جستجوءَ ۾ زندگيءَ گذاريندڙ شخص :ساجد مسڻ...!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2024۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    جستجوءَ ۾ زندگي گذاريندڙ شخص :ساجد مسڻ
    فقير محمد سنڌي
    سرمو سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن،
    تڏهن ڏٺي تن، اَڇائي عالم جي.
    (شاھ لطيف)
    عظيمي صاحب جو ذهني خاڪو آهي تہ "انسان جو غور ۽ فڪر جيتري قدر گهرو هوندو انھيءَ مناسبت سان صلاحيتون بيدار ٿينديون ۽ متحرڪ رهنديون." معاشرو انسان جي دل کي ڏسندو آهي، جستجوءَ ڪندڙ فرد انساني حقن جي پاسداري ڪندو آهي. اهڙو ئي هن معاشري لاءِ شفيق انسان، دل جو محسن، تصور ۾ اعلي ۽ همدرديءَ جو مزاج رکندڙ ساجد مسڻ آهي.
    ساجد مسڻ 12سيپٽمبر 1990ع تي سڳنڌ جهڙي خوشبو سان گڏ خوشي بہ مٺل خان مسڻ جي اڱڻ تي ڳوٺ چنهڙ ۾ پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريو. مٺل خان مسڻ پِيغمبري پيشي سان لاڳاپيل هجڻ ڪري پنهنجي ابهم فرزند جي تربيت ٻين ٻارن سان گڏ فرض سمجهي. ابهم ٻار کي ڪهڙي خبر ته دنيا جي ٻيڙي ڪيتري مشڪل ٿيندي آهي. ان ٻيڙيءَ کي هلائڻ لاءِ ماهر استادن جي نگراني ۾ ئي هلائڻو پوندو آهي ۽ ساجد مسڻ کي والد سان گڏ استاد بہ ميسر ٿيو، جنهن دنيا جي رمز رهبريءَ جي صورت ۾ سمجهائي.
    لطيف سرڪار بہ سنڌ جي هر منظر جو سونهو آهي تڏهن ته چيائين.
    ڪاهي وڃ تراز کي، منجهان موج ملاح،
    سونهن جي صلاح، وٺ تہ وِير لنگهين وڃين.

    ساجد مسڻ پرائمري تعليم ڳوٺ چنهڙ مان پنهنجي ئي والد محترم استاد مٺل خان مسڻ وٽ حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ 2006ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نصير آباد مان، انٽر 2008ع تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڏوڪري مان ڪئي
    بي ڪام 2010ع تي گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي، جڏهن ته
    2012ع تي ايم اي انگلش ۽ اهڙي طرح 2015ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ فرسٽ ڪلاس جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
    ساجد مسڻ دل ۾ محبت رکي آهي ۽ خوديءَ کي ختم ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي.
    ساجد مسڻ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ کاهوڙي، بردبار، سماج لاءِ الڪو ۽ جرتمند ثابت ٿيو آهي. تاريخ جي دل ۾ پنهنجي لاءِ جڳھ ٺاهڻ سولي ڪونھي، انهيءَ پاسي کي محسوس ڪندي ساجد مسڻ 2007ع کان لکڻ جي ڪِرت سان لاڳاپيل آهي. لکڻ جي ڪِرت بہ ڪنهن تتل واريءَ جي رڙڻ کان گهٽ ڪونهي. معاشري جي اندر سڀني کي اعزاز ڏيڻ طوفان سان مهاڏو اٽڪائڻ جي برابر آهي. اهڙو جفاڪشيءَ وارو ڪم ساجد مسڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ سر انجام ڏيندو پيو اچي.
    پاڻ ڪراچي مان نڪرندڙ روزاني عوامي آواز اخبار جي ٻارڙن واري صحفي ۾ ذهين شاگردن جا لڳاتار انٽرويوز ڪيا آهن،جيڪي يقينن اتساھ جو سبب آهن. اهڙيءَ طرح شخصي خاڪا، ڪتابن جو مشاهدو ۽ عام مضمون پنهنجي تاريخي حيثيت رکن ٿا. اهڙن جرتمند فردن لاءِ سلطان اولياءَ جون سٽون ٿيون ياد اچن, ته :
    تانسين تون نہ فقير، جانسين سانگ سِسِيءَ جو،
    ماڻيو تن ملير، جن جسو مال مباح ڪيو.
    سماج سڌارڪ وارو ڪردار بہ ساجد مسڻ جو ساراھ جوڳو آهي. پنهنجي تر کان شهر تائين موٽر سائيڪل تي راھ ويندڙ کي پاڻ مرادو موٽر سائيڪل بيهاري کڻڻ،کيس اها پرواھ به ڪونه هوندي اٿس، ته ڪير موٽر سائيڪل ڦري ويندو.
    انسان ذات سان محبت، سندن خدمت، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي تر جي ماڻهن ۾ گهڻي مشهور آهي.
    شاگردن کي مختلف وقتن تي موٽيويشن تي ليڪچر ڏيڻ ۽ انهن جي ترتيب ۾ بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ بہ ساجد پنهنجو فرض سمجهي ٿو. ان راھ تي تمام ٿورا فرد آهن جن پاڻ ملهايو آهي
    نشات تنظيم جي پليٽ فارم تان پوري سنڌ ۾ شاگردن کي تربيت ڏيڻ جنهن ۾ ڪيريئر ڪائوسلنگ جا پروگرام سرفهرست شامل هوندا آهن.
    سندس روحاني تعلق نقشبندي سلسلي جي برصغير ۾ قائم تمام وڏي درگاھ، درگاھ عاليه لواري شريف سان آهي،مرشدن ڪريمن طرفان پڻ انسان ذات سان بي لوث محبت ۽ خدمت جو درس کيس سبق طور مليل آهي، جيڪو خوش اصلوبي سان نڀائيندو پيو اچي.
    انسان شُناسي سنڌ جي فردن جي خمير ۾ شامل رهي آهي . اها ٻئي ڳالھ آھي ته انسان شناسيءَ جا کوڙ ساترا پاسا آهن پر انهن پاسن ساجد مسڻ معاشري ۾ رهندڙ فردن جي ڪيفيت ۽ نفسيات کي سمجهي پنهنجو قدم اڳتي وڌائي ٿو. ساجد مسڻ انسان شناسي کي پنهنجي زندگيءَ جو آئيڊيل بڻايو آهي. پنهنجي لاءِ تہ هرڪو سوچي ٿو پر خلقي خدا لاءِ سوچڻ ٿورن فردن جي حصي ۾ شامل آهي.
    انسان شناسي بہ پاڻ کي ڳولڻ، حق جي تلاش حاصلات آهي. خلقي خدا کي ياد ڪيو تہ، حقيقي مالڪ تائين رسائي بلڪل سولي آهي.
    تڏهن ته ڀٽائي گهوٽ فرمايو :
    تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي،
    فاذۡڪروني اذڪرڪم، اي پروڙج بات،
    هٿ ڪاتي، ڳڙ وات، پڇڻ پر پرينءَ جي.
    [​IMG]
    پوليس محڪمي ۾ به جيڪي سائل ايندا آهن، انهن کي تُرت بالا آفيسرن سان ملائڻ ۽ کين مفت درخواستون لکي ڏيڻ جيڪو به مدد لاءِ پڪاري تہ ان جي بر وقت داد رسي ڪرڻ،نه صرف ايترو پر رستي ويندڙ جيڪڏهن فيملي گڏ آهي ۽ سندن موٽر سائيڪل خراب ٿيڻ، تيل ختم ٿيڻ يا پنڪچر ٿي پوي ته بنا ڪنهن تعارف يا سڃاڻپ جي کين پنهنجي موٽر سائيڪل ڏئي، انهن جي موٽر سائيڪل سيٽ ڪري سندن حوالي ڪرڻ جهڙا ڪم ساجد مسڻ ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن جا ڳڻ تمام گهڻا ۽ سٺا آهن.
    ساجد مسڻ جو اڄ جنم ڏينهن آهي. ساجد پياري کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون ان دعا سان جتي هجي خوش هجي. آخر ۾ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون آهن, ته :
    هيرا ته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو،
    ايندو نه وري هي وڻجارو!
     
    اعجاز ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو