• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننگر ٺٽي ۾ موجود مڪليءَ جي ٽڪري بابت ڄاڻ ۽ گهمڻ جو شوق رکندڙن لاءِ صلاحون

امين جويو

جونيئر رڪن
ننگر ٺٽي ۾ موجود مڪليءَ جي ٽڪري بابت ڄاڻ ۽ گهمڻ جو شوق رکندڙن لاءِ صلاحون

clip_image002.jpg


امين جويو

clip_image004.jpg


سون وَرني سنڌ ڌرتيءَ تي هونئن ته هزارين سَياحتي ۽ ثقافتي وِرثا موجود آهن ، پر يُونيسڪو وارن جي” ورلڊ هيريٽيج سائيٽ “ ۾ سنڌ جا رڳو ٻه عدد ماڳ شامل آهن. انهن منجهان هڪڙو موهين جو دڙو آهي ، جڏهن ته ٻيو ” مَڪلي“ آهي.

مَڪلي جي ٽڪري ٺٽي ضلعي ۾ موجود آهي ۽ ان جو سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کان مفاصلو لڳ ڀڳ هڪ سئو ڪلوميٽر آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ پنهنجي سواري هجي ته اهو ٻن کان اڍائي ڪلاڪن ۾ آسانيءَ سان مَڪلي پهچي سگهي ٿو.

مَڪليءَ بابت ڪيئي ڪتابن جا وَرق وَرائڻ کان پوءِ پَروڙَ پَوي ٿي ته ؛ ” مَڪلي“ نالي بابت هيٺيان ٽي عدد رايا عام طور تي گردش ڪن ٿا ؛

1. مَڪلي در حقيقت ”مَها ڪالي“ ديوي جي نالي منجهان تبديل ٿي بعد ۾”مَڪلي“ ٿي ويو آهي.

2. مَڪلي ” مَڪي هل “ يعني مڪه مڪرم جي نالي منجهان تبديل ٿي ”مَڪلي“ ٿيو آهي.

3. ڪنهن دور ۾ هتي ڪا عورت رهندي هئي ، جنهن جو نالو ”مائي مَڪلي“ هو. تنهن ڪري بعد ۾ ماڻهن هن کي ” مڪليءَ جي ٽڪري“ يا ”مڪليءَ واري ٽڪري“ چوڻ شروع ڪيو.

بهرحال مَڪلي هن وقت هڪ ”شهر خموشان“ جي صورت ۾ موجود آهي ۽ اتي لکن جي تعداد ۾ قبرون ۽ سَون جي تعداد ۾ بهترين مقبرا موجود آهن ، جن تي ٿيل خوبصورت ” اُڪَرَ “ ۽ ڪاريگري ڪيئي ڪَٿائون ۽ مها ڪَلاڪارن جي ڏات ۽ ڏانءٌ جو نظارو پيش ڪري رهي آهي. هتي مقبرن تي گوناگون قسم جي اُڪَرَ سان گڏو گڏ رَنگ بَرنگي ڪاشيگريءَ جو ڪم پڻ ٿيل آهي ، جنهن کي صديون گذري چڪيون آهن پر اها ڪاشي ۽ پٿرن تي ٿيل اُڪَرَ اهڙي طرح نمايان ۽ خوبصورت لڳي پئي آهي جهڙي طرح اها ، شاهڪار اڏاوتون جوڙڻ وقت هئي!

اڄ به هزارين سَياح ۽ زائرين مڪليءَ جو رخ ڪن ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي عقيدي ۽ مَنشا مطابق مَڪليءَ جي ٽڪريءَ جو سير سَپاٽو ڪن ٿا.

جيئن ته مَڪليءَ بابت ڪتابن ، انٽرنيٽ توڙي يو ٽيوب چينلن تي تمام گهڻو مواد موجود آهي ، تنهن ڪري مڪليءَ بابت وڌيڪ لکڻ کان ٽارو ڪندي هيٺ مَڪلي گهمڻ جو شوق رکندڙن لاءِ چند ڪارائتيون صلاحون پيش ڪجن ٿيون ، جن تي عمل ڪرڻ سان سياحن کي فائدو حاصل ٿيندو.

1. مَڪلي ۽ سموري ٺٽي جي موسم ٻارنهن ئي مهينا چڱي هوندي آهي ، سو گهمڻ جو شوق رکندڙ ماڻهو ، جنهن به مهيني ۾ گهمڻ چاهين تنهن ۾ وڃي سگهن ٿا.

2. مڪليءَ تائين وڃڻ لاءِ سٺو روڊ ٺهيل آهي ۽ مَڪليءَ اندر به ”ڪاربان فِري“ گاڏيون موجود آهن ، جن ۾ ويهي ڏهه ڪلوميٽر هم چورس مڪليءَ جو قبرستان ٻن ڪلاڪن ۾ گهمي سگهجي ٿو.

3. مڪليءَ تي موجود سنڌ حڪومت جا ملازم سياحن کي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏو گڏ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام پڻ ڪري ڏيئي سگهن ٿا ، تنهن ڪري سياحن کي بغير ڪنهن خوف کُٽڪي جي مَڪلي گهمڻ لاءِ وڃڻ گهرجي.

4. مڪليءَ تي سيڪيورٽيءَ جو به جوڳو بندوبست ٿيل آهي ۽ اتي هر قسم جو نيٽ ورڪ پڻ موجود آهي.

5. مڪليءَ تي تحقيق جو شوق رکندڙن ، تاريخ ، جاگرافي ، جيولوجي ، آرڪيولوجي ، اينٿروپولوجي ، آرٽ ، آرڪيٽيڪچر ، اُڪرَ ۽ ٽائلز جي ڪم ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي مَڪليءَ جو ڀيرو ضرور ڀڃڻ گهرجي.

6. مڪليءَ تي وِڊيو ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ ، وِي لاگ ٺاهڻ يا ڦوٽو گِرافي جو شوق رکندڙن کي اتي موجود سرڪاري نمائندن کان اڳواٽ اجازت وٺي ، پوءِ اهو شوق پورو ڪرڻ گهرجي.

7. سڀني کان اهم ڳالهه اها ته ؛ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو آرام سان هڪڙي ئي ڏينهن ۾ مَڪلي گهمي ڦري واپس اچي سگهن ٿا !

سنڌ حڪومت جي سَياحت ، قديم آثارن ۽ ثقافت کاتي لاءِ ٽي عدد اهم صلاحون

1. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مڪليءَ جي اوسي پاسي ۾ ڪو عالمي سَطح جو هوٽل تعمير ڪرائي ته جيئن ، ٻاهرين ملڪن منجهان ايندڙ سياح اتي رهائش اختيار ڪن ، جنهن جو فائدو ظاهر آ .. سنڌ حڪومت ۽ مقامي ماڻهن کي ٿيندو.

2. مڪلي ۽ سنڌ جي ٻين سَياحتي ۽ ثقافتي ماڳن جا بُروشر ، سنڌ ۽ پاڪستان جي هر هڪ ايئرپورٽ تي موجود هجڻ کپن.

3. سنڌ حڪومت جي ٽوئر ازم ڊپارٽمينٽ کي سنڌ ۾ سَياحت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ، ڪجهه تعليم يافته ۽ تجربيگار ” ٽوئر گائيِڊ“ مقرر ڪرڻ گهرجن ، جيڪي ڏيهي توڙي پرڏيهي سَياحن کي سموري سنڌ جا ثقافتي ۽ سَياحتي ماڳ گهمائين.
 
Back
Top