• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گُل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ” سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ “ جو مختصر احوال

امين جويو

جونيئر رڪن
گُل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ” سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ “ جو مختصر احوال


اڀياس ڪار ؛ امين جويو


سائين گُل حسن ڪلمتي جو هي ڪتاب ، سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن جي باري ۾ آهي ، هي ڪتاب ارڙهن بابن تي ٻڌل آهي ۽ هن ۾ ٽوٽل ٻه سو ٻارنهن صفحا آهن . هي ڪتاب ڊسمبر 2016ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي ، ڪراچي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ ليکڪ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي رهندڙ مُهاڻن ۽ ٻيڙياتن جي زندگي جي تصوير ڪشي ڪئي آهي ۽ هن هر هڪ ٻيٽ تي رهندڙ مُهاڻن جي آبادي ، ٻيٽ جي ايراضي ، ٻيٽن تي رهندڙ مُهاڻن جا سياسي ۽ سماجي مسئلا ، سندن رهڻي ڪهڻي ، صحت ۽ تعليم جو تفصيل بيان ڪيو آهي. ليکڪَ هن ڪتاب ۾ سمنڊ جي ماحوليات ۽ گدلاڻ تي پڻ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ سامونڊي ٻيٽن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هر هڪ ٻيٽ جي ماضي ، حال ۽ مستقبل جي باري ۾ ڏاڍي گهرائيءَ ۽ تفصيل سان لکيو ويو آهي. هن ڪتاب کان اڳ سنڌ جي ايترن سارن سامونڊي ٻيٽن جي ڄاڻ هڪ ئي هنڌ ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ نظر نه ٿي اچي . هن ڪتاب جي هر هڪ باب جي شروع ٿيڻ تي هڪ عدد شاهه عبداللطيف جو بيت ڏنل آهي ، اهي بيت سُر سامونڊي ۽ سُر گهاتو منجهان کنيا ويا آهن.

هن ڪتاب جي پهرئين باب ’چَرڻا ٻيٽ ۽ مهاڻن جون کوپڙيون‘ ۾ صفحي نمبر ستاويهين تي لکيل آهي ته؛ ”چَرڻو ٻيٽ سنڌ ۽ بلوچستان جو سامونڊي دنگ آهي ، چَرڻا ٻيٽ اصل ۾ هڪ جبل آهي ۽ رهڻ جي قابل نه آهي. اهو حب نديءَ کان اولهه پاسي نوَن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي. هي ٻيٽ 1.2 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ اڌ ڪلوميٽر ويڪرو آهي. چرڻا جبل جي اوچائي پنج سو اسي فوٽ آهي. بلوچستان کان ايندي هي سنڌ جو پهريون ٻيٽ آهي ۽ بدين کان سامونڊي ڪناري سان هن پاسي ايندي هي آخري ٻيٽ آهي. هتي مختلف قسمن جا سامونڊي جِيوَ وڏي تعداد ۾ موجود آهن ۽ هتي زهريلا سامونڊي نانگ به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سِپُن ۽ مڇين جي مختلف قسمن سان گڏ هتي سائو ڪَڇُون به وڏي انگ ۾ موجود آهي.

ڪتاب جي ٻئين باب جو نالو ” اک ڦاٽو ۽ سينڊس پَٽ “ آهي . هن باب ۾ ليکڪَ ماڙي پور جي علائقي جي تواريخ ، لوڻ جي ڪارخانن جي تواريخ ۽ مورڙي ميربحر واري قصي بابت اُٿاريل ڪجهه سوالن تي لکيو آهي جنهن ۾ حاجي يونس خاصخيلي سان ڪچهريءَ جو حوالو ڏيندي ، واضح طور تي لکن ٿا ته مورڙي جي ڀائرن کي شارڪ مڇي ڳڙڪائي وئي هئي ، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ماڱر / مانگر مڇ چيو ويندو آهي. ان کان سواءِ هن باب ۾ صفحي نمبر اُوڻٽيهين تي لکن ٿا ته ؛ ”سينڊس پٽ جو پراڻو نالو ’ دوهو‘ هو. هاڪس بي جو پراڻو نالو ’ ٻُلهيجي‘ هو ، پيراڊائيز پوائنٽ جو اصل نالو ’ اَک ڦاٽو‘ هو ، ۽ مسرور بيس جو اصلي نالو ’ماڙي پور هوائي اڏو‘ هو.“

ٽئين باب ۾ ’شمس ٻيٽ ۽ ڪڪا وليج‘ جي باري ۾ تفصيل ڏنو ويو آهي ، جڏهن ته چوٿون باب ۾ ’بابا ٻيٽ ۽ ڀٽ ٻيٽ‘ جي باري ۾ لکيل آهي. پنجون ۽ ڇهون باب ’صالح آباد ، بنڪر ٻيٽ ۽ منهوڙي‘ جي باري ۾ لکيو ويو آهي ، جنهن ۾ ليکڪَ منهوڙي ٻيٽ جي تواريخ کي ڏاڍي خوبصورت نموني سان بيان ڪيو آهي. ستون باب ’رام جهروڪا ۽ ڪياماڙي‘ جي ٻيٽن بابت لکيو ويو آهي ، جنهن ۾ سائين گُل حسن رام جهروڪا ٻيٽ جي وابستگي ”رامَ“ سان جوڙي آهي ۽ ان ڏسَ ۾ ڪجهه مُستند ڪِتابن جا حوالا پڻ ڏنا اٿائين. هن ڪتاب جو باب نمبر اٺون ’باٿ آئلينڊ ، بوٽ بيسن ، ڪلفٽن ۽ گسري بندر‘ جي باري ۾ لکيو آهي ، جيڪي هاڻي ٻيٽ ته ناهن رهيا پر ڪنهن وقت ۾ اهي چارئي ٻيٽ هيا.

نائون باب ’ڏِنگي ۽ ڀُنڊار‘ ٻيٽن بابت آهي، هي باب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙن جو اکيون ۽ دماغ کُلڻ کپي! جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ وٽ هي سمورو ڪتاب پڙهڻ جو وقت نه به هجي ته هو رُڳو ، هي ڪتاب کولي ۽ صفحي نمبر 109 تي لکيل هي جملا پڙهي؛ ” ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ سنڌ جي ڊيلٽا اندر موجود ساڍن ٽن سون کان مٿي ٻيٽن جي مُنهن ۾ آهن ، جتي ’ سيف سٽي ‘ جي نالي سان جديد شهر اڏجڻ جو منصوبو عمل هيٺ آهي ، جنهن کان پوءِ باقي ٻين ٻيٽن تي قبضي لاءِ رستو کُلي ويندو . ڏِنگي ۽ ڀُنڊار ٻيٽ ميلن ۾ ، کُليل سمنڊ تائين پکڙيل آهن ، انهن تي جديد شهر اڏجڻ سان سنڌي مهاڻن ۽ سنڌي ماڻهن کان سنڌ جي ٻيٽن جي مالڪي وارو حق کسجي ويندو . ساحلي ڪنارو گند جو ڍير بڻجي ويندو ۽ کليل سمنڊ ڏانهن مهاڻن جي وڃڻ جا لنگهه بند ٿي ويندا !

ڏهين باب ۾ ’رَتي ڪوٽَ‘ جي اڙانگهي سفر بابت لکيل آهي. يارهين باب جو عنوان ڏاڍو دلچسپ آهي؛ ’جتي ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون ختم ٿيون ! اسان اُتي پهتاسين‘ هن باب ۾ مختلف ٻيٽن ، کارين ۽ مهاڻن جي زندگي ، ڪار ونهوار ، سندن سماجي مسئلن ، حُڪومتي ڌُرين جي ويساهه گهاتين ۽ تمر جي ٻيلن بابت ڄاڻ ونڊيل آهي.

ٻارهين باب ۾ ’گهاري ڪريڪ‘ جي باري ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته ؛ ”سنڌوءَ جي پڇاڙَ وارو هي ڊيلٽائي علائقو سترهن کارين تي ٻڌل آهي ، جيڪي سنڌوءَ جون ڇوڙَ واريون شاخون آهن . هن وڏي علائقي جي پکيڙ ڪراچيءَ کان رِڻ ڪڇ تائين آهي. اها پکيڙ، 52800 ( ٻاونجاهه هزار اٺ سو ) چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي . هي دنيا جو ستون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي ۽ سنڌو جي ڊيلٽا واري هن علائقي ۾ ٽيهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا!“

تيرهون باب ’جاڪي بندر يا جاکي بندر‘ جي باري ۾ لکيل آهي. جڏهن ته چوڏهون باب ’دونهين واري ٻيٽ‘ جي باري ۾ آهي ۽ پندرهون باب ’هالو تبرڪو ٻيٽ‘ جي باري ۾ لکيل آهي. هن ٻيٽ تي ليکڪ ۽ سندس ٽيم وڏين مشڪلن کان پوءِ ، گپَ مان جهاڳيندي پهچي ٿي ، ڇو ته کين هتي ڪجهه قديم آثارن ، چوڪنڊي قبرن ۽ هڪ ٺُلهَه جي موجودگي بابت اطلاع مليا هئا. پر اُتي پهچڻ کان پوءِ خبر پين ته ، هن وقت اهڙي ڪا به شيءِ سَرزمين تي موجود ڪانه هئي ۽ سمورا قديم آثار سمنڊ ڳڙڪائي چُڪو هو! سورهين باب جو عنوان ’سنڌو ڊيلٽا جو ٿيندڙ موت ۽ سمنڊ ڪناري بزرگن جا آستانا‘ آهي. سترهين باب جو عنوان ’ٻي عالمي جنگ جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ ماهيگيرن جي ڀلائيءَ لاءِ قائم ڪيل فشر مينس ڪو آپريٽوِ سوسائٽي لميٽيڊ‘ آهي. هن باب ۾ فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي بنياد پوڻ جي ڳالهه ڪيل آهي ۽ هن سوسائٽي جي تاريخ ۽ ڪمن تي روشني وڌل آهي.

هن ڪتاب جو آخري باب ”سامونڊي ماحولياتي، گدلاڻ ۽ تمر جي تباهي“ جي باري ۾ لکيل آهي.

مجموعي طور تي هي ڪتاب سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي لکيل اهم ترين معلومات جو ذريعو آهي. هن ڪتاب کان اڳ ۾ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي ايتري جامع معلومات وارو ڪتاب منهنجي نظر منجهان ته نه گُذريو آهي. هن ڪتاب ۾ سڀني ٻيٽن جي جاگرافيائي بيهڪ ، پکيڙَ ۽ آبادي بابت تفصيل ڏيڻ سان گڏو گڏ ليکڪَ اتان جي مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين ، سندن مشڪلاتن ، سهولتن جي اڻ هوند ۽ سندن ڏُکن ڏاکڙن کي چڱي طرح سان وائکو ڪيو ويو آهي. ائين ٿو لڳي ته هي ڪتاب سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهن پاران هڪ احتجاج آهي ۽ هڪڙو ڪيس آهي، جيڪو ليکڪَ ڏاڍي بهترين طريقي سان ڪِتابي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي.

ڪتابَ جي ليکڪ هن ڪتاب ۾ سمنڊ جي ماحول جو تحفظ ڪندڙ ادارن ۽ قانونن جي به ڳالهه ڪئي آهي ، ۽ هر مسئلي جو ممڪن حل به ٻڌايو اٿس ، جيڪڏهن سندس صَلاحن ۽ تَجويزن تي عمل ڪيو وڃي ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي رهندڙ سنڌي ماڻهو گهڻين مصيبتن کان بچي سگهن ٿا. ان سان گڏ ليکڪَ مستقبل ۾ پيش ايندڙ خطرن جي پِڻ چٽيءَ طرح سان نشاندهي ڪئي آهي ، ته حڪومتي ڪارندا مستقبل ۾ ڇا ڇا ڪري سگهن ٿا!... نقصان ته هر حالت ۾ وري به اُتان جي مقامي رهواسين جو ٿيندو ، جيڪي صدين کان اتي رهن ٿا. سندن رهائش ختم ٿي ته سندن روزگار به ختم ٿي ويندو!. سمنڊ جو اِيڪو سسٽم پڻ تباهه ۽ برباد ٿي ويندو! ۽ سنڌي سمنڊ جو ڪنارو گندگي جو هڪ ڍير بڻجي ويندو ، جنهن سان سمنڊ ۾ موجود آبي جيوت جي بقاءَ کي به خطرو پيش ايندو!

ان کان سواءِ سامونڊي ٻيٽن تي رهندڙ ٻيڙياتن ۽ مُهاڻن کي ڪيڏانهن لڏايو ويندو؟ ! جيڪڏهن انهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو ته ، پوءِ اهي ڌنڌو ڪهڙو ڪندا ؟ ڇاڪاڻ جو انهن ته نسل در نسل رڳو سمنڊ سان ئي جهيڙيو آهي ۽ اهو ئي سندن جياپي جو واحد ذريعو رهيو آهي. اهي ماڻهو اتان لڏايا ويا ته پوءِ سندن گُذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو!...

جيئن شاهه عبدالطيف فرمايو آهي ته ؛

” نه ڪا بوءِ بازار ۾ ، نه ڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ،

جِتي ڏَنڀريِن جِي ، اَڳي هُئي اُگهٽَ،

سَي پِڙَ پَسِيو پَٽَ ، ماڙهُو وَڃَن موٽيا.“
 
Back
Top