جهمپير ۾ موجود جهم ڪوٽ يا هيم ڪوٽ بابت ڄاڻ ۽ گهمڻ جو چاهه رکندڙن لاءِ صلاحون

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ امين جويو طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2024۔

  1. امين جويو

    امين جويو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2024
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    جهمپير ۾ موجود جهم ڪوٽ يا هيم ڪوٽ بابت ڄاڻ ۽ گهمڻ جو چاهه رکندڙن لاءِ صلاحون


    امين جويو

    سنڌ ۾ هونئن ته ڪيترائي وڏا ۽ مشهور ڪوٽ قلعا موجود آهن ، پر هتي اڄ جهم ڪوٽ يا هيم ڪوٽ بابت مختصر ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ آخر ۾ سياحن ۽ سنڌ حڪومت جي سياحت ۽ قديم آثارن واري کاتي لاءِ ڪجهه مثبت صلاحون پيش ڪيون وينديون. جن تي عمل ٿي پئي ته تمام گهڻا معاشي توڙي سماجي فاعدا حاصل ٿي سگهن ٿا.

    جهم ڪوٽ يا هيم ڪوٽ ٺٽي ضلعي ۾ جهمپير شهر ۾ موجود آهي. هي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کان لڳ ڀڳ 128 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ پنهنجي سواري هجي ته ، اهو ٻن ڪلاڪن ۾ ڪراچيءَ کان جهمپير پهچي سگهي ٿو.

    هيٺ جهم ڪوٽ ڏسڻ جو چاهه رکندڙن لاءِ ڪجهه اهم صلاحون پيش ڪجن ٿيون ، جن تي عمل ڪرڻ سان سياحن توڙي سنڌ جي قديم آثارن ۽ سياحت کاتي وارن کي جِهم ڪوٽ جي هاڻوڪي صورتحال بابت چڱو چوکو اندازو ٿي ويندو ؛

    1. صديون پراڻو جهم ڪوٽ ڪِينجهر جي اولاهين ڪنڌيءَ تي موجود آهي، جنهن کي گهمڻ دوران سياح ڪينجهر ڍنڍ جو دِلڪش ۽ دِلفريب نظارو پڻ ڪري سگهن ٿا.

    2. جهم ڪوٽ سان لڳولڳ اتي هندن جو قديم تِيرٿ گاهه پڻ موجود آهي ، جنهن ۾ مختلف ديوي ديوتائن جي مورتين کان سواءِ شِو مهاراج جي مورتي ۽ شيش نانگ جي روپ واري مورتي پڻ رکيل آهي .

    سنڌ ۾ موجود هي شِو مندر تمام گهڻو قديم آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين اتي پوڄا پاٺ به ٿيندي آهي ۽ ڀَڄن پڻ ڳايا ويندا آهن.

    3. جهم ڪوٽ سان گڏ هتي حسين شاهه جي درگاهه ۽ هڪ قديم دور جي مسجد پڻ موجود آهي جتي هندو ، مسلمان ۽ هر قسم جي مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهو وڃي سگهن ٿا.

    4. هتي ڪينجهر ڍنڍ ۾ موجود تازي مڇي ، بِهه ۽ پَٻُڻ جو ٽِڪيون وڏي مقدار ۾ موجود آهن ، جيڪي خريد ڪري سگهجن ٿيون ته سوکڙيءَ طور ڪنهن کي گفٽ به ڪري سگهجن ٿيون.

    5. هتان گڻيش ديوتا جي هڪ سِر ڪَٽيل مورتي کوٽائيءَ دوران ملي هئي ، جيڪا ڳچ عرصو ٻين مورتين سان گڏ رکيل هوندي هئي .

    6. فطرت پسند ماڻهن لاءِ هي ماڳ تمام گهڻي ڪشش رکي ٿو ۽ ماڻهو هتي پري پري کان پنهنجي روح کي راحت ڏيڻ لاءِ ڪَهي اچن ٿا.

    7. سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن ، مذهبي آستان ڏسڻ جو شوق رکندڙن ، فطرت جا حسين نظارا پَسڻ جو ذوق رکندڙن ، ڦوٽو گرافرن ، وڊيو ڊاڪيومينٽريون ٺاهيندڙن ، وِي لاگ يا تاريخي اسٽوري ٺاهيندڙن ۽ مٿي بيان ڪيل ٻيون شيون ڏسڻ جي لاءِ سياحن کي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ڀيرو جهم ڪوٽ جو ڀيرو ضرور ڀڃڻ گهرجي.

    سنڌ حڪومت جي سياحت ۽ ثقافت کاتي لاءِ چند اهم تجويزون ، جن سان سياحت کي هٿي ڏئي سگهجي ٿي.

    1. جهم ڪوٽ يا هيم ڪوٽ جي حالت هن وقت ايڏي بهتر ڪونهي جو پرڏيهي سياح هن کي ڏسڻ اچن ، ان ڪري سنڌ حڪومت جي سياحت ۽ قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته ؛ جهم ڪوٽ اندر صفائي ڪرائي ۽ قلعي جون حَدون نِروار ڪرائي ته جيئن ماڻهن کي قلعي جي محل وقوع بابت چڱيءَ ريت اندازو ٿي سگهي.

    2. جهم ڪوٽ ٻاهران هڪ جامع معلوماتي بورڊ لڳرايو وڃي جنهن سان سياحن کي مڪمل ڄاڻ ملي ۽ ان سان گڏ اتي سار سنڀال لاءِ هڪ ماڻهو رکيو وڃي جيڪو جهم ڪوٽ ۽ اتي موجود قديم آثارن جي پرگهور لهي ۽ صفائي سٿرائي جو خيال پڻ رکي.

    3. جهم ڪوٽ بابت هڪ بهترين بروشر ڇپرائي ، سائيٽ ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي رکرايو وڃي ته جيئن سياحن کي هن تاريخي قلعي ۽ هندن جي قديم تيرٿ گاهه بابت خبر پئجي سگهي.

    4. سرڪاري سطح تي ٽوئر گائيڊ مقرر ڪيا وڃن ، جيڪي ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن کي سنڌ جا اهم تاريخي ماڳ گهمائڻ سان گڏو گڏ کين انهن ماڳن بابت ڄاڻ به ڏين .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو