گُل حسن ڪَلمتي جي ڪِتابَ ” ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ جو مختصر احوال اڀياس ڪار؛ امين جويو سائين گُل حسن ڪَلمتي جو هي ڪِتاب ڪراچيءَ جي لافاني ڪردارن بابت آهي ، جنهن ۾ هُن ڪراچيءَ جي نامور شخصيتن بابت ڄاڻ ونڊي آهي . هن ڪِتاب جو مُهاڳ سنڌ جي سَٻاجهي سَرجڻهارَ سائين مُحمد ابراهيم جويي صاحب لکيو آهي ، جنهن ۾ هو چون ٿا ته ؛ ” گُل حسن ڪَلمتي لِکڻ جي ميدان ۾ هاڻ ڪو نئون نانءُ نه رهيو آهي . پاڻ ڪيترائي ڪِتابَ لِکي پورا ڪيا اٿائين ۽ ڇپائي پڌرا پڻ ڪيا اٿئين ، جن ۾گهڻي ڀاڱي سفرناما ۽ تواريخي ڇَنڊ ڇاڻ بابت آهن. هن ڪتابَ ۾ لڳ ڀڳ پنجويهه شخصياتي خاڪا موجود آهن ۽ انهن سڀني جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي ، جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ هن شهر جي ترقي ۽ واڌاري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ڳالهه برابر آهي ته هي ڪتاب شخصيتن جي خاڪن تي ٻَڌل آهي ، پر ان جي ترتيبَ ڪجهه اهڙي ريت رکي وئي آهي ، جو ڪراچيءَ جي ترقي ۽ اوسر جو خاڪو پڻ چِٽجي اُڀري سامهون اچي ٿو. ليکڪَ پنهنجي طور تي وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش ڪئي آهي ته ، مختلف شخصيتن جي خاڪن چِٽڻ وسيلي اها ڳالهه ثابت ڪجي ته هن شهر کي ڌارين نه پر ، اصلوڪن ۽ ڏيهي ماڻهن ٺاهيو آهي. اڄ ڪراچي شهر تي جيڪي به ڌريون دعويٰ ڪن ٿيون ، انهن مان ڪا به ڌر تواريخي طرح سان ڪراچيءَ شهر جي وارث نه رهي آهي ، اُهي فقط سنڌي ماڻهو ئي هئا جن ، هن شهر جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو رت ۽ ست ڏنو ، پنهنجي جاگرافيائي اهميت سبب ڪراچي کي اهم شهر بڻجڻو ئي هو ، پر جيڪڏهن اهو ڌارين بدران پنهنجن جي هٿن ۾ هجي ها ته اڄ هي شهر امن جو هِندورو هُجي ها!“ هن مُستند دستاويز ۾ ، ليکڪَ ڪراچيءَ جي جن لافاني ڪردارن جي ڳالهه ڪئي آهي ، انهن ۾ هي شخصيتون شامل آهن ؛ 1. مورڙو ميربحر 2. مير چاڪر خان ڪَلمتي 3. رام دين پانڊي 4. سورج بالي تيوري 5. شهيد قادو مَڪراني 6. سيٺ ڌريانو مَل 7. نسروانجي رستم جي مهتا 8. ديوان ٽهلرام کيمچند وزيراڻي 9. هرچندراءِ وشنداس 10. جمشيد نسروانجي رستم جي مهتا. 11. اوڌا رام مولچند 12. واڌو مل اوڌارام 13. ٽيڪم داس واڌو مل 14. عالو مَل ( عالم چند ) ٽيڪم داس ڀوڄواڻي 15. مولانا محمد صادق ( کڏي وارو) 16. سيٺ غلام علي غلام حسين چاڳلا 17. مهاراج سکرام داس اوجها 18. مهاراج ڏيپچند ٽي. اوجها 19. ڄام مير محمد ايوب خان عالياڻي ( بار ايٽ لا ) 20. حاجي محمد هاشم گزدر 21. خانبهادر اردشير هرمسجي ماما 22. راءِ بهادر شيوارام ڏيونمل وزيراڻي 23. قاضي خدا بخش مورائي 24. غلام محمد لاسي 25. درگداس بي . آڏواڻي 26. آر. ڪي سڌوا 27. احمد غلام علي چاڳلا 28. حاجي امام بخش چانڊو ۽ 29. غلام احمد نظامي . ڪراچيءَ جي مٿين سڀني لافاني ڪردارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ، هِن ڪتابَ جي ليکڪ سائين گُل حسن ڪَلمتي پنج لاجواب اکر چونڊيا آهن ! جيڪي هي آهن ته ؛ ”وِڇڙيا آهيو ، پر وِسريا ناهيو! “ هنن پنجن جامع لفظن ذريعي ليکڪ پنهنجن خيالن ۽ احساسن جو اظهار ڪيو آهي ۽ سموري ڪِتابَ ۾ رُڳو سندن ذڪر ڪري پنهنجي ڳالهه کي پاڻي ڏنو آهي. هن ڪِتابَ ۾ مورڙي ميربحر جي ڪردار کان وٺي ، غُلام احمد نظامي جي لافاني ڪردار تائين ، ليکڪ مختلف ڪتابن ، رسالن ، اخبارن ۽ ڪچهرين جا حوالا ڏيئي سندن زندگي ۽ ڪمن بابت ڄاڻ ونڊي آهي. هِن ڪمَ کي مُڪمل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي ليکڪَ کي ڳچ عرصو لڳو هوندو ۽ ڏوڪڙ پيسا به جام خرچ ڪرڻا پيا هوندس!. حقيقت ۾ نِج تحقيق ان کي ئي چئبو آهي ، جنهن ۾ رولاڪيون به ڪرڻيون پون ته وري پنهنجي هَڙان وَڙان خرچ به ڪرڻو پَوي!. باقي گهر ويٺي اخبارون پڙهي يا گوگل سَرچ ذريعي ته هر ڪو لِکي ۽ ڇَپرائي سگهي ٿو. هن مُنفرد ڪِتابَ جي خاص ڳالهه اِها آهي ته ليکڪَ ، ڪراچيءَ جي لافاني ڪردارن کي رُڳو هڪڙي جُملي ذريعي بيان ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي! اها تمام وڏي ڳالهه آهي ، ڪاش اهڙو ڏانءُ آئون به سِکي سگهان! هتي مثال جي طور تي ڪُجهه جملا پيش ڪجن ٿا ، جن ۾ ليکڪَ وڏي انصاف کان ڪم وٺندي ، رڳو هڪڙي جُملي ۾ ڪراچيءَ جي لافاني ڪردارن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي؛ 1. مورڙي ميربحر لاءِ لکن ٿا ته ؛ ” سنڌ جي تاريخ ۾ هيڻائيءَ باوجود ڏاهپ ۽ سورهيائي جي علامت بڻجي ، جيئرو رهندڙ ڪردار“ 2. مير چاڪر خان ڪَلمتي ؛ ” انگريزن هٿان ڦاهي کائيندڙ سنڌ جو پهريون انقلابي“ 3. رام دين پانڊي ۽ سورج بالي تيوري ؛” 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ ڪَراچيءَ ۾ بغاوت ڪندڙن جا سَرواڻ “ 4. شهيد قادو مڪراني ؛ ” اوڀر جو رابن هُڊ “ 5. سيٺ ڌريانو مَل؛ ” جنهن ٽالپرن کي ڏهن سالن تائين ، ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو “ 6. هن ڪِتابَ جي ليکڪَ سائين گُل حسن ڪلمتيءَ ؛ نسروانجي رستم جي مهتا لاءِ لکيو آهي ته ؛ ” هن ڪراچيءَ ۾ سڀ کان پهريان فيڪٽريون لڳايون“. 7. ديوان ٽهلرام کيمچند وزيراڻي ؛ ” هڪ قومي ڪارڪن ، اديب ، وڪيل ، استاد ، صحافي ۽ لڳاتار نَوَ سال ڪراچي ميونسپلٽي جو صدر رهيو“ 8. هرچند راءِ وشنداس ؛ ” جديد ڪراچيءَ جو اڏيندڙ “ 9. جمشيد نسروانجي رستم جي مهتا ؛ ” جديد ڪراچيءَ جو باني ۽ انسان جي روپ ۾ هڪ ديوتا “ 10. اوڌارام مولچند ، واڌو مل اوڌارام ۽ ٽيڪم داس واڌو مل ؛ ” ٽِن پيڙهين تائين ڪراچيءَ جي بلدياتي ، سياسي ، سماجي ۽ ثقافتي ميدان ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ گهراڻي جا فرد “ 11. عالو مَل (عالمچند) ٽيڪم داس ڀوڄواڻي ؛ ” هڪ تعليمي ماهر ، استاد ۽ عملدار “ 12. مولانا محمد صادق ( کڏي وارو) ؛ ” هڪ ترقي پسند ، قومپرست ، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ “ 13. سيٺ غلام عَلي غلام حسين چاڳلا ؛ ” هڪ اديب ، صحافي ، عالم ، عِلم دوست ، سماج سُڌارڪ ۽ ڪراچي ميونسپلٽي جو پهريون چونڊيل مسلمان صدر “ 14. مهاراج سکرام داس اوجها ۽ مهاراج ڏيپچند (ٽي) اوجها ؛ ” ڪراچيءَ ۾ سِلهه جي مرض خلاف جهاد ڪندڙ ماڻهو “ 15. ڄام مير محمد ايوب خان عالياڻي ؛ ” ڪراچيءَ جي ادبي ، ثقافتي ۽ سَماجي گُل دستي جو هڪ گُل ، شاعر ۽ قومي ڪارڪن“ 16. حاجي محمد هاشم گذدر ؛ ” جناح جو ويجهو ساٿي هو“ 17. قاضي خدا بخش مورائي ؛ ” ڪراچي ميونسپلٽي جو پهريون مسلمان ميئر ، سماجي ڪارڪن ، صحافي ، وڪيل ۽ سياسي اڳواڻ“. 18. غلام محمد لاسي ؛ ” فٽبال ، هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جو مشهور رانديگر“ 19. درگداس . بي ، آڏواڻي ؛”ڪراچي ميونسپلٽي جو ميئر ، انجنيئر ، سياسي ، سَماجي ۽ واپاري اڳواڻ“ 20. احمد غلام علي چاڳلا ؛ ” هڪ موسيقار ، شاعر ، اديب ، ڊراما نويس ، صحافي ، براڊ ڪاسٽر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي ڌُن جو ٺاهيندڙ“ .21. حاجي امام بخش حاجي چانڊو ؛ ” ڪراچيءَ جي سُهڻين عِمارتن جو اڏيندڙ “ 22. ۽ غلام احمد نظامي ؛ ” ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ قومي شاعري کي رائج ڪندڙ شاعر ، اديب ، صحافي ، براڊ ڪاسٽر ۽ قومي ڪارڪن.“ مٿي بيان ڪيل سڀني شخصيتن جي زندگي ۽ ڪراچيءَ جي لاءِ ڪيل ڪمن جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ، اوهان کي هي ڪِتاب پڙهڻو پوندو. هن ڪِتاب اندر پنجاهه عدد قديم ۽ ناياب تصويرون پڻ ڏنل آهن، جيڪي اوهان اڳ ۾ ڪڏهن به ڪٿي نه ڏٺيون هونديون. مزي جهڙي ڳالهه ته اِها آهي جو اوهان کي هي ڪِتاب پڙهندي ڪا به بوريت نه ٿيندي ، ڇو ته هي دلچسپ نموني سان لِکيل آهي ٻيو وري هي دستاويز ٺوس حقيقتن تي ٻَڌل آهي ۽ هن ۾ ڪٿي به ڪو وَڌاءُ ٿيل ڪونهي! هر شي ۽ هر ڳالهه ثبوتن جي آڌار تي لکيل آهي. هن ڪِتاب ۾ ڪُل ٻهَ سئو اَسي صُفحا آهن ۽ هن جو پهريون ڇاپو ”نئون نياپو پبليڪيشن ، ڪراچي“ وارن پاران سال ، 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.