• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي خوبصورت تفريحي ماڳ ، گورک هل اسٽيشن گهمڻ لاءِ اهم ڄاڻ

امين جويو

جونيئر رڪن
( سلسلو )

سنڌ جي سياحتي ۽ ثقافتي ماڳن بابت ڄاڻ

سنڌ جي خوبصورت تفريحي ماڳ ، گورک هل اسٽيشن گهمڻ لاءِ اهم ڄاڻ

گورک هل اسٽيشن سنڌ جو اهڙو ته حسين ۽ خوبصورت تفريحي ماڳ آهي ، جنهن جو مثال سموري سنڌ ۾ ڪونهي ! ماڻهو ته گورک کي ؛ سنڌ جو ڪوهه مري سڏيندا آهن .

گورک هڪ جابلو چوٽيءَ جو نالو آهي ، جيڪا کيرٿر جابلو سلسلي ۾ موجود آهي ، هن مختصر مضمون ۾ آئون گورک هِل اسٽيشن گهمڻ جو شوق رکندڙ سياحن جي لاءِ اهم ۽ ڪارائتي ڄاڻ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ان سان گڏ آخر ۾ گورک هل اسٽيشن جي بهتريءَ لاءِ چند صلاحون پڻ ڏيندس.

1. گورک هل اسٽيشن دادو ضلعي کان چورانوي ڪلوميٽر اولاهين پاسي موجود آهي ۽ هن جومفاصلو سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کان لڳ ڀڳ ساڍا چار سئو ڪلوميٽر آهي.

2. گورک هِل اسٽيشن جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان 5866 فوٽ مٿي آهي ، ان ڪري هتي سخت گرمي وارن مهينن ۾ به سردي واري ماحول هوندو آهي ۽ گرمي پد 20 کان 25 سينٽي گريڊ جي وچ ۾ هوندو آهي .

3. برف باري ڏسڻ جا شوقين سياح ڊسمبر کان فيبروري جي وچ ۾ گورک جو رخ ڪندا ته کين ، برف باري جو نظارو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ويندو.

4. گورک گهمڻ جو چاهه رکندڙن کي گهرجي ته جيڪڏهن هو پنهنجي گاڏيءَ ۾ اچڻ چاهين ته اهي هڪ مضبوط جيپ ۾ اچن ، جن وٽ جيپ نه هوندي تن کي پنهنجي گاڏي ” واهي پانڌي“ نالي هڪ ننڍڙي شهر ۾ بيهارڻي پوندي ۽ اتان ( فور باءِ فور / جيپ ) ڀاڙي تي ڪرڻي پوندي ، جيڪا اٺن ، اٺن ماڻهن جي گروپ کي مٿي ( گورک چوٽيءَ ) تي کڻي ويندي.

5. گورک چوٽيءَ ڏانهن ويندڙ روڊ هاڻ نئين سنئين ٺهي رهيو آهي ، تنهن ڪري سياحن کي اوڏانهن وڃڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوندو . ڇو ته هاڻ تمام بهترين قسم جو روڊ تيار ٿي رهيو آهي.

6. گورک هِل اسٽيشن تي هاڻ ، بهترين قسم جو هوٽل ۽ هٽس ( جديد ڪمرا ) ٺهي راس ٿي چڪا آهن ، جيڪي صاف سٿرا ۽ هوادار آهن.

7. گورک هل اسٽيشن تي هاڻي کاڌي پيتي جو بهترين بندوبست پڻ موجود آهي ۽ هاڻ ته اتي موبائيل نيٽ ورڪ به آهي . ( نوٽ ؛ پهريان اهي ٻئي سهولتون موجود ڪو نه هيون)

8. فطرت پسند ماڻهن ، يو ٽيوبرس ، وِي لاگرس ، وڊيو ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ جو شوق رکندڙن ، ڊرامن يا فلمن جي ريڪارڊنگ ڪرڻ وارن لاءِ گورک هِل اسٽيشن هڪ اهڙو حسين ۽ خوبصورت ماڳ آهي ، جنهن جو نعم البدل ٻئي هنڌ پوري سنڌ ۾ ڪٿي به ڪونهي !

9. سڀني کان اهم ڳالهه ته اها آهي جو ، جڏهن سنڌ ۾ ڪوهه مريءَ کان به وڌيڪ خوبصورت ماڳ موجود آهي ، ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو لکين روپيا خرچ ڪري ڪوهه مري ڇو وڃن ؟ ڇاڪاڻ ته گورک هل اسٽيشن تي اوهان فقط پندرهن کان ويهن هزارن اندر ئي گهمي ڦري ، کائي پي ۽ هڪ رات رهي واپس به اچي ويندا.


اهم صلاحُون

1. سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي وارن کي گهرجي ته گورک هِل اسٽيشن جي پرچار عالمي سطح تي ڪن ۽ گورک هِل اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊ کي ترت مڪمل ڪرائين.

2. گورک هِل اسٽيشن کي ٻين چوٽين سان ملائڻ لاءِ ” چيئر لِفٽ “ جو انتظام ڪن ته جيئن سياح وڌ کان وڌ مزو وٺي سگهن ۽ سنڌ سرڪار جي ڪمائي پڻ ٿئي.

3. گورک هِل اسٽيشن تي ڪرڪيٽ ، فوٽ بال يا هاڪيءَ جو اسٽيڊيم ٺهي سگهي ٿو ! جيڪڏهن اهو ڪم ٿي ويو ته اهو دنيا جو اوچي ۾ اوچو اسٽيڊيم هوندو . ان اسٽيڊيم جا اهم فاعدا اهي ٿيندا ته ؛ هڪڙو ته اهو ڪمائي جو ذريعو ٿيندو ، ٻيو گورک پوري دنيا ۾ تڪڙو مشهور ٿيندو ۽ پوري دنيا منجهان سياح گورک گهمڻ ايندا ، اتي ڪجهه ڏينهن رهائش اختيار ڪندا ، جنهن سان مقامي ماڻهن کي روزگار به ملندو ته سنڌ حڪومت کي به ان مان فاعدو حاصل ٿيندو .

4. گورک هِل اسٽيشن تي زولاجيڪل ريسرچ سينٽر ۽ ڪا جديد ٽيڪنولوجي واري ليبارٽري قائم ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته هتي ٻارنهن ئي مهينا موسم سياري جهڙي آهي ، سو هڪ ته شيون خراب نه ٿينديون ۽ شايد بجليءَ جي ضرورت به ڪا نه پوندي.

5. جيڪڏهن گورک هل اسٽيشن تي مٿي ڄاڻيل ترقي ٿئي ٿي ته اهو اتان جي پرامن ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ تمام ڀلو ٿي ويندو ته وري سنڌ حڪومت جي ناماچاري پڻ ٿي ويندي ۽ ان سان گڏ هو ناڻو پڻ ڪمائي سگهندا.
 
Back
Top