ڀنڀور بابت مختصر ڄاڻ ۽ گهمڻ جو شوق رکندڙن لاءِ ڪجهه صلاحون

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ امين جويو طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2024۔

  1. امين جويو

    امين جويو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2024
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڀنڀور بابت مختصر ڄاڻ ۽ گهمڻ جو شوق رکندڙن لاءِ ڪجهه صلاحون


    امين جويو

    سَسُئي جي حوالي سان مشهور ماڳ ڀَنڀور ، ڪراچيءَ کان چاليهارو کن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مُک قومي شاهراهه ڀَرسان موجود آهي . سنڌ جي تاريخ جا ڪجهه ڄاڻو ڀَنڀورَ کي ديبل يا ديول پڻ چوندا ۽ لکندا آهن ، پر هتي ان بحث ۾ پوڻ بجاءِ ڀَنڀور جي هاڻوڪي صورتحال ، اهميت ۽ اتي موجود شين بابت ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي.

    پاڪستان ، فرانس ۽ اِٽلي جي آرڪيولوجي وارن جي گڏيل ٽيم جي تحقيقي رپورٽن مطابق ڀنڀور جو قديم قلعي بند شهر قبل مَسيح کان وٺي موجود هو ۽ اِهو سنڌ جو هڪ مشهور واپاري مرڪز هو. هتي ٻين قيمتي وَکرن جي وَڻج واپار سان گڏ ، دل کي وِندرائڻ جو هر اهو سامان موجود هوندو هو جيڪو ان دور جي مشهور بندرن ۾ عام جام ملندو هو.

    سنڌ جا ڪجهه ڏيهي وِدوان ۽ ڀُونءِ وِگيان چون ٿا ته سَسُئي جو شهر ڀَنڀور رڳو ”ڀَنڀور“ ئي آهي ۽ ان جو ديبل يا ديول سان ڪو به واسطو نه آهي ، ڇاڪاڻ ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي رِسالي ۾ ڪيترائي ڀيرا ”ڀَنڀور“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي ، جڏهن ته سندن رسالي ۾ ڪٿي به ديبل يا ديول جو لفظ لکيل ئي نه آهي!.

    بهرحال ڀَنڀور ۾ هن وقت هر اُها سهولت موجود آهي ، جيڪا ڪنهن به سٺي تاريخي ماڳ تي هئڻ گهرجي.

    1. ڀَنڀورَ ۾ هڪ بهترين مِيوزيم موجود آهي ، جتي آرڪيولوجي ماهرن پاران مختلف وقتن ۾ ڪيل کوٽائيءَ منجهان مليل لاڌِ رکيل آهي ۽ گڏو گڏ ان بابت لاڳاپيل ڄاڻ به سنڌي ، اڙدو توڙي انگريزي ٻولين ۾ لکيل آهي.

    2. ميوزيم کان سواءِ ڀَنڀورَ جو قديم قلعي بند شهر ۽ آرڪيولوجي جي ماهرن پاران ڪيل کوٽائين وارا هنڌ پڻ ڏسڻ وٽان آهن ، جن کي ڏسي سَياحن کي سٺي ڄاڻ حاصل ٿيندي آهي.

    3. ڀَنڀورَ ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست پڻ ٿي سگهي ٿو ، تنهن ڪري سَياحن کي ڪنهن به قسم جو اُلڪو نه ڪرڻ گهرجي ۽ کين بي اونو ٿي ڀَنڀورَ جي ياترا لاءِ اُسهڻ گهرجي.

    4. ڀَنڀورَ ۾ سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي پاران ڪجهه ملازم پڻ رکيل آهن ، جيڪي سَياحن کي ماڳ بابت اهم ڄاڻ ڏيڻ سان گڏو گڏ کين ڀَنڀورَ بابت ڇپيل بروشر پڻ ڏيندا آهن.

    5. . ڀَنڀورَ تي تحقيق ڪرڻ جو شوق رکندڙن ، تاريخ ، جيوگرافي ، ميوزم ، قديم آثارن ، جيولوجي ، آرڪيولوجي، ائنٿروپولوجي ، آرٽ ، آرڪيٽيڪچر ۽ سنڌ جي لوڪ ڪٿائن ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي ڀَنڀورَ جو ڀيرو ضرور ڀَڃڻ گهرجي.

    6. ڀَنڀورَ تي وِڊيو ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ ، وِي لاگ ٺاهڻ يا ڦوٽو گِرافي جو شوق رکندڙن کي اتي موجود سرڪاري نمائندن کان اڳواٽ اجازت وٺي ، پوءِ اهو شوق پورو ڪرڻ گهرجي.

    سنڌ حڪومت جي سَياحت ، قديم آثارن ۽ ثقافت کاتي لاءِ ڪجهه اهم صلاحون

    1. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڀَنڀورَ ڀرسان يا مُک قومي شاهراهه تي عالمي سَطح جو هڪ هوٽل تعمير ڪرائي ته جيئن ، ٻاهرين ملڪن منجهان ايندڙ سَياح اتي رهائش اختيار ڪن ، جنهن جو فائدو ظاهر آ .. سنڌ حڪومت ۽ مقامي ماڻهن کي ٿيندو.

    2. سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي کي ڀَنڀورَ کي يُونيسڪو وارن جي ” ورلڊ هيريٽيج سائيٽس “ واري لِسٽ ۾ شامل ڪرائڻ گهرجي ، ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ هاڻ اُتي اُهي سڀ سهولتون موجود آهن ، جيڪي ڪنهن به ورلڊ هيريٽيج سائيٽ تي هونديون آهن.

    3. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ، گهاري شهر ۾ مُک قومي شاهراهه تي موجود زيبسٽ يونيورسٽيءَ وارن سان لَهه وِچڙَ ۾اچي هڪ ” تحقيقي اِدارو “ قائم ڪري ، جيڪو ڏيهي توڙي پرڏيهي شاگردن ڀَنڀورَ تي تحقيق ڪرڻ ۾ مدد ڪري ۽ سَهولتون به مُهيا ڪري ڏئي.

    4. جيئن ته ڀَنڀورَ واري سائيٽ تمام گهڻي ايراضي تي ڦهليل آهي تنهن ڪري سنڌ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته اتي سَياحن جي ويهڻ لاءِ مناسب مقدار ۾ سيمينٽ واريون يا ڪاٺ سان ٺهيل بينچون ٺهرائي ۽ کين سائيٽ اندر ڇَٽيون پڻ ٺهرائڻ گهرجن ، جنهن سان سَياح اُسَ ۽ لُڪَ کان بچي پوندا.

    5. اڄ ڏينهن تائين ڀَنڀورَ تي جيڪو به مواد ڇَپيل حالت ۾ موجود آهي ، اُهو سائيٽ تي موجود هئڻ گهرجي ، اُن سان هڪ ته اُهي ڇپيل ڪتابَ ، رِسالا يا اخبارون وِڪرو ٿينديون ؛ ٻيو وري سَياحن جي ڄاڻ ۾ پِڻ اِضافو ٿيندو.

    6. ڀَنڀورَ تي هر سال هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي ، جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمَ پنهنجا پنهنجا مضمون پڙهن ۽ تاثرات بيان ڪن.

    ان سان هڪ ته ڀَنڀورَ کي عالمي پَذيرائي حاصل ٿيندي ٻيو وري ماڻهن ۾ پنهنجي قديم ثقافتي وِرثي کي بچائڻ جي سُجاڳي پيدا ٿيندي.
     
    منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو