گُل حسن ڪَلمتي پاران ترجمو ڪيل ڪِتابَ ” سنڌوءَ جي سفر ڪهاڻي “ جو مختصر احوال اڀياس ڪار ؛ امين جويو ترجمي ۽ تخليق ۾ ڪو تمام گهڻو فرق ڪو نه هوندو آهي ، پر شايد مُنهنجي ان ڳالهه سان گهڻا ماڻهو اتفاق نه ڪن ! بهرحال مون کي رُڳو ايتري خبر آهي ته ترجمي نِگار جيسيتائين ليکڪَ جِيان نه ٿو سوچي ۽ ليکڪَ وانگر هر هڪ ڳالهه جي گهرائي ۾ نه ٿو وڃي ، ليکڪَ جِيان لوچي نه ٿو... تيسيتائين هو سُٺو ترجمي نِگار نه ٿو بڻجي سگهي ! هتي اڄ ڳالهه ڪَجي ٿي رَضا عَلي عابدي جَي ڪِتابَ ” سنڌوءَ جِي سفر ڪهاڻي “ جِي ، جنهن جو ترجمو سائين گُل حسن ڪلمتيءَ ڪيو آهي . اُهو به هِيئن جو جڏهن آڪٽوبر 1989ع ڌاري رَضا عَلي عابدي جو هِڪ معروف ۽ مقبول پروگرام ” شير درياهه “ بِي بِي سِي لنڊن جي اُردو نشريات ذريعي ٻُڌو ويندو هو ، تڏهن سائين گُل حَسن ڪَلمتي وَري اُن کي ٽيپ ريڪارڊر ذريعي ريڪارڊ ڪندو ويندو هو! اُن کان پوءِ ظاهر آ .. اُن سڄي ريڪارڊنگ کي ٻُڌي ، اُتاري وَري ترجمو ڪيو هوندائين ! اُن وقت اهڙو خَفت رکڻ ، ڪيڏو اوکو هو! اهو ته سائين گُل حَسن ڪَلمتي ئي ٻُڌائي سگهي ٿو... هن ڪتابَ بابت ليکڪ رَضا عَلي عابدي چوي ٿو ته ؛ ” سِنڌو درياهَه جي ڪناري وارو هِي سفر مون ٽِن مَرحلن ۾ مُڪمل ڪيو . 1991ع ۽ 1992ع جي گرمين ۾ آئون پهاڙن تي ويس ، سردين ۾ ميدانن جي سَيرَ سَپاٽي تي نڪتس ۽ واٽ تي بيمار ٿي پيس !. ٽيون ڀيرو وَري سنڌ جي ڊيلٽا وارو عِلائقو ڏٺم . جيڪڏهن اوهان کي واقعن ۾ ڪا ترتيب نظر نه اچي يا رَوانيءَ ۾ وِٿي کُٽڪي ته اهو سمجهي ڇڏجو ته آئون بنا ڪنهن رُڪاوٽن جي وَهڻ وارو درياهه نه آهيان . ٻِي ڳالهه ته لَداخ جي ڪُجهه عِلائقن ۾ پرڏيهين کي وڃڻ جي اجازت نه هُئي ، ان ڪري مان اُتي نه وڃي سگهيس. سنڌ جي گهڻن عِلائقن ۾ اُن وقت ( 1991ع ۽ 1992ع ) ۾ ڌاڙيل سِينو تاڻي هَلي رهيا هئا ۽ مون کي پنهنجي اغوا جون خبرون ڇَپائڻ جو شوق نه هو تنهن ڪري مان انهن کان پَري ئي رهيس. مون پنهنجو هي سفر ٻيڙيءَ ۾ ويهي ناهي ڪيو . آئون سنڌوءَ جي ڪِنارن سان هَليو آهيان .. ڪِنارا مَٽجندا رهيا ، پر ماڻهو نه مَٽيا ۽ مُنهنجو به اُنهن ۾ ئي ڪَم هو . اصل ۾ هن ڪِتابَ جا سَمورا بابَ ريڊيو جي پروگرام جي اِسڪرپٽ تان ورتل آهن ، جن کي ڪِتابَ لاءِ ٿورو گهڻو سَنواريو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هِن ڪِتابَ تي ڏُکُ ڇانيل هُجي ، پر اهو منهنجو وَڌاءُ ناهي . سنڌوءَ ڪناري وَسندڙ ماڻهن جي زندگي ٻين عِلائقن ۾ رهڻ وارن کان مختلف آهي . هتي جا ماڻهو اوکين حالتن ۾ به وڏيءَ دل سان زندگي جهاڳي رهيا آهن ۽ سچ اهو آهي ته درياهه کان وڌيڪ ، هِتان جا ماڻهو شينهن آهن! . هي ڪتابُ سفرنامو ناهي پر خاص علائقن ۾ رهڻ وارن جو سَماجي مشاهدو ۽ اڀياس آهي ، جيڪو مستقبل جي محققن کي ٻُڌائيندو ته ويهين صديءَ جي پُڄاڻي تائين سنڌوءَ جي ڪِناري رهڻ وارن جا ڪهڙا سپنا ساڀيان نه ٿي سگهيا ۽ ڪهڙا نوان سپنا اُنهن کي جِيئڻ جو اُتساهه ڏيندا رهيا! ، اُن کان سَواءِ هن ڪِتابَ جو اَڀياس اڄ جي پڙهندڙن کي اهو ٻُڌائيندو ته ؛ اهڙن عِلائقن ۾ جتي وڃڻ جي تڪليفَ گهٽ ماڻهو ئي ڪندا آهن ، انهن عِلائقن مان درياهه ڪيئن ٿو گُذري ۽ اُتان جي زندگي ڪيئن آهي.“ ٿُلهي ليکي هِي ڪتاب لَداخ جي عِلائقي کان وٺي شاهه بندر تائين ڪيل سفر جي ڪَٿا آهي. اُهو سفر رَضا عَلي عابدي نوي واري ڏهاڪي ۾ انتهائي ڏُکين حالتن ۾ ڪيو. هُو پنهنجي سفر جي شروعات لَداخَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺَ ” اُپسِي “ کان شروع ڪري ٿو . اُن سفر دوران هو هڪ جِيپ ( ڪار ) ذريعي سنڌوءَ ڪناري موجود جن جن شهرن ۽ واهڻ وستين منجهان لنگهيو آهي ، انهن ۾ ؛ لَيا ، ڇي سوت ، ڇي گومان ، شئي ، بَلم ، دَم چوق ، اسڪردو ، گلگت بلتستان ، شغر وادي ، شنگريلا، شنگس ، راڪاپوشي ، نانگا پَربت ، هُنزا ، چِلاس ، ڪوهستان ، داسو ، پَٽن ، دُبير ، رانگيلا ، بشام ، ٿاڪوٽ ، تربيلا ڊيم ، صوابي ، حضرو ، هنڊ ، جَهانگيره ، ڇڇ ، غور غشتي ، اَٽڪ ، خوشحال ڳڙهه ، نيلاب باغ ، گهوڙا مار ، ڪالا باغ ، دائود خيل ، ڪمر مشاني ، تاني خيل ، تخت اڇوڙا ، افغان ڪيمپ ڪوٽ چاننا والا ، مِيان والي ، ڪنڊيان ، بِلوٽ شريف ، ادوانا ، ديرو اِسماعيل خان ، ديرو دريا خان ، ديرو غازي خان ، بکر ، خانپور ، ڪوٽ ادو ، سکر ، لاڙڪاڻو ، موهن جو دڙو ، ڏوڪري ، سِيتا روڊ ، پاٽ شريف ، دادو ، سيوهڻ شريف ، حيدرآباد ، سجاول ، ٺٽو ، گهارو ، ميرپور ساڪرو ، ڪيٽي بندر ، چوهڙ جَمالي ، لاڏيون ، ڳوٺ بچل اوپلاڻو ۽ شاهه بندر شامل آهن. ليکڪَ هنن سمورن شهرن جو تعارف ڏيڻ سان گڏ انهن جي ٿوري گهڻي تواريخ به لِکي آهن ۽ ان لاءِ گهڻين جاين تي احمد حسين داني ، ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ مقامي ڄاڻن جا حوالا ڏنا اٿس. هن ڪِتابَ ۾ ليکڪ نه رُڳو سنڌوءَ جي وهڪرن بابت ڄاڻ ڏئي ٿو ، پر اُن سان گڏ هو سنڌوءَ ڪِناري رهندڙن جي شادين غمين ، ڏُکن سورن ، رَهڻي ڪَهڻي ، اُٿڻي ويهڻي ، ساٺ سَنوڻ ، رِيتن رَسمن ، ڏاج ڏيوڻ ، روزي روٽي جي ذريعن ، وڻج واپارَ ، صحت ، تعليمَ ، سوچَ ، مِزاجَ ، مٿي ذڪر ڪيل عِلائقن جي ادبَ ، شاعري ۽ موسيقي جي ڳالهين ، منشيات جو واهپي ، سياسي ۽ سَماجي صورتحال ، سياسي ۽ سَماجي تنظيمن ، مَٿي ذِڪر ڪيل عِلائقن جي نوجوانن جي مشغلن ، اَزدواجي زندگي ، اخلاقايت ، ڊيمن ڊهڻ سان عِلائقي واسين کي پهتل نقصانن ، ٽرانسپورٽ جي ذريعن ، تهذيبي ۽ ثقافتي اثرن ، امن امان جي صورتحال ۽ مَرڻ جيئڻ جي رسمن بابت به ٻُڌائي ٿو! مطلب ته هو هِن سفر دوران ماڻهن سان ڪچهريون ڪَندو ۽ انهن کان تفصيلي انٽريو وٺندو ٿو هَلي! جِتي ڪِٿي انهن سان مِلي جُلي وڃي ٿو ۽ انهن کان اَندرَ جو اَحوال وٺي قَلمبند ڪندو وڃي ٿو. ليکڪَ مَنظر نِگاري اهڙي ته لاجواب طريقي سان ڪَئي آهي جو پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کي اُنهن عِلائقن ۾ گُهمندو ڦِرندو محسوس ڪندو ! ليکڪَ سان گڏ ترجمي نگارَ به لِکڻِي سان اِنصاف ڪيو آهي ۽ ليکڪَ جي مزاجَ مُطابق ئي ترجمو ڪئي اٿس ، يعني جيئن ليکڪَ اُڙدو ٻولي ۾ چوڻ چاهيو آهي ، تيئن ترجمي نِگار ترجمو ڪيو آهي! هن ڪِتابَ جو ليکڪ رَضا عَلي عابدي ، جيئن ته اُن دور جو مشهور ۽ ڃاتل سُڃاتل آواز هو ۽ ڏيهي ماڻهو ريڊيو تي سندس پروگرام ٻُڌندا هئا . اُن ڪَري گهڻين جاين تي ساڻس ڄاڻ سُڃاڻ وارا ماڻهو به مليا . مون کي هن ڪتابَ ۾ بس رُڳو هڪڙي کوٽ محسوس ٿي ته هن ۾ ليکڪَ ڪٿي به اهو نه ڄاڻايو آهي ته ، لَداخَ کان وٺي شاهه بندر تائين لَڳ ڀَڳ پندرهن سئو ميل سفر ڪرڻ جو خَرچ پَکو کيس ڪنهن ڏنو ؟ يا اُهو سمورو سفر هُن پنهنجي هَڙان وَڙان ڪيو! اُن سان گڏ ليکڪَ هن سَڄي سَفر ۾ ساڻس گڏ ساٿين جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو آهي! رُڳو ڪجهه جاين تي ڊرائيور پاران چيل ڪُجهه جُملا ڪتابَ ۾ شامل ڪيا اٿس. ٻِي ڳالهه اِها ته هِن ڪتابَ جي ٻِنهي ڇاپن ۾ هزارن جي تعداد ۾ پُروف جُون چُڪون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي جُملن جي بيهڪَ به صحيح ناهي . ڪٿي وري گرامر جو خيال ناهي رکيو ويو ته ڪٿي موءنث ۽ مُذڪر ۾ مسئلو اٿس! جنهن سان نَون پڙهندڙن لاءِ مونجهارو پيدا ٿي سگهي ٿو. بهرحال مٿين سڀني اوڻاين هوندي به هِي ڪتاب سنڌوءَ ڪناري موجود وَسندين واهڻن ۽ شهرن بابت هڪ مُستند دستاويز آهي ، جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ڄاڻ ۾ زبردست اضافو ٿيندو. هن ڪتابَ جو پهريون ڇاپو سنڌ پبلشنگ هائوس ، ڪراچي پاران سن 1999ع ۾ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو ، جڏهن ته هن جو ٻيو ڇاپو سن 2017ع ۾ نئون نياپو وارن طرفان ڇپايو ويو آهي ، جنهن ۾ ڪُل ٽي سئو ايڪيتاليهه صفحا آهن . جيڪي ماڻهو سنڌوءَ درياهه جي ڪنڌين لڳ آباد وَسندين بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيندا هُجن ، انهن لاءِ هي ڪِتاب ڪنهن خزاني کان گهٽ ناهي.