• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪينجهر ڍنڍ جو سير ۽ ان بابت ٻي اهم ڄاڻ

امين جويو

جونيئر رڪن
ڪينجهر ڍنڍ جو سير ۽ ان بابت ٻي اهم ڄاڻ


امين جويو

ڪينجهر ڍنڍ کان هونئن ته هر ڪو واقف آهي ۽ اڪثر ماڻهو ڪيترائي ڀيرا ، ڪينجهر جو سير سپاٽو ڪري چڪا هوندا . پر هتي اڄ آئون ڪجهه اهڙي ڄاڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ، جيڪا ٿي سگهي ٿو ته اوهان لاءِ نئين هجي.

سنڌ جي ڀُونءِ وِگيانن موجب ڪِينجهر ڪيترائي هزار ورهيه اڳي سنڌو درياهه جي پيٽ جو حصو هئي ، پر جڏهن سنڌو درياهه پنهنجو وهڪرو مٽايو تڏهن ڪينجهر هاڻوڪي صورتحال اختيارڪئي. ڪينجهر ڍنڍ جو عروج تڏهن کان شروع ٿيو جڏهن کان هن ”سونهري ڍنڍ“ سان لائون لڌيون. ۽ هاڻ ڪينجهر پنهنجي زوال طرف وڃي پئي !

1958ع کان ڪوٽڙي بئراج جو وجود پوڻ کان پوءِ ، ڪينجهر کي ڄامشوري وٽان ”ڪراچي واهه“ ذريعي ڀريو ويندو آهي. ان کان سواءِ ڪجهه برساتي نيئون ، ڍورا ، ڍوريون ۽ جِهم واري چشمي جو پاڻي به ڪينجهر ڍنڍ جا ڀَرتو آهن.

1. ڪِينجهر ڍنڍ ٺٽي ضلعي ۾ موجود آهي. هن وِشال ۽ خوبصورت ڍنڍ جي ڊيگهه چوويهه ڪلوميٽر ۽ ويڪر ڇهه ڪلوميٽر آهي ، هن جو گهيرو لڳ ڀڳ 190 ڪلوميٽر آهي ۽ سراسر اونهائي گهٽ وڌ 26 فوٽ آهي.

2. ڪينجهر ۾ لوياڇ ، سوڙهه ، ڪرنجهڙو ڍورو ، هرلو ، کٿڙي ، نينهون ، کارڙي ، گڻيش ، ٻاڙي ۽ لوهيرو ڍورو پڻ ڇوڙ ڪندا آهن.

3. جهول ماڙي نالي هڪ طلسماتي ٻيٽ به ڪينجهر ڍنڍ اندر موجود آهي ، جيڪو اڄ به تحقيق طلب آهي ۽ ان ۾ ڪيئي راز سمايل آهن. جڏهن ڪينجهر ۾ پاڻي گهٽ هوندو آهي تڏهن اهو پراسرار ٻيٽ ۽ ان ۾ موجود هڪ قديم غار ظاهر ٿي پوندو آهي. پر اسان جي قديم آثارن واري کاتي جي نظر شايد ان تائين نه پهتي آهي.

4. ڪينجهر ڍنڍ اندر ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون موجود آهن ، جن تي اڃا تحقيق نه ٿي سگهي آهي.

5. ڪينجهر ۾ موجود هر هڪ ٻيٽ تي مختلف قسم جي آبي ۽ جهنگلي جيوت وارا جاندار موجود آهن.

6. ڪينجهر ڍنڍ وٽ موجود نوري ريسٽورنٽ ، پارڪ ۽ جديد طرز وارا رهائشي ڪمرا پڻ ٺهيل آهن ، جتي ماڻهو فئمليءَ سان گڏ اچي رهي ۽ گهمي ڦري سگهن ٿا.

7. ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻيڙيءَ جي سواريءَ سان گڏ ، ڪناري تي ونهجڻ جو مزو به وٺي سگهجي ٿو.

سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي وارن لاءِ ڪجهه صلاحون

1. ڪينجهر ڍنڍ جو قدرتي حسن برقرار رکڻ لاءِ اهو تمام گهڻو ضروري آهي ته ، ان جو پاڻي مختلف رهائشي اسڪيمن لاءِ نه کڻڻ گهرجي ، نه ته ڪينجهر ڍنڍ ڪجهه ئي سالن ۾ منڇر ڍنڍ وانگر تباهه ۽ برباد ٿي ويندي.

2. ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻارنهن ئي مهينا مناسب مقدار ۾گهربل پاڻي هجڻ گهرجي ته جيئن ان ۾ موجود آبي ۽ جهنگلي جيوت جي بقا ۽ ضروري واڌ ويجهه ٿيندي رهي.

3. ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنارن ۽ ان اندر موجود ٻيٽن ۽ ٻيٽارين وارن قديم آثارن ، آبي جيوت ۽ جهنگلي جيوت تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ ماضيءَ ۾ ”ڪينجهر“ نالي ڇپجندڙ مشهور رسالي کي ٻيهر سلسليوار ڇپرائڻ گهرجي.

4. سنڌ حڪومت جي سياحت ۽ ثقافت کاتي وارن کي ڪينجهر وٽ هڪڙو ثقافتي ميوزيم ٺهرائڻ گهرجي جنهن ۾ علائقي جي هٿ جي هنر ، مڇيءَ جي قسمن ۽ اتان جي قديم آثارن ۽ رهڻي ڪهڻيءُ جا منظر پيش ٿيل هجن.

5. سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل کاتي وارن کي ڪينجهر ڍنڍ جا خوبصورت ۽ معلوماتي بروشر ڇپرائي سنڌ ۽ پاڪستان جي مختلف ايئرپورٽن تي رکرائڻ گهرجن ته جيئن وڌ کان وڌ ڏيهي توڙي پرڏيهي ماڻهن کي ڪينجهر ڍنڍ بابت ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ۽ اوري توڙي پري وارا سياح گهمڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهي اچن.
 
Back
Top