• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بائيونڪ ليگز۔۔ هٿرادو خودڪار ٽنگون۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
معذور ماڻهن ۽ وهيل چيئر جو سهارو وٺي زندگي گذاريندڙ ماڻهن لاءِ خوشخبري آهي ته نيوزي لينڊ جي سائنسدانن اهڙيون ”بائيونڪ ليگز“ روبوٽڪ ليگز (يعني خودڪار ٽنگون) ٺاهيون آهن، جن جي مدد سان آسانيءَ سان هلي سگهجي ٿو. عام ماڻهن وانگر هلي، گهمي ۽ ڊوڙي سگهجي ٿو. 38 ڪلو وزني هي ٽنگون ري چارجيبل بيٽري سان هلن ٿيون. ماهرن ان جو ڪامياب تجربو ڪرڻ کان پوءِ هن کي هڪ انقلاب ۽ ڪارآمد ايجاد قرار ڏنو آهي.

bluetooth-bionic-legs_FMytl_54.jpg
 
جواب: بائيونڪ ليگز۔۔ هٿرادو خودڪار ٽنگون۔۔

مهرباني اڪبر شر صاحب۔۔۔
 
جواب: بائيونڪ ليگز۔۔ هٿرادو خودڪار ٽنگون۔۔

پر يار مست! 38 ڪلو ٽنگون ته پوڙهپ ۾ وڏو بار ٿيندو ۔۔۔ مڙس ٿي ڀاڙي ته پٽڪو به بار، سو پوڙهپ ۾ جي ٽنگون ڪم نه ڪن ته هي ٽنگون ته کڻڻ به ڏکيون ٿينديون ۔۔۔ يار انهن جو وزن گهٽ ٿئي ته ڪي اسانجي ڪم جون ٿين،

باقي ته دنيا وارا سائنس جي ذريعي ڪن ڪمال پيا ۔۔۔ اڳ اسانجا ڪنڀر لٺيون ٻڌي ڇڏيندا هئا ۽ هاڻ انگريزن جي ڪنڀرن روبوٽڪ ٽنگون ٺاهي ڪم آسان ڪيو آهي ۔۔۔
 
ادا سائين هر ايجاد جي شروعات ۾ اهي ننڍا نقص هوندا آهن، مان سمجهان ٿو ته ڪجهه عرصي ۾ ئي انهن ٽنگن جو وزن 12 کان 10 ڪلو جي وچ ۾ اچي ويندو۔۔
منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته سائنس جي ميدان ۾ جيڪي نيون تبديليون اچن پيون اهي توهان تائين پهچايان۔۔۔
 
جواب: بائيونڪ ليگز۔۔ هٿرادو خودڪار ٽنگون۔۔

سبحان الله الله تعالي ڪيڏو نه عقل ڏئي وڏي نعمت ڪئي آهي انسان تي
 
Back
Top