هڪ همراه کي سوڙهو بوٽ پاتل هو تنهن ڪري ڏاڌي تڪليف مان پئي گهميو ڪنهن پچيس ته ادا بوٽ ڪٿان ورتو ؟؟ پهريون شخص جيڪو ماڻهن جي پچا کان بيزار ٿي چڪو هو.وراڻيائين “وڻ مان پٽيو اٿم“ ان تي پهرين شخص صلاح ڏيندي چيس ته انجا ٻه چار ڏينهن ڇڏينس ها ته پچي ويڪرو ٿئي ها...
جواب: “وڻ مان پٽيو اٿم“ واه ادي بختاور واه ۔۔۔ اصل وڻ ئي وڄي ويا ۔۔۔))) تازو مونسان به هڪ واقعو ٿيو جو مون واري گهر ۾ هڪ عجيب و غريب انب جو وڻ آهي، سو تازو مهينو کن اڳ انبڙيون ٿيون ته ڪانون ڪيرائڻ شروع ڪيون ته مون واريءَ پتنيءَ پٽرائي پال وجهي ڇڏيا ۔۔۔ جڏهن پچي ويا ته مون واريءَ پتنيءَ شڪايت ڪئي ته ؛ انب ايترا سوادي ناهن“ تنهن تي مون چيومانس ته ڀاڳ ڀري ڪجهه ڏينهن پچڻ ڏين ها ته ممڪن مٺا ۽ مزيدار ٿين ها ۔۔۔ تنهن تي جواب ڏنائين ته جي نه پٽيان ها ته سڀ مئا ڪانوَ خراب ڪري ڪيرائي وڃن ها ۽ پوءِ اهي ٿورڙا سوادي انب به کائڻ لئه نه ملن ها ۔۔۔ سو ادي همراه سچ چيو ته جوتي کي به ٿورڙو پچڻ ڏجي ها ته پورو ۽ ويڪرو ٿي وڃي ها ۔۔۔۔ بروبر ادي بروبر
جواب: “وڻ مان پٽيو اٿم“ لاجواب شيئرنگ آهي اصل کل اچي وئي پر اهو سنڌڙي جو وڻ ڪٿي آهي ؟؟ مهرباني ڪري پڪي ايڊريس ڏيو ته جيئن پهچڻ ۾ آساني ٿئي ائين نه ٿئي جو اسان فقيرن کان اڳ اتي مست ۽ درويش پهچي وڃن . سدائين گڏ
جواب: “وڻ مان پٽيو اٿم“ ڀيڻ انبن جي وڻ سان جوتن ۽ بوٽن کي گڏائڻ ڪا چڱي ڳالهه ته نه آهي، باقي ، هون به توهان جو شهر سنڌڙي انبن جي ڪري ۽ ٻيو مرحوم محمد خان جوڻيجي صاحب جي ڪري به مشهور آهي، توهان جي شهر جو نالو ئي اهڙو آهي سنڌڙي، ( اها سنڌ يا سنڌڙي جنهن سان اسان جي جندڙي آ۔ جنهن لاء اياز صاحب پڻ اهيو چيو هو ته سهندو ڪير ميار او يار سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو۔ ڀيڻ هي گيت توهان جي شهر سنڌڙي ۽ پوري سنڌ جي نانء http://www.youtube.com/watch?v=g-lt7W_eG08
جواب: “وڻ مان پٽيو اٿم“ ڀيڻ ان وڻ جو ڏس اسان کي به ڏجو۔۔۔۔ مهرباني ڪري اهو ڏس پي ايم ڪندا نه ته شڪارپوري فقير اسان کي سهندو ئي ڪونه۔۔۔۔۔۔ ٻيو وري اهو ته اگر ايڊريس نه به ڏيو ته مهرباني ڪري هڪ جوتو اسان جي لا به پٽي وٺجو۔۔۔۔۔ سنڌونگر جي مندر مان جوتو ته چُرايان پر مرحوم امر جليل چواڻي ته مونکي خدا کان وڌيڪ انهن ماڻهن مان ڊپ ٿو ٿئي ڪٿي انهن جي ور چڙهي ويس ته سنڌ اچڻ ته پري جي ڳالهه آهي ممبئي ۾ به ڳولهيو ڪونه لڀندس۔۔۔۔۔
جواب: “وڻ مان پٽيو اٿم“ اڙي ادا ممتاز! اديءَ جي ڳوٺ جي خبر ٻڌائي ڇڏيوَ! ۔۔۔۔ خئير اديءَ جو مزاحي انداز سٺو لڳو ۽ ها سنڌڙيءَ ۾ انبن جي وڻن جي ڀر ۾ اهڙا وڻ آهن يا دڪان آهن ۔۔۔؟ ننڍڙي لاءِ ٻيرن، انبن يا ٻين وڻن مان ميوو پٽڻ لاءِ ويندا هئاسون ته ننڍا وڏا ڦوڙ يا پٿر کڻي وڻن ۾ هڻندا هئاسون پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ميوي جي جاءِ ته ڪو اڳ کان ٽنگيل پراڻو جوتو اچي هيٺ ڦهڪو ڪندو هو ۽ شڪر ڪندا هئاسون ته پاڻ کي نه لڳو۔۔۔ سو ادا ڪڏهن ڪڏهن انبن جي وڻن تي به جوتا ٽنگيل هوندا هئا ۔۔۔ سو ممڪن اديءَ به ڪٿي وڻ تي جوتو ٽنگيل ڏٺو هجي ۔۔۔ ؟؟؟ باقي يار ممتاز! ڀوڳن ۽ ٽوٽڪن ٺاهڻ وارا به ايترا ته تخليقي دماغ هوندا آهن جو اصل ماڻهون ڪهڙي به موڊ ۾ هجي کلي ويهي ۔۔۔۔ ۽ اڄڪلهه جي هن نفسانفسيءَ واري حالت ۾ کلڻ به هڪ نعمت ٿي پئي آهي سو اچو ته مسڪرائيندا، کلندا اڳتي وڌون ۔۔۔۔
جواب: “وڻ مان پٽيو اٿم“ ٻيلي اسان به موجود آهيون اسان کي ايڊريس نه کپي پر پنهنجي ڀيڻ کي اهيو عرض آهي ته اسان کي انبن جي هڪ ٽوڪري موڪلي اسان وٽ انب اصل خدا حافظ ڪري چڪا آهين جيڪڏهن ڪم ٿي وڃي ته ٺهيڪ نه ته انب جي وڻ جي پاڙ هي ڏئي ڇڏجو ته اسان پنهنجي ٻني ۾ پوکي سنڌڙي انب جو مزو وٺي سگهون،
جواب: “وڻ مان پٽيو اٿم“ فقير ته هونئن به خيرپور شهر جو ديوانو آهي، الائي ڇا ڏٺو اٿس، هر روز خيرپور ۔۔۔۔، پر هاڻي پڪ ٿي وئي ته انهي انبن جي لاءِ ئي ويندو آهي۔ =)) =)) فقير پريشان نه ٿي۔
جواب: “وڻ مان پٽيو اٿم“ نه انب ۾ نه ڊنگھ ۾ نه مٺي سنگ ۾ نه يڪتاري ۾ نه چنگ ۾ نه شهر ۾ نه جهنگ ۾ رڳو فقرائي رنگ ۾ مزو آ ته بس بهنگ ۾، شاعر فقير ....