سنڌ جي ڪارونجهر جبل بابت ڄاڻ ۽ گهمڻ جو چاهه رکندڙن جي لاءِ صلاحون امين جويو سنڌ جي فطري سونهن ۽ سينگار بڻيل ڪارونجهر جبل ، ٿرپاڪر ضلعي ۾ موجود آهي . ٿرپارڪر ضلعي ۾ هن وقت ڇهه تعلقا آهن. جن ۾ ؛ ڏاهِلي ، ڇاڇِرو ، مِٺي ، ڏِيپلو ، اِسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر شامل آهن . جڏهن ته ٿرپارڪر جي مختلف طبعي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڀونءِ وگياني ، ٿر کي ڏهن مُک حصن ۾ ورهائين ٿا. جن ۾ ؛ کائِڙ ، ڍاٽَ ، مَهراڻو ، وَنگو ، اُونيهر ، سامروٽِي ، وَٽِ ، ڪَنٺو ، پائِرَ ۽ پارڪر شامل آهن. مٿي بيان ڪيل سڀني حصن ۾ پارڪر ٻين کان وڌيڪ خوبصورت ۽ گهمڻ وٽان آهي . خاص طور اونهاري ۾ وَسڪاري پوءِ ته ڪارونجهر جبل سنڌ ڌرتيءَ تي جنت جهڙو جهان لڳندو آهي . ڪٿي مور پيا ٽهڪندا آهن ، ڪٿي گُلن تي ڀَنئورَ پيا چَهڪندا آهن ، ڪٿي گُلَ ، وَليون ۽ گاهه پيا مَهڪندا آهن ته ڪٿي وري ماڻهو پيا ٻَهڪندا آهن ! اصلي اهڙو ته لقاءُ لڳو پيو هوندو آهي جو گهمندڙن جي دل واپس وَرڻ واري ڳالهه ئي نه مڃندي آهي. ڪارونجهر ۽ ننگر پارڪر گهمڻ جو شوق رکندڙن کي هيٺ بيان ڪيل ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي ؛ 1. ڪارونجهر ۽ ننگر پارڪر گهمڻ جو بهترين وقت ، وَسڪاري کان پوءِ وارو آهي. سو گهمڻ جو شوق رکندڙن کي برسات وَسڻ کان پوءِ وڃڻ گهرجي. 2. ننگر پارڪر ۽ ڪارونجهر واري عِلائقي ۾ اڪثر جولاءِ ۽ آگسٽ وارن مهينن ۾ برسات پوي ٿي ، تنهن ڪري گهمڻ جي شوقينن کي انهن ٻنهي مهينن ۾ وڃڻ گهرجي ته جيئن هو وڌ کان وڌ لطف اندوز ٿي سگهن. 3. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته رڳو ڪارونجهر جابلو سلسلي ۾ گهمڻ لاءِ ان جون 109 چوٽيون ۽ ٻيا ڪيترائي ماڳ موجود آهن ! جن بابت تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ، تنهن ڪري گهمڻ جو شوق رکندڙن کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن يا هڪ هفتي لاءِ اتي ٽِڪڻ گهرجي ، تڏهن وڃي هو ڪارونجهر جبل جي خوبصورتي جي ڪا جَهلڪَ پَسي سگهندا. 4. ننگرپارڪر ۽ سموري ٿرپارڪر جا اڪثر ماڻهو مهمان نواز ۽ سٺي طبيعت جا مالڪ آهن ، سو سياحن کي ڪنهن به قسم جي خوف يا خطري جو اُلڪو نه ڪرڻ گهرجي . 5. سياحن کي پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ اڳواٽ ئي ننگرپارڪر ۾ موجود ڪنهن گيسٽ هائوس يا اتان جي ڪنهن مقامي رهواسي وٽ رهائش جو انتظام ڪري پوءِ وڃڻ گهرجي. 6. سياحن کي ننگر پارڪر ۽ ڪارونجهر ۾ موجود مسڪين ماروئڙن کان ڪو نه ڪو وَکرُ خريد ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن غريبن جو گذر سفر ڪجهه بهتر ٿي سگهي. ڪجهه اهم صلاحون 1. سنڌ حڪومت کي گهرجي تهڪارونجهر جابلو سلسلي کي سنڌ جو ثقافتي ورثو قرار ڏئي ۽ جيڪو به ڪارونجهر جبل يا سنڌ جي ڪنهن به تواريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ڊاهڻ يا ان جي سڃاڻپ مٽائڻ جي ڳالهه ڪري ته ، ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي . 2. سنڌ حڪومت کي ڪوشش ڪري ، ڪارونجهر جبل کي دنيا جي ( ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ) واري لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ گهرجي ، ان سان هڪ ته ڪارونجهر کي عالمي پذيرائي ملندي ٻيو ته فنڊنگ پڻ ملندي. 3. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪارونجهر ۽ ننگرپارڪر ۾ عالمي سطح جا گيسٽ هائوس ٺهرائي ، ۽ اتي موجود هر هڪ ماڳ جي تحفظ لاءِ عملي طور تڪڙا قدم کڻي . 4. ٽوئر ازم کي وڌائڻ لاءِ سنڌ جي ڪلچر ۽ ٽوئرازم ڊپارٽمينٽ کي ڪارونجهر جبل ۾ موجود مختلف ماڳن کي اُجاڳر ڪرڻ لاءِ انهن ماڳن بابت معلوماتي بروشر ڇپرائڻ گهرجن ، جيڪي هر هڪ ماڳَ ، هر هڪ وڏي شهر ۽ سنڌ ۾ موجود هر ايئرپورٽ تي موجود هجن ته جيئن سياحن کي سنڌ جي ثقافتي ورثي بابت مفيد معلومات ملي سگهي. 5. ٿرپارڪر ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ موجود هرهڪ گهمڻ جهڙي جاءِ تي مقامي ماڻهن پاران ٺاهيل وَکرَن جي موجودگي تمام ضروري آهي ، اِن ڏسَ ۾ حڪومت کي مقامي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ کين ثقافتي شيون رکي ڏيڻ لاءِ اسٽال ٺهرائي ڏيڻ گهرجن. 6. ڪارونجهر ، ٿرپارڪر ۽ سنڌ جي ٻين سڀني ضلعن منجهان ملندڙ معدنيات کي ، انهن ئي علائقن جي ڀَلائي ۽ ترقيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن اتان جا ماڻهو خوشحال زندگي گذاري سگهن .