• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گُل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ” ڪراچي ؛ انگريز دور جون مشهور عمارتون “ جو مختصر احوال

امين جويو

جونيئر رڪن
گُل حسن ڪلمتي جي ڪتاب ” ڪراچي ؛ انگريز دور جون مشهور عمارتون “ جو مختصر احوال


اڀياس ڪار ؛ امين جويو

سائين گُل حسن ڪلمتي جو هي ڪتاب ، ڪراچي ۾ موجود انگريزن جي دور جي مشهور ۽ تواريخي عمارتن جي ڄاڻ تي ٻڌل آهي . هي ڪتاب سال 2020ع ۾ ، نئون نياپو اڪيڊمي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ليکڪ پنهنجي هن ڪِتابَ جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ته ؛ ”انهن مزدورن جي نالي ، جيڪي پاڻ ته جُهڳين مَنجهه رهيا پر پَگهر وَهائي هي لازوال ۽ خوبصورت اڏاوتون جوڙيون! انهن جا نالا تاريخ جي پني تان بِنهه غائب آهن. مون کي انهن مزدورن جا نالا ڪٿي به ، ڪنهن به اڏاوت جي ڀِت يا بورڊ تي اُڪريل نظر نه آيا!“

هن ڪِتاب ۾ ڪراچي اندر انگريز دور جي مشهور بازارن ، هالَن ، لائبررين ، گهڙيالي ٽاورن ، ڪلبَن ، جيم خانن ، مندرن ، مسجدن ، گرجا گهرن ، اسڪولن ، هوٽلن ، ڪوٽن ، قلعن ، چمنين ۽ ڪجهه ٻين مشهور تواريخي عمارتن بابت ڄاڻ ونڊيل آهي . ان سان گڏ ليکڪ انهن عمارتن ۽ ادارن جي تواريخ پڻ بيان ڪئي آهي ۽ انهن جي اڏائيندڙ شخصيتن جا نالا پڻ ٻڌايا ويا آهن. سائين گُل حسن ڪَلمتي کان اڳ ۾ اهڙي قسم جو ڪم ياسمين لاري ، پيرزاده سلمان ۽ عارف حسن به ڪيو آهي پر هن ڪتاب ۾ سڀني کان وڌيڪ عمارتن بابت ڄاڻ ونڊيل آهي . ان کان سواءِ سائين گُل حسن جي لکڻ جو انداز به ٻين کان مختلف ۽ منفرد آهي . سندس مقصد رڳو انهن عمارتن جي تواريخ بيان ڪرڻ ۽ انهن بابت ڄاڻ ونڊڻ آهي . هن ڪتاب بابت سائين جن جو چوڻ آهي ته ؛ ” ڪتاب کي ڪنهن انجنيئر ، آرڪيٽيڪٽ يا اڏاوت جي ماهر جي نظر سان پڙهڻ بجاءِ ، تاريخ جي شاگرد پاران لکيل هڪ دستاويز جي نظر سان پڙهڻ گهرجي“

هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل مشهور بازارن ۾؛ ” صدر بازار ، ڪنگهام مارڪيٽ ، مڇي مياڻي مارڪيٽ ، بولٽن مارڪيٽ ، لمبرٽ مارڪيٽ ، ايمپريس مارڪيٽ ، لِي مارڪيٽ ، سولجر بازار، جيڪسن مارڪيٽ ، فريئر مارڪيٽ ، حسن علي هوتي مارڪيٽ ، جهونا / جونا مارڪيٽ، جوڙيا بازار ، کجور بازار ، سونارو مارڪيٽ ، ڪاغذي بازار ، ڌوٻي گهاٽ بازار ، واڌو مل مارڪيٽ ، بمبئي بازار، موتي والا گورڌن داس ڪلاٿ مارڪيٽ ، ڪوچين والا ڪلاٿ مارڪيٽ ، ٺاڪر لال جي لکميداس بلڊنگ ۽ ڪلاٿ مارڪيٽ ، عرفان ڪلاٿ مارڪيٽ ، سراج ڪلاٿ مارڪيٽ ، هري رام جئرام داس مارڪيٽ ، اقبال ڪلاٿ مارڪيٽ ، مالو والا مارڪيٽ ، ٽاور مارڪيٽ ، شڪارپوري ڪلاٿ مارڪيٽ ، موٽن داس ڪلاٿ مارڪيٽ ، ايلفنسٽن اسٽريٽ ۽ بوهري بازار شامل آهن.

جڏهن ته ڪِتابَ ۾ هنن لائبررين ۽ هالن جو ذڪر ٿيل آهي؛ ” فريئر هال ( ڪراچي ٽائون هال ) ، ميڪس ڊينسو هال ، بروڪس هال ، غلام حسين خالق ڏنا هال ۽ لائبرري ، فري ميسن هال ، ٿياسافيڪل هال ، هرمسجي ڪٽرڪ هال ، وشن سَڀا هال / راڳ محل ، آرٽلري والنٽيرس هال ، جهانگير ڪوٺاري هال ، ڪليڪٽر ڪچهري هال ، مهاراشٽر مترا منڊل ، شيگل ٻائي هال ۽ ناٿن ابراهم هال ، ڏيارام کلناڻي ۽ فتح چند کلناڻي هال ، ڪراچي هال ، صدر بازار ريڊنگ روم ائنڊ لائبرري ، رام داس مزارجي گجراتي فري ريڊنگ روم ائنڊ لائبرري ، خواجا اسماعيلي لائبرري ، خالصه فري ريڊنگ روم ائنڊ لائبرري.“

ان کان سواءِ هن ڪتابَ ۾ ، ڪراچي ۾ موجود انگريزن جي دور ۾ جوڙايل هنن مشهور گهڙيالي ٽاورن جو ذڪر ٿيل آهي؛ ” ميري ويڌر ٽاور ، پونا ٻائي ٽاور ، ڪياماڙي ڪلاڪ ٽاور ، ڪياماڙي ڀرت نمبر اٺَ بال ڪلاڪ ٽاور ، ايڊلجي ڊنشا ڊسپينسري ڪلاڪ ٽاور ، ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن آفيس بلڊنگ ڪلاڪ ٽاور ، ايمپريس مارڪيٽ ڪلاڪ ٽاور ، هولي ٽرنٽي چرچ ڪلاڪ ٽاور ، لِي مارڪيٽ ڪلاڪ ٽاور ، سنڌ مدرسته الاسلام بلڊنگ ڪلاڪ ٽاور ، لڪشمي بلڊنگ ڪلاڪ ٽاور ، ڪراچي ڪلب ٽاور ، اينگلو ورنيڪيولر اسڪول بلڊنگ ٽاور ، بولٽن مارڪيٽ ٽاور ، ڊينسو هال ٽاور ، شيوا ڪنچ هاسٽل ٽاور ، برما هوٽل ٽاور ۽ سنڌ ٽيليگراف ٽاور.“

هن ڪتابَ ۾ ليکڪَ ڪراچيءَ جي هنن مشهور ڪلبن ۽ جيم خانن جي ڳالهه به ڪئي آهي ؛ ” سنڌ ڪلب ، ڪراچي جيم خانو ، پارسي جيمخانو ۽ ينگ مين زورستين ايسوسيئيشن ڪلب ، گوئن ڪلب ، گوئن ايسوسيئيشن هال ۽ جيم خانو ، گوئن جيمخانو ، يونين هال ۽ ميدان ، ڪراچي ڪلب ، عبدالله هارون مسلم جيمخانو ، هندوجيمخانو ، آغا خان جيمخانو ، بوهرا جيمخانو ، سنڌي جيمخانو ، اسلام ڪلب ، گبري جيمخانو ، نارٿ ويسٽرن ريلوي ڪلب ، ينگ مسلم ايسوسيئيشن ڪلب ، هندو ليڊيز ڪلب ، روٽري ڪلب ڪراچي ، ڪنٽري ڪلب ، دنگي ڪلب ( نائوڊڙ ڪلب / ياٽ ڪلب )، ڪراچي بوٽ ڪلب ، ينگ مين ڪرسچن ڪلب ، ڪراچي گولف ڪلب ، ڪراچي ريس ڪورس ڪلب ، ڪراچي ائرو ڪلب ، ساهتي ڪلب ، سيوهاڻي ڪلب ، پنجا ڀائي / پنجابي ڪلب ، يونين جيڪ ڪلب ، پائليٽ ڪلب ، ينگ هندو اسپورٽس ڪلب ، مرهٽا يونين ، خواجا اسماعيلي ڪلب ، منوڙا ڪلب ، ڊلانا ڪلب ڪراچي ، دکني ميوزڪ ڪلب ۽ پريس ڪب ڪراچي.“ . جڏهن ته ڪراچي جي مشهور ڪوٽن ، قلعن ۽ چمينن ۾ ليکڪ ؛ ڪراچي ڪوٽ ، منهوڙي واري قلعي ، ڪراچيءَ ۾ ٺهندڙ منفرد پٿر وارين چِمنين ، سيويج چِمني ، ڪي ايم سي ورڪشاپ چِمني ، اين. اِي . ڊي يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس چِمني ، خورشيد هومي سالٽ ورڪس عمارت واري چِمني ، ڪياماڙي ۾ اسٽيم ڪرينن کي هلائڻ لاءِ ٺاهيل پاور هائوس ، گهڙيالي ٽاور ۽ چِمني ، ڪياماڙي گهاس بندر جي برٿ تي ٺهيل پاور هائوس ۽ چِمني ، ڊملوٽي واٽر ڪورس تي کوهه نمبر ڇهه ۽ ست تي موجود چِمنين ۽ انگريز دور ۾ ٺهيل ڪجهه مِلن ( فيڪٽرين ) ۾ موجود قديم چِمنين جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.

هن ڪِتاب ۾ ڪُل ٻهَ سئو ايڪاسي تواريخي عمارتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي! ، جيڪي انگريزن جي دور ۾ جوڙايون ويون هيون. انهن مان ڪجهه عمارتن جون خوبصورت ۽ رنگين تصويرون پڻ هن ڪتابَ ۾ ڏنل آهن . ٻه سئو اُڻٽيهن صفحن تي مشتمل هي ڪِتاب ڪراچي ۾ موجود انگريز دور جي قديم ۽ خوبصورت عمارتن بابت هڪ مُستند دستاويز آهي. هن ڪِتاب ۾ سائين گل حسن ڪلمتي نه رڳو انگريز دور جي عمارتن جو ذڪر ڪيو آهي پر ان سان گڏ انهن جو اکين ڏٺو احوال به ڏنو آهي ، جيڪو ڏاڍو دلچسپ ۽ پڙهڻ جوڳو آهي.

هي ڪتاب انهن ماڻهن لاءِ تمام گهڻو خاص آهي ، جن جي دلچسپي ڪراچي ۾ موجود آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر سان آهي. ان کان سَواءِ آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر جي شاگردن لاءِ ته هي ڪتاب ڄاڻ جي کاڻ ۽ هڪ بي بها تحفو آهي. جيڪي ماڻهو هڪ ئي هنڌ ڪراچي ۾ موجود انگريز دور جي قديم ۽ تواريخي عمارتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين اهي هي ڪتاب ضرور پڙهن. هي ڪتاب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مشهور ڪِتاب گهرن تي وِڪري لاءِ موجود آهي
 
Back
Top