• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گُل حَسن ڪَلمتي جي ڪِتابَ ” عِشقَ جُون ڳليون “ جو مختصر جائزو

امين جويو

جونيئر رڪن
گُل حَسن ڪَلمتي جي ڪِتابَ ” عِشقَ جُون ڳليون “ جو مختصر جائزو


اڀياس ڪار ؛ امين جويو

سائين گُل حَسن ڪَلمتي جو هي ڪتاب ” عِشق جون ڳليون “ ڄاڻ جو هڪ گُلدستو آهي! . سال 2010ع ڌاري نئون نياپو پبليڪيشن ، ڪراچي پاران ڇپرايل هن ڪِتابَ ۾ چند سفرناما ، تحقيقي رپورٽون ، ليکڪَ جا تجزيا ، زندگي جي فلسفي بابت ڪُجهه ڳالهيون ، ٻه ٽي تاثراتي مضمون ۽ ڪُجهه ادبي ۽ سَماجي شخصيتن جا خاڪا شامل آهن . ڪتابَ جا ٻه ڇاپا اچي چُڪا آهن! ، ۽ اهو هن ڪِتابَ جي ڪامياب هجڻ جو پڪو ثبوت آهي ! هِن ڪتابَ جو ٻيو ڇاپو سال 2017ع ۾ آيو ، ۽ هن ڇاپي ۾ سائين گُل حسن ڪَلمتي جي پهرئين ڪتابَ ” هِڪ رُٺل شهر جي ڪهاڻي“ جا ٻهَ عدد سفرناما پڻ شامل ڪيا ويا آهن؛ اُنهن مان هڪڙو ”شانتيءَ کان شاهه نوراني تائين “ ۽ ٻيو ”ڪراچيءَ کان ڪوهالا تائين“ جي عُنوان سان ڇپيل آهي .

هن ڪِتابَ جو مهاڳ اعجاز منگي صاحب لکيو آهي ، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته؛ ” گُل حسن ڪَلمتي هڪ وڃائجي ويل ديس جو مسافر آهي! هي ڪِتابُ پڙهندي مون کي محسوس ٿيو ته هو بُنيادي طور تي هڪ ريسرچ جرنلسٽ آهي ، ڪِتابَ جون پهريون چار لکڻيون ”جهوڪ سرائيڪي ڏانهن سفر“ ، ”پيران ؛ مهرڪ جي نگري“ ، ” گاجي گنج بخش ؛ لکين دا ڏاتار“ ۽ ” آري پير جو سفر“ هن جا سفرناما آهن ، پر اهي سفرناما اڇاتري اک جي رپورٽ ناهن! گهڻو ڪري سفرناما ادبَ جي آسان صنف سمجهي ويندي آهي ۽ اها هوندي به آهي. ڇو ته انهن روايتي سفرنامن ۾ ليکڪ گهڻو ڪري اهو بيان ڪندو آهي ته ؛ ” ڪٿي ڇا ڏٺم ؟ ، ڪنهن سان مليس؟ ۽ ڪنهن ڇا چيو ؟ “ پرگُل حسن جا سفرناما ڇا ڏِٺم ۽ ڇا ٻُڌم؟ وارن آسان سوالن جا جوابَ ناهن. هن جو هر سفرنامو ماضي ۽ حال جي وِچَ ۾ لُڏندڙ اهو پينڊوليم آهي ، جيڪو موضوع کي مُتوازن بڻائيندي ، اهو به بيان ٿو ڪري ته گُذرندڙ وقتَ ، ان ماڳ يا مڪان سان ڪهڙو سُلوڪ ڪيو آهي؟ ۽ نه صرف ايترو پر هو پنهنجي پاران ان سلوڪ جا سبب به بيان ڪري ٿو. ان ڪري سندس اهي سفرناما به ”رولاڪيءَ جون اُهي رپورٽون“ آهن ، جن کان اڳ ۽ پوءِ هُن ڪتابن جي عرق ريزي ڪئي آهي . جيسيتائين تحقيق جو تعلق آهي ته تحقيق کي ٻِن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو . هڪڙي آهي ” تحقيق براءِ تحقيق“ ۽ ٻي آهي ” تحقيق براءِ تعمير“ ! سنڌ ۾ ” تحقيق براءِ تحقيق“ جو رُجحان پُراڻو ۽ پُختو آهي. اها اجائي تحقيق عام آهي ، جيڪا بيڪار پي ايڇ ڊيون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي . ان تحقيق جو عام ماڻهن جي مسئلن سان ڪو به تعلق ڪونهي. اها هڪ بي تعلق يا ڪمٽمينٽ کان عاري تحقيق آهي!. اهڙي تحقيق اوهان کي گُل حسن ڪَلمتي جي لکڻين ۾ نه ملندي ، هن جو هر موضوع سنڌ جي سُورن سان سلهاڙيل آهي. هن جي لِکڻين کي جڏهن سنڌ پنهنجي سيني ۾ سَمايو ته اُها اعتماد سان ڳالهائي سگهندي ۽ اُن جي لهجي ۾ صرف ڪاوڙ نه هوندي پر اُن ۾ با عِلم دليلن جو پهلو نمايان هوندو.“

هن ڪتابَ جو ليکڪ سائين گُل حسن ڪَلمتي ، پنهنجي پاران واري حصي ۾ صُفحي نمبر اوڻويهين تي لکي ٿو ته ؛ ” ڪِتابَ جي هر صفحي تي اوهان کي سنڌ سان عِشق جو تصور نظر ايندو ، شايد عِشق ۽ مُحبت جي محرومين مون کي لِکڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو. جڏهن سنڌ جي واهڻن ، وَستين ، ندين ، ڍورن ، جبلن ، ٿر جي واري ۽ قديم آثارن کي ڏسان ٿو ته اهو عِشق انتها تي پهچي ٿو ، جنهن کي پنن تي اُتاريندو آهيان“

هن ڪِتابَ جو پهريون سفرنامو ” جهوڪ سرائيڪي ڏانهن سفر“ جي عُنوان سان آهي . هن سفر ۾ ليکڪَ سان گڏ سندس پُراڻي همسفر زُبيدا بِرواڻي به هُئي ، جنهن سان اڳ ۾ به ڪيترائي ماڳ گهمي چُڪو هو . هي سفر هنن ريل گاڏيءَ ذريعي ڪيو. جيئن ئي ريل هلڻ شروع ٿئي ٿي ، تيئن ليکڪَ جي شعور واري اک به سُجاڳ ٿي پوي ٿي ۽ هو رستي ۾ ايندڙ ريلوي اسٽيشنن ، سنڌ ۾ ريلوي جي تواريخ ۽ لينس ڊائون پُل جي ٺهڻ جي ڪهاڻي ٻُڌائيندي ، نيٺ وڃي مُلتان ريلوي اسٽيشن تي لهي ٿو. اتي اسٽيشن تي ئي مصطفيٰ بلوچ ۽ سندس ڊرائيور ، ليکڪ ۽ زُبيدا بِرواڻي جو مُنتظر هوندو آهي.

سڀ کان پهريان هو تونسه بيراج وڃن ٿا ۽ ليکڪ پنهنجي عادت موجب تونسه بيراج بابت ذري پُرزي جو احوال پڙهندڙن سان اوري ٿو پوءِ هو رات جو هڪ ريسٽ هائوس ۾ ٿانيڪا ٿين ٿا ۽ صبح جو وري وڌيڪ کوجنا لاءِ سفر شروع ڪن ٿا . هتي ليکڪ مظفر ڳڙهه ڪينال ، ڊيرا اسماعيل خان بيراج ، چشمه بيراج ۽ ڪُجهه ٻين بيراجن جي ڳالهه ڪري ٿو ، جنهن سان مُستقبل ۾ سنڌو نديءَ جو گهڻو تڻو پاڻي انهن ڪينالن ، بيراجن ۽ ڊيمن جي نظر ٿي ويندو ۽ سنڌ جي پُڇڙيءَ وارن علائقن جي آبادگارن ۽ ڊيلٽا تائين پاڻي پُڄندو ئي ڪو نه ! ان کان پوءِ هو گريٽرٿل ڪينال بابت رپورٽ پيش ڪري ٿو ۽ ان سان گڏ سرائيڪي بيلٽ وارن کي پيش خطرن ۽ خدشن کي به بيان ڪري ٿو . ليکڪ هن ڪتابَ جي صفحي نمبر پنجيتاليهن ۽ ڇائيتاليهن تي لکي ٿو ته ؛ ” سرائيڪين جو چوڻ آهي ته ؛ بهاول پور ، مُظفرڳڙهه ۽ مُلتان وانگر هتي به شيخوپوره ، فيصل آباد ، جهلم ، گُجرات ۽ ٻين عِلائقن مان وڏي انگ ۾ پنجابي ڳالهائڻ وارن آبادگارن کي گُهرائي ، سِرائيڪين جا قديم ڳوٺ ۽ زمينون انهن جي حوالي ڪيون ويون آهن ۽ انهن کي ٿل ڪئنال مان زراعت لاءِ پاڻي ڏنو ويندو ، جنهن ڪري سِرائيڪي تيزيءَ سان اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ! “

1991ع واري معاهدي موجب ، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ايم اي ايف پاڻي ڏيڻ گهرجي پر عملي طور تي ٻه ايم اي ايف پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي ! بدين ، ٺٽي ۽ سُجاول واري سامونڊي پٽيءَ جون زمينون اڳ ۾ ئي بنجر بڻجي چُڪيون آهن ۽ سنڌ ۾ جَرُ ، تيزيءَ سان کارو ٿي رهيو آهي ، اُن سان اهو ٿيندو جو زراعت لائق زمينون به ايندڙ ڪُجهه سالن ۾ ڪلراٺيون ٿي وينديون ۽ سنڌ ۾ هينئر ٿيندڙ فصلن توڙي ڀاڄين جي پيداوار کي وڏو ڪاپاري ڌڪُ لڳندو! اهو به عين ممڪن آهي ته سنڌ ۾ ، ايندڙ ڪُجهه سالن کان پوءِ اناج ، ڀاڄيون ۽ ميوات به پنجاب ۽ خيبرپختون خواهه منجهان گهُرائڻيون پون!

جهوڪ سِرائيڪي جو عِلائقو گهمڻ کان پوءِ ليکڪ ۽ زُبيدا بِرواڻي مُلتان ، بهاول پور ، روهي وارو قلعو ، دراوڙ قلعو ۽ چولستان وارو عِلائقو گهُمي ڦري ڏٺو ، اتي جي مقامي ماڻهن ليکڪ کي ٻُڌايو ته؛ ” هن سموري عِلائقي ۾ هاڻي ريٽائرڊ فوجين کي زمينون الاٽ ڪيون ويون آهن ۽ هتان جا اڪثر اصلوڪا سرائڪي رهاڪو ٻين هنڌن ڏانهن هجرت ڪري وڃي چُڪا آهن! “

هن ڪِتابَ جو ٻيو سفرنامو ”پيردان؛ مهرڪ جي نگري“ آهي ، جيڪو بلڪل مختصر آهي ۽ رُڳو نون صُفحن تي مشتمل آهي. اهو عِلائقو ايران ويندي سَرباز ، بلوچستان واري پاسي آهي. هن مختصر سفرنامي ۾ ليکڪَ هڪ بلوچي عشقيه داستان ”عزت الله ۽ مهرڪ“ بابت پڻ لکيو آهي. اُن سان گڏ هن عِلائقي جي ريتن رسمن ۽ ماڻهن بابت پڻ چڱيرڙي معلومات ونڊي اٿس.

ٽيون سفرنامو ” گاجي گنج بخش ، لَکين دا ڏاتار“ جي عُنوان سان آهي ، جنهن ۾ ليکڪ ڪاڇي ۾ موجود گاجي شاهه کوسي جي ميلي تي گهمڻ وڃي ٿو ۽ اُتي موجود ميلي جي ڪلچر ، ماڻهن جي عَقيدي پَرستي ، ڪلهوڙن جي دور جي تواريخ ، ميان وال تحريڪ جي تواريخ ۽ جوهي جي روڊن رستن جي ڳالهه ڪري ٿو. هن سموري سفر ۾ ليکڪ جو ساٿي وفا برهماڻي آهي ، جيڪو سندس سونهون به آهي . هو سمورو ڏينهن گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ رات جو جوهيءَ ۾ وِليج شاد آباد جي دفتر ۾ رهي پوي ٿو.

چوٿون سفرنامو ڪوهستان ۾ موجود ” آري پِيرَ“ جي سفر ۽ آستان بابت آهي ، جيڪو ليکڪ پنهنجن چوڏهن ساٿين سان گڏ ڪري ٿو ، جنهن ۾ هو ڪراچي کان آري پير تائين پهچڻ جا سمورا گسَ ۽ ڏسَ وڏي تفصيل سان بيان ڪري ٿو. هتي پاڻي پوڄا ۽ واڳون پوڄا جي ڳالهه پڻ بيان ڪيل آهي ۽ هتي آري پِير جي اتڙي تي چورن ۽ قاتلن کان پاڻيءَ ۾ساکَ وٺڻ واري رواجَ جي ڳالهه پڻ مشهور آهي.

هن ڪِتابَ جو ٻيو حصو تحقيقي رپورٽن تي مشتمل آهي ، جنهن ۾ چوٽياريون ريزروائر ، منڇر ڍنڍ ، ڪراچيءَ جون رهائشي اسڪيمون ۽ سَواليه نشان بڻيل اصلوڪا ماڻهو ، شهري حُڪومت ؛ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش ، سنڌي قومي تحريڪ جو الميو ۽ بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين جا مضمون شامل آهن . اهي سڀئي تحقيقي رپورٽون هن ڪِتاب جو روح آهن ۽ هر هڪَ مضمون تي الڳ الڳ تبصرو يا تجزيو ۽ ڪري سگهجي ٿو.

اُن کان پوءِ ليکڪ ” زندگي ۽ فلسفي جهڙي اهم موضوع هيٺ حُسين بن منصور حلاج ۽ بابا سريچند جي فڪر فلسفي ، سندن زندگي ۽ ڪمن تي ٻه عدد تفصيلي مضمون لکيا آهن ، جيڪي هن ڪِتاب ۾ موجود ٻئي مَوادَ کان بلڪل الڳ ٿلڳ لڳن ٿا ، پر بهرحال اهي مضمون به پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت وارا آهن . اُن کان پوءِ ليکڪ ٻه عدد ” ادبي ٽڪرا “ يا تاثر لکيا آهن ، انهن منجهان هڪڙي جو عُنوان ” گڏاپَ جون بَسون ۽ ايڪويهين صدي“ آهي ۽ ٻيو ادبي ٽُڪرو يا تاثر ”مون نئين صديءَ جي پهرئين ڏينهن کي ڪيئن ڏٺو“ جي عُنوان سان آهي. اهي ٻئي مضمون بلڪل مختصر آهن پر هنن ۾ ليکڪَ پنهنجي حساس هجڻ ۽ پنهنجي اوسي پاسي جي مُڪمل ڄاڻ هجڻ جو اظهار ڀرپور نموني سان ڪيو آهي.

هن ڪِتابَ جا آخري ٽي مضمون به تاثراتي مضمون آهن ، جيڪي هُن پنهنجن ٽن دوستن جي وِڇوڙي تي لِکيا آهن ۽ انهن جا ترتيبوار عُنوان هن ريت آهن 1. شهيد عبدالله مُراد 2. فقير محمد لاشاري جي لاڏاڻي تي هڪ تاثر ۽ 3. ڊاڪٽر دُر محمد بلوچ جي لاڏاڻي تي تاثر ”سي لاهوتي لڏي ويا “. ٻهَ سئو اَسي صفحن تي مُشتمل هي ڪِتابُ هڪ مڪمل دستاويز آهي ، جنهن جو پَنو پَنو هڪ پڙلاءُ آهي. جيڪو به ماڻهو هن ڪِتابَ ۾ ذڪر ڪيل عِلائقن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ، اهو هي ڪِتابُ لازمي طور تي پڙهي ، آئون پوري يقين سان چَوان ٿو ته کيس گهر ويٺي انهن عِلائقن جي تواريخ ، جاگرافي ، رهڻي ڪهڻي ۽ اُتان جي لوڪ ڪٿائن جي ڄاڻ انگن اکرن سَميت ملي ويندي!.
 
Back
Top