معذور ماڻهن ۽ وهيل چيئر جو سهارو وٺي زندگي گذاريندڙ ماڻهن لاءِ خوشخبري آهي ته نيوزي لينڊ جي سائنسدانن اهڙيون ”بائيونڪ ليگز“ روبوٽڪ ليگز (يعني خودڪار ٽنگون) ٺاهيون آهن، جن جي مدد سان آسانيءَ سان هلي سگهجي ٿو. عام ماڻهن وانگر هلي، گهمي ۽ ڊوڙي سگهجي ٿو. 38 ڪلو وزني هي ٽنگون ري چارجيبل بيٽري سان هلن ٿيون. ماهرن ان جو ڪامياب تجربو ڪرڻ کان پوءِ هن کي هڪ انقلاب ۽ ڪارآمد ايجاد قرار ڏنو آهي.
جواب: بائيونڪ ليگز۔۔ هٿرادو خودڪار ٽنگون۔۔ پر يار مست! 38 ڪلو ٽنگون ته پوڙهپ ۾ وڏو بار ٿيندو ۔۔۔ مڙس ٿي ڀاڙي ته پٽڪو به بار، سو پوڙهپ ۾ جي ٽنگون ڪم نه ڪن ته هي ٽنگون ته کڻڻ به ڏکيون ٿينديون ۔۔۔ يار انهن جو وزن گهٽ ٿئي ته ڪي اسانجي ڪم جون ٿين، باقي ته دنيا وارا سائنس جي ذريعي ڪن ڪمال پيا ۔۔۔ اڳ اسانجا ڪنڀر لٺيون ٻڌي ڇڏيندا هئا ۽ هاڻ انگريزن جي ڪنڀرن روبوٽڪ ٽنگون ٺاهي ڪم آسان ڪيو آهي ۔۔۔
جواب: بائيونڪ ليگز۔۔ هٿرادو خودڪار ٽنگون۔۔ ادا سائين هر ايجاد جي شروعات ۾ اهي ننڍا نقص هوندا آهن، مان سمجهان ٿو ته ڪجهه عرصي ۾ ئي انهن ٽنگن جو وزن 12 کان 10 ڪلو جي وچ ۾ اچي ويندو۔۔ منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته سائنس جي ميدان ۾ جيڪي نيون تبديليون اچن پيون اهي توهان تائين پهچايان۔۔۔
جواب: بائيونڪ ليگز۔۔ هٿرادو خودڪار ٽنگون۔۔ سبحان الله الله تعالي ڪيڏو نه عقل ڏئي وڏي نعمت ڪئي آهي انسان تي