي وارن استادن جنم ورتو جن مان محترم سائين لياقت علي رند صاحب پڻ هڪ آھي. سائين جو جنم 12 نومبر 1959ع ۾ ڳوٺ بيگن جروار ۾ ٿيو.
    پاڻ پرائمري تعليم مسلم اسڪول مبارڪ جروار مان1970ع ۾ مڪمل ڪري اٺون ڪلاس مڊل اسڪول مبارڪ جروار مان پاس ڪيائون جيڪو هن وقت هائر سيڪنڊري اسڪول آھي. ان بعد تعليم جاري رکندي اسلاميه هاء اسڪول مسڻ مان مئٽرڪ جو امتحان 1975ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر گورنمينٽ SM ڊگري ڪاليج ٽنڊوالهيار مان پاس ڪري , BA ۽ MA جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين.
    سائين جن کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان چاھ ھئڻ جي ڪري پاڻ 16 جنوري1983ع ۾ پرائمري استاد طور گورنمينٽ پرائمري اسڪول جيوڻ لغاري ۾ ڊيوٽي جوائن ڪيائون. جتي پاڻ ڪجھ مهينا ڊيوٽي ڪيائون.ان بعد کيس پرائمري اسڪول مبارڪ جروار ۾ 1983ع ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي پاڻ محنت ۽ ايمانداري سان فرض ادا ڪندا رهيا. ان بعد کين بدلي ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول شادمان جروار ۾ 1985ع ۾ مقرر ڪيوويو . جتان پاڻ PTC جي ٽرينگ لاء 1986/87ع ۾ ٽرينگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ويا سائين نهايت سنجيده سادگي پسند آھن. پاڻ Bed جي ڊگري علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. ٽرينگ مڪمل ڪرڻ کان پوء پاڻ گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪ جروار ۾ مقرر ٿيا. سائين کي علم ۽ ادب سان لڳاء ھئڻ جي ڪري پاڻ اديبن سان رهاڻيون ڪندا رهن ٿا. جن مان اهل علم دوست حيدر علي لغاري شمس الدين عرساڻي ڪامريڊ لکانو خاصخيلي ۽ محمد خان جروار شامل آهن. علم جي چاهت سبب پاڻ پنهنجي گھر ۾ هڪ لئبرري پڻ تيار ڪئي اٿس جنهن ۾ هر قسم جا ڪتاب رکيل آھن. سائين ڪجھ وقت پرائمري اسڪول ڪامارو وليج ۾ پڻ رهيا.سائين پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ادا ڪندا رهيا. سائين جن جو 2006ع ۾ پروموشن ٿيو پاڻ مبارڪ جروار هاء اسڪول ۾ HST طور فرض نڀائيندا رهيا. 10 نومبر 2019 تي حياتي جا 60 ورهيه مڪمل ڪري مبارڪ جروار هاء اسڪول مان رٽائرمينٽ ورتي. ڌڻي در دعا آھي ته الله پاڪ سائين کي صحت واري وڏي زندگي عطا ڪري آمين

    Nazir Ahmad Khalili
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو