ڳاڙو چنڊ صبح ٿيندي، ته شام به ٿيندي، ايئن ٿيندو، ته اُها به ايندي، وٺي ان جي هٿ کي، ويھاري ڪناري تي، منھنجو دل ويندو، ان جي ساهہ ويندي. جڏهن صبح ٿيندي. ڪڏهن اُها ڍَپندي، ڪڏهن ڍُڪندي ايندي، مُرڪندي نيھاري، سدائين پَچار ڪندي، ڳوڙااکين جا، ڳاڙي چنڊ کي ٻوڙيندي، جڏهن ساڻان سان، شام به ٿيندي. صبح مَ اُماڻيندي، ته شام ڳڻتين ۾گزاريندي، هرهرسندس رخ ۽ لاڙا، واٽ ڏي نھاريندي، پَسِي ڄام کي، مرڪي هر هر نيھاريندي، تڏهن صبح ٿيندي، تڏهن شام به ٿيندي. (ڄَاموٽ)