گُل حسن ڪلمتي جي مشهور ۽ معروف ڪتاب ( ڪراچي ؛ سنڌ جي مارئي ) جو مختصر احوال اڀياس ڪار ؛ امين جويو ” ڪراچي سنڌ جي مارئي “ اهو ڪتاب آهي جنهن نه رڳو ڏيهي سطح تي مڃتا ماڻي آهي ، پر ان سان گڏ ڪراچي تي محيط هن ڪتابَ پرڏيهي سطح تي پڻ مان ۽ مڃتا حاصل ڪري ورتي آهي . سائين گُل حسن ڪلمتيءَ جو لکيل هي ڪتاب ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪراچيءَ تي هڪ مڪمل ۽ مُستند دستاويز سمجهيو ويندو آهي. تازو انڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ وارن پاران هن ڪتابَ کي انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو آهي ، جنهن سان هي ڪتاب دُنيا جي اهم ترين ۽ کوڙ سارن سُڌريل ملڪن تائين پهچي ويندو ۽ هن جا پڙهندڙ لکن جي تعداد ۾ ٿي ويندا! ان سان گڏ هي ڪتاب هميشه لاءِ محفوظ ۽ امر ٿي ويندو. ڪراچي جهڙي وسيع شهر کي رڳو هڪڙي ڪتاب ۾ قيد ڪرڻ جهڙو ڏانءُ سنڌ ۾ رڳو سائين گُل حسن ڪلمتيءَ وٽ ئي آهي . اڳيان هلي مستقبل ۾ ڪو ٻيو تحقيقدان اهڙي ڪوشش ڪرڻ چاهي ، تڏهن به سندس بُنيادي ماخذ هي ڪِتاب هوندو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ته نئون نياپو اڪيڊميءَ وارن پاران سن 2008ع ۾ آيو هو ، پر بعد ۾ ڇهن سالن جي مختصر عرصي کان پوءِ هن ڪتابَ جو واڌاريل ۽ سُڌاريل ڇاپو سال 2014ع ۾ آيو ، جنهن جي مهورت ” سنڌ اڀياس اڪيڊمي ، زيبسٽ يونيورسٽي ، ڪراچي“ پاران ڪرائي وئي هئي. هن ڪتابَ جو مهاڳ سنڌ جي سدا بهار ۽ مانائتي شخصيت سائين امرجليل لکيو آهي ، جنهن مهاڳ ۾ ته هن ڪتابَ بابت ۽ ليکڪَ بابت هڪ اکر به نه لکيو آهي ، باقي هن ڪراچيءَ سان لاڳاپيل پنهنجيون ساروڻيون بيان ڪيون آهن ۽ هن ڪراچيءَ ۾ گهاريل پنهنجي زندگيءَ بابت پڻ ٻُڌايو آهي . هونئن به ايمانداري واري ڳالهه اها آهي ته هيڏي زخيم ڪتابَ تي مختصر احوال يا جائزو لکڻ ڪنهن چيلينج کان گهٽ ناهي! آئون پنهنجي هن مختصر تحرير ۾ ڪوشش ڪريان ٿو ته پڙهندڙن کي ٿلهي ليکي ٻڌائي سگهان ته ؛ هن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ بابت ڪهڙو مواد موجود آهي. هن ڪتابَ کي ڪُل اڻٽيهه بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هن ڪتاب لاءِ هڪ سئو ڇٽيهه سنڌي ڪتابن ، رسالن ۽ اخبارن جا حوالا ڪتب آندا ويا آهن ، جڏهن ته ٽياسي انگريزي ڪتابن ، رسالن ، اخبارن ۽ ويب سائيٽن تان ريفرنسز ( حوالا ) کنيا ويا آهن . ان کان سواءِ هن زخيم ڪتابَ جي حوالن لاءِ ڪراچيءَ جي ڇٽيهه ننڍن وڏن ادارن ۽ پنجن لائبررين منجهان پڻ مدد حاصل ڪئي وئي آهي. هي ڪتاب اٺ سئو اسي ( A- 4) سائيز صفحن تي مشتمل آهي ، اهي صفحا عام ڪتابن جي ماپ کان لڳ ڀڳ ٻيڻا آهن ، سو جيڪڏهن صفحن جي انهيءَ تعداد کي ٻيڻو ڪجي ته اهي وڃي سترنهن سئو سٺ صفحا ٿيندا ! هاڻي اوهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هي ڪتاب ڪيترو زخيم آهي ۽ هن کي پڙهڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي سگهي ٿو!. ٿلهي ليکي هن ڪِتاب ۾ ڪراچيءَ جي حوالي سان هر موضوع تي لکيل آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ڪراچي شهر جي حوالي سان شايد ئي ڪو اهڙو موضوع هُجي ، جنهن کي سائين گُل حسن رهائي ڇڏيو هجي!. هن ڪتاب ۾ موجود ڪجهه موضوع مثال جي طور تي هتي پيش ڪجن ٿا. هن ڪتاب ۾ ؛ ڪراچي جي سياسي ، سماجي ۽ انتظامي تاريخ سميت ، ڪراچي ميونسپلٽي جي تاريخ پڻ بيان ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي تاريخ ، صحت جا ادارا ، تعليمي ادارا ، ڪراچي جي صحافت ، ادب ۽ ثقافت ، ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي دور ۾ ٿيل ترقي ، ڪراچي جي آدمشمارين جي تاريخ ، گڏاپ ۾ موکي متارن جي آکاڻي ، لياري ۽ ملير نديون ، منگهو پير جي تاريخ ، ڪراچيءَ سان لڳندڙ ڪوهستان ، ڪراچيءَ ۾ هندومت ، عيسائيت ، اسلام ۽ ٻيا مذهب ، ڪراچيءَ ۾ گهاڙي قبرن / چوڪنڊين وارا قبرستان ، ڪراچيءَ جو سڀئي ديهون ۽ انهن جي تاريخ ! ، ڪراچيءَ جي ماحولياتي گدلاڻ ، ڪراچيءَ جي تواريخي اهڃاڻن جي تباهيءَ جا داستان ، ڪراچيءَ ۾ ٿيٽر ، سينيما ۽ سماجي ڀلائيءَ وارن ادارن جي تواريخ ، ڪراچيءَ ۾ پورهيت عورتن جي تواريخ ، ڪراچيءَ جا ٻيٽ ۽ انهن جي تواريخ ، ڪراچيءَ ۾ موجود ڪجهه تواريخي بلڊنگن جي تواريخ ۽ ڪراچيءَ جي ڪجهه لافاني ڪردارن جي تواريخ جهڙا اهم موضوع شامل آهن. مٿين سڀني موضوعن تي الڳ الڳ تبصرو لکي سگهجي ٿو ، ڇو ته هر باب جو موضوع الڳ آهي ۽ هر باب ۾ ڪيئي ڪٿائون ، ڪيئي ننڍا وڏا موضوع ، ڪيترائي ڪردار ۽ ڏُک سور سرجيل آهن ، انهن کي بيان ڪرڻ لاءِ منهنجو هي فقط ٻن صفحن تي مشتمل مختصر اڀياس يا احوال بلڪل اڻ پورو ۽ ناڪافي آهي.! ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سوين تصويرون ، نقشا ۽ چارٽ پڻ ڏنل آهن . جنهن مان هر تصوير ، هر نقشي ۽ هر هڪ چارٽ تي هڪ جامع تبصرو لکي سگهجي ٿو! ڇو ته آئون سمجهان ٿو ته هر تصوير هڪ ڪهاڻي هوندي آهي... هن ڪتاب کي سنڌ جي عَوام ۽ ڪيترن ئي ادارن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي ، ان جي ثابتي اها آهي جو ، هن ڪتابَ کي نيشنل بينڪ آف پاڪستان ، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي، واڊيلا بلوچ سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن ، بيسٽ رائيٽر ايوارڊ ، نجم عباسي ايوارڊ ، سوجهرو ادبي ايوارڊ ، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ايوارڊ ، سنڌي ادبي سنگت پاران مادر سنڌ ايوارڊ ۽ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن!. سو جيڪو به ماڻهو ڪراچيءَ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ بابت گهر ويٺي معلومات حاصل ڪرڻ چاهي ان کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي. ٿورڙن لفظن ۾ هن ڪِتاب لاءِ آئون فقط ايترو چوندس ته هي ڪتاب ڪراچيءَ جي انسائيڪلو پيڊيا آهي! . جيڪڏهن ائين چئجي ته ، سائين گُل حسن ڪلمتي هي ڪتاب لکي ڪراچي جهڙي ”ميگا سٽي“ کي هڪ ڪوزي ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي ، ته ان ۾ ڪو به وڌاءَ ڪو نه ٿيندو! . هي مضمون پڙهندڙن کي صلاح ڏيندس ته زندگيءَ ۾ گهٽ ۾گهٽ هڪڙو ڀيرو هي ڪتاب ضرور پڙهن .