• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (70)

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
"ٻري جن ٻاري "
ٽنڊو الهيار جي ضلعي جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (70)

استاد سائين محمد اسماعيل خانزاده
نصرپور ضلع ٽنڊوالهيار

تحرير : نم مھيسر

استاد سماج جو هڪ اهم ۽ معتبر شخص آھي . ان ڪري کيس زندگي ۾ انتهائي ڇنڊي ڦوڪي قدم کڻڻو پوندو آھي , ته جيئن سندس اعلي اخلاق ، ڪردار ، مان ۽ مرتبي ۾ ڪٿي ڪا وٿي نه پيدا ٿي پئي . اهي پنهنجي ڊيوٽي ته ايمانداري ۽ فرض شناسي سان ادا ڪندا ئي آھن ، پر ان سان گڏ سندن زندگي جو اصل مقصد سماج لاء سٺا ۽ ڪارآمد فرد پيدا ڪرڻ آھي . ان لاء ھو رات ڏينھن ڪوشان ھوندا آھن ۽ پنهنجي محنت ، اخلاق ۽ ڪردار وسيلي شاگردن ۾ زندگي گذارڻ جو سليقو ۽ انھن جي ڪردار سازي ڪندا رهن ٿا . اهي تعليم دوست شخص پنھنجي خلوص ۽ محبتن سان شاگردن ۾ ھمت ۽ حوصلا وڌائي منزلون ماڻڻ تائين انھن جو ڏڍ ۽ ڀرجھلو ٿي بيھن ٿا . اھڙا استاد سماج ، ادارن ۽ شاگردن لاء رول ماڊل هوندا آھن . انھن استادن جي انداز ۽ وڻندڙ ادائن کي سندن شاگرد اپنائن ٿا ۽ ھميشه لاء پنهنجي زندگي جو حصو بنائن ٿا .
اهڙن ٻھڳڻن استادن مان منهنجو رهبر ، منهنجو محسن ، ۽ منھنجو آئيڊيل استاد ، جنھن جون ڪافي مون کي وڻندڙ ادائون ۽ اندازا مون خود پنھنجي زندگي ۾ اپنايا آھن . سائين محمد اسماعيل خانزادو ولد عظمت خان به اھڙن استادن مان هڪ آھي . پاڻ سنڌ جي قديمي شھر نصرپور ۾ 20 آگسٽ 1954 ۾ پيدا ٿيا . پنهنجي پرائمري تعليم نصرپور مان 1965 ع ۾ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول نصرپور مان ئي 1971 ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائون . جيئن ته ان وقت نصرپور ۽ ٽنڊو الهيار ۾ ڪاليج جي سھولت نه ھجڻ ڪري پاڻ انٽر ميڊيئٽ جو امتحان ميرپورخاص مان پاس ڪيائون ۽ اتائين سنڌ يونيورسٽي مان پرائيويٽ طور بي اي پاس ڪيائون .
1975 ع پاڻ پنھنجي پسند جي تعليم کاتي ۾ بطور ڊرائنگ ٽيچر مقرر ٿيا . کين سڀ کان پھرين ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ غلام حسين سومرو مڊل اسڪول ۾ رکيو ويو . ڇھ مھينا اتي ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ ، سندن بدلي الله ڏنو ساند ۾ ڪئي ويئي . اتي پاڻ پنجن سالن تائين پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏنائون . الله ڏني ساند مان کيس ڊرائنگ ٽيچر جي ٽريننگ لاءِ 1980ع ۾ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج موڪليو ويو . جتان کين1981 ع ۾ فارغ ٿيڻ کان پوءِ گورنمينٽ ( پرونشلائزڊ ) ھاءِ اسڪول نصرپور ۾ مقرر ڪيو ويو . اتي پاڻ لڳ ڀڳ 33 سال پنھنجي شھر ۽ پس گردائي جي ٻارڙن ۾ محنت ۽ ايمانداري سان تعليم ۽ شعور جي جوت جلائِي ۽ اتان 19 آگسٽ 2014ع ۾ رٽائرڊ ٿيا .
قدرت وارو ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ ۾ وڏي مڻيا رکي ٿو . جيڪي پنھنجي سڀاءُ ۽ صفتن ۾ لاجواب ٿين ٿا . سائين محمد اسماعيل خانزادو به اعلي صفتن جو مالڪ ۽ مڻيادار ماڻھو آھي . وٽس پرائي پنھنجي وارو محاورو بي معني ۽ فضول آھي . ھن وٽ پرايو ته ڪير آھي ئي ڪونه ، ھن وٽ سڀ صرف پنھنجا آھن . ھو محبت ، پيار ۽ پاٻوھ کان سواءِ ٻئي ڪا ٻولي نه ٿو ڄاڻي . ڇو ته سندس زندگي جو فلسفو ۽ منشور محبت آھي . ان ڪري پاڻ ھر شاگرد جي پسنديده ۽ محبوب شخصيت آھن . سندس ڏنل پيء جھڙو پيار ۽ محبتون ڪو اڻاسو ئي وساري سگھي ٿو . پاڻ 2014 ع ۾ رٽائرڊ ضرور ٿيا آھن ، پر چوندا آھن ته استاد ڪڏهن به رٽائر ناھي ٿيندو . ھن وقت به کيس شعور جا شعاع پکيڙيندي ، ادب ، احترام ۽ سٺي اخلاق لاءِ درس ڏيندي ڏٺو وڃي ٿو . پاڻ اسان جي سماج ۽ نوجوان نسل لاءِ سرمايو آھن .
مالڪ سائين کان دعا آھي ته شال کيس ڪامل صحت ۽ چڱڀلائي عطا فرمائي ته جيئن باقي زندگي پابندي سان ذڪر فڪر واري بندگي ۾ گذاري سگھن .
Sain Nim Mahesar
5ZGx8IJ.jpeg
 
Back
Top