• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (71)

عبدﷲ جروار

سينيئر رڪن
"ٻري جن ٻاري"
ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (71)
سائين قاري علي محمد بڪيرو صاحب ، شهر بڪيرا شريف تعلقه ۽ ضلع ٽنڊوالهيار
تحرير : عبدالله جروار

سائين قاري علي محمد بڪيرو صاحب جن جو جنم سيپٽمبر 1958 ع تي مرحوم عبدالمجيد بڪيري جي گهر شهر بڪيرا شريف تعلقي ۽ ضلع ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو. سندن پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف جي ناليوارن استاد سائين محمد موسي ا ميمڻ صاحب مرحوم ، سائين محمد اسماعيل شيدي مرحوم ۽ سائين محمد هارون بڪيري صاحب مرحوم جن کان ورتي. بعد ۾ مڊل اسڪول بڪيرا شريف م داخل ٿيا. جتي ان وقت هيڊ ماستر ٽنڊي الهيار ضلع جو ناميارو استاد سائين رسول بخش کوسو صاحب هو. باقي استادن م سائين غلام محمد کوسو صاحب ، سائين عبدالعزيز ڀٽي صاحب ۽ ٻيا استاد هئا. مئٽرڪ جو امتحان پراونشلائيزد هاء اسڪول ٽنڊو الهيار مان پاس ڪيائون.
پاڻ ننڍپڻ کان ديني تعليم ڏانهن راغب هئا. تنهنڪري دنياوي تعليم سان گڏ ديني تعليم ان وقت جي بهترين قاري صاحب جيڪو بڪيرا شريف ۾ ديني تعليم سان دلچسپي رکندڙ شخصيتن چاچا حاجي بچل ميمڻ مرحوم ۽ چاچا حاجي علي محمد ميمڻ صاحب مرحوم جن جي ڪوشش سان ديني مدرسو قائم ٿيو. جنهن ۾ ان وقت جي عالم دين سائين قاري عبدالواحد پنهور صاحب مرحوم کي ديني تعليم ڏيڻ خاطر مدرس طور رکيو ويو. جنهن سان بڪيرا شريف ۾ ديني تعليم لاء باقائده مدرسي جو آغاز ٿيو. جنهن سان ڪيترائي ڇوڪرا ۽ نياڻيون سائين قاري عبدالواحد پنهور صاحب جن وٽ قرات سان قرآن شريف پڙهڻ جي تعليم ورتي . سائين قاري عبدالواحد صاحب جي شاگردن ۾ سائين قاري علي محمد بڪيرو ، سائين قاري طالب آرائين، سائين احمد کوکر صاحب، سيٺ نثار ميمڻ، ادا عبدالرحيم ميمڻ سميت ڪافي طالب مستفيض ٿيا. سائين قاري عبدالواحد پنهور صاحب جن جي شخصيت تي الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو. بڪيرا شريف شهر ۾ سندن ڪيل ديني خدمتون وسارڻ جون ناهن.
سائين قاري علي محمد صاحب جن به بعد ۾ سائين قاري عبدالواحد پنهور جن جي نقش قدم تي هلندي قرآن شريف پڙهائڻ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائون. جنهن سان سائين جا به ڪافي شاگرد درست تلفظ ۽ قرات سان قرآن شريف پڙهيا. جن ۾ سائين رسول بخش خاصخيلي، سائين بشير احمد ميمڻ، دامن علي شاھ، حافظ منور ميمڻ شامل آهن
سائين قاري علي محمد بڪيرو صاحب ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم جاري رکي. ايس ايم ڪاليج ٽنڊي الهيار مان انٽر ميڊئيٽ، گريجوئيشن ڪيائون.
سائين قاري علي محمد بڪيرو صاحب جن کي 1982ع ۾ پرائمري استادن جي انٽرويو ۾ پاس ٿيڻ تي آگسٽ 1982ع م ان وقت سب ڊويزنل ايڊيوڪيشن آفيسر پرائمري هالا سب ڊويزن سائين غلام قادر شاھ بخاري جن نوڪري جو آرڊر ڏنو. سندن پرائمري جي پهرين پوسٽنگ گورنمينٽ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف م ٿي. جنهن بعد سال 1984 - 85 لاء پي ٽي سي جي ٽريننگ لاء گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايڊيوڪيشن فارمين حيدرآباد موڪليو ويو. سائين قاري علي محمد بڪيرو صاحب جن پنهنجي محنت سان پي ٽي سي ڪورس ۾ سموري سنڌ مان ٽين پوزيشن ماڻي. ٽريننگ بعد کين ٻيهر گورنمينٽ پرائمري اسڪول بڪيرا شريف ۾ نائب ماسٽر طور مقرر ڪيو ويو . جتي ٻارن کي پڙهائڻ ۾ وڏي محنت ڪيائون. پرائمري اسڪول ۾ ڪافي شاگرد سائين کان پڙهي نڪتا. هن اسڪول جي ان وقت جي هيڊ ماستر سائين نور محمد خاصخيلي صاحب جن جي پروموشن ٿيڻ تي هن اسڪول جا هيڊ ماستر ٿيا. پاڻ اسڪول جي بهترين انتظام سان گڏ برانچ پوسٽ آفيس بڪيرا شريف جو اضافي ڪم پڻ ڪندا رهيا. سائين قاري علي محمد صاحب جن جي خاص ڳالھ اها هئي اسڪول جي موڪل ٿيڻ تي سڀني استاد کي پنهنجي گهران ماني گهرائي کارائيندا هئا. سال 1989 ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ بي ايڊ ۾ داخلا ورتائون. سال 1992ع ۾ بي ايڊ پاس ڪرڻ تي کين هاء اسڪول ٽيچر طور پروموشن ڏئي کين گورنمينٽ هاء اسڪول نبي سر ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي به پنهنجي ڊيوٽي بهتر نموني ادا ڪيائون. سال 1993ع م گورنمينٽ هاء اسڪول بڪيرا شريف م بدلي ٿي آيا. نوڪري جو باقي سمورو عرصو هاء اسڪول بڪيرا شريف م ئي رهيا. هاء اسڪول بڪيرا شريف م مختلف ڪلاسن جا ڪلاس ٽيچر رهيا. وڏو عرصو مئٽرڪ جا ڪلاس ٽيچر رهيا. پاڻ شاگردن جي بهتر تعليم لاء ڪوشش ڪندا رهيا. قاري صاحب جن تي بڪيرا شريف جو رهواسي هئڻ ڪري ڪافي اضافي ذميواريون به رکيون وينديون هيون جن کي بخوبي ادا ڪيائون. پاڻ يار ويس انسان دوست ۽ گهڻگهرا انسان آهن. ظاهر ۾ سخت مزاج رکندڙ سائين قاري صاحب اندر بيحد نرم سڀاء رکندڙ استاد رهيا آهن. اسڪول م ڊيوٽي دوران شاگردن جي روايتي تعليم سان گڏ وڏي اخلاقي تربيت ڪيائون. جنهن جي نتيجي سائين جا شاگرد اڄ به سندن بيحد عزت ڪن ٿا. سائين جا ڪيترائي شاگرد وڏن توڙي ننڍن عهدن تي پهتا. سائين قاري صاحب سيپٽمبر 2017ع تي نوڪري تان رٽائرڊ ٿيا.
سائين قاري علي محمد صاحب جن بڪيرا شريف ۾ نياڻين جي تعليم لاء ديني مدرسو قائم ڪيو اٿن. جنهن م سائين جي جي نياڻي جيڪا ديني تعليم ۾ عالمه آهي. اها هن مدرسي ۾ پڙهائي ٿي. نياڻين کي ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم به ڏني وڃي. نياڻين جو وڏو تعداد هن مدرسي مان تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. جنهن جي سرپرستي جي سموري ذميواري سائين قاري صاحب تي آهي. پاڻ ڪنهن چندي جي رقم تي ڀاڙڻ بدران هڙان وڙان خرچ ڪري مدرسي کي هلائي رهيا آهن.
سائين قاري علي محمد بڪيري صاحب جن گذريل بلدياتي چونڊن ۾ يونين ڪائونسل بڪيرا شريف جي چيئرمين جي اميدوار طور اليڪشن م حصو ورتو هو. جنهن م سندن مقابلو پ پ پ جي اميدوار سان هو. جيتوڻيڪ پاڻ ڪامياب ته نه ٿي سگهيا پر وڏي تعداد ۾ ووٽ ضرور حاصل ڪيائون . سائين قاري صاحب جي شخصيت ڇپر ڇانو مثل آهي. الله پاڪ کين سٺي صحت ۽ وڏي حياتي عطا فرمائي آمين
UUdmr6S.jpeg
 
Back
Top