ڪِينجهر ڪناري موجود اِسماعيلين جي زيارت گاهه ، هڪ پُراِسرار غار ۽ سَما دور جي مسجد

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ امين جويو طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2024۔

  1. امين جويو

    امين جويو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2024
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڪِينجهر ڪناري موجود اِسماعيلين جي زيارت گاهه ، هڪ پُراِسرار غار ۽ سَما دور جي مسجد


    امين جويو

    ٺٽو سنڌ جو اهو شاهوڪار ضلعو آهي ، جنهن جو ماضي ته ڏاڍو شاندار هو ۽ مستقبل ۾ به هن جي بهتري جا چَڱا خاصا اِمڪان ۽ اُهڃاڻ سُجهن ٿا. هاڻوڪي دور ۾ به ٺٽو سياحتي ۽ ثقافتي سرگرمين جي لحاظ کان ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ ڪافي پاڻ ڀَرو آهي. اڄ هن مضمون ۾ ٺٽي ضلعي جي هڪ اهڙي ماڳَ جي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي ، جنهن بابت تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي.

    ڪِينجهر ڍنڍ جي اُترئِين ڪَنڌيءَ واري پاسي تمام گهٽ ماڻهو ويندا آهن ، پر جيڪي به ان پاسي ويا هوندا ، تن کي خبر هوندي ته اُتي اِسماعيلين / خواجن جي هڪ اهم زيارت گاهه موجود آهي ، جنهن کي هو ” امير پِير“ سڏيندا آهن.

    هي ماڳ جَهمپير شهر کان اُڀرندي پاسي لڳ ڀَڳ ڏهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي. هتي هڪ قديم ۽ پُراسرار غار موجود آهي ، جنهن ۾ روشنيءَ جي جوڳي بندوبست کان سواءِ اندر نه ٿو وڃي سگهجي.

    اِسماعيلين جي عقيدي موجب سندن آخري اِمام ( مهدي ) جو ظهور ان غار منجهان ٿيندو. ان ڪري هنن اتي هڪ پَلنگ / سيجَ ، طُول وِهاڻا ، وضوءَ لاءِ پاڻي ، هٿ وارا ونڃڻا ۽ ٻيو ضروري سامان وڏي صفائي سٿرائيءَ سان رکيو آهي . اتي پيل انهن سڀني شين جي سار سنڀال لهندڙ پڻ هر وقت حاضر ۽ هوشيار رهندا آهن.

    ان کان سواءِ هتي سَمن جي دور جي هڪ قُبائين قديم مسجد به موجود آهي ، جيڪا اِسماعيلين جي زيارت گاهه سان لڳولڳ هڪڙي اُڀڪپري ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. هن مسجد ۾ وڃڻ لاءِ چاليهارو کن ڏاڪن تي مشتمل هڪ ڏاڪڻ ٺهيل آهي ، جنهن تي چڙهي هن مسجد ۾ اندر وڃي سگهجي ٿو. هاڻي ته هن مسجد ۾ ٽائلس ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي پر چڱيءَ طرح سان پَرکڻ کان پوءِ پَروڙ پوي ٿي ته هيءَ سمن جي دور جي هڪ تمام قديم مسجد آهي. هتي هڪ پٿر جو ڪتبو پڻ لڳل آهي ، جنهن تي سمن جي حڪومتي دور جو سال لکيل آهي.

    گهمڻ جو شوق رکندڙن لاءِ چند صلاحون

    1. مٿي ذڪر ڪيل ماڳ تي وڃڻ جو چاهه رکندڙ ماڻهن کي جَهمپير واري پاسي کان وڃڻ گهرجي ۽ هڪ مقامي سُونهون پاڻ سان گڏ لازمي کڻڻ گهرجي .

    2. هتي رڳو اِسماعيلي / خواجا نه پر هر قسم جي عقيدي ، مذهب ، رنگ ۽ نسل جا ماڻهو وڃي سگهن ٿا. هتي ڪنهن به قسم جي ڪا پابندي يا بدامني ڪانهي.

    3. امير پير واري زيارت گاهه ۽ ڪِينجهر جي انهيءَ ڪناري تي تمام گهٽ ماڻهو هوندا آهن ، سو اتي پُرسڪون ماحول هوندو آهي ۽ صفا ” هُو...“ وارو عالم لڳو پيو هوندو آهي.

    4. شور ۽ گوڙ گهمسان کان پري ڀڄڻ وارن ماڻهن کي اتي ضرور ڀيرو ڀڃڻ گهرجي ، ڇو ته اتي روح کي راحت ۽ دل کي سڪون ۽ شانتي ملندي آهي.

    سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي وارن لاءِ اهم صلاحون

    1. سنڌ حڪومت جي سياحت کاتي وارن کي اهڙن ماڳن جي اُپٽار ڪرڻ گهرجي جن بابت گهڻن ماڻهن کي ڪا به ڄاڻ ناهي ۽ ” امير پير “ واري هيءَ سائيٽ اهڙن ئي ماڳن منجهان هڪ آهي .

    2. لاڳاپيل کاتي کي پنهنجي هڪ ويب سائيٽ ، فيس بڪ پيج ، ٽِڪ ٽاڪ اڪائونٽ ، اِنسٽا گرام پيج ۽ يُو ٽيوب چينل ٺاهڻ گهرجي ۽ انهن تي اهڙن ماڳن مڪانن ، تفريحي ۽ ثقافتي جاين ، قديم آثارن ۽ مذهبي زيارتگاهن جون تصويرون ۽ ڀرپور ڄاڻ تي مشتمل وڊيو ڊاڪيومينٽريون رکڻ گهرجن.

    3. سنڌ حڪومت جي سياحت ۽ ثقافت کاتي وارن کي ” امير پير “ واري سائيٽ ۽ سنڌ ۾ موجود سڀني مشهور ۽ غير معروف گهمڻ وارين جاين جا خوبصورت بروشر ٺهرائي ، سنڌ ۽ پاڪستان جي سمورين ايئرپورٽن ۽ عوامي جاين تي رکرائڻ گهرجن ته جيئن سنڌ ۾ سياحت کي هٿي ملي ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو