استاد بخاري مڃان ٿو ديس دل کي، نئين ،سگهي رت جي ضرورت آ، مگر رت کي وري ڀاڄي، ڳڀي، ڀت جي ضرورت آ. لُٽاشو، ميروڙو سنڌوءَ جو پاڻي پيا اسانکي ڏيو، اسان ڪاٿي پڪاريو آ ته شربت جي ضرورت آ. ڀڄي پئي چيلهه پر ماريءَ جي پر چوٽي چٿي ناهي، اڃا هن نانگ کي لَت جي مٿان لت جي ضرورت آهي. الائي ڪيتري ڪوشش کپي هڪ قوم ٺاهڻ لاءِ، جڏهن هڪ نظم جوڙڻ لئي به محنت جي ضرورت آ. قسم حق پاڪ جو، ان کان وڏو ٻيو ڪُفر ئي ڪونهي، اُتي انصاف چئجي، جاٿي لعنت جي ضرورت آ. غلامي ، غير، غم ڇاجا، غريبي، عرض ڪجهه ناهن، فقط هر عين ۾ هڪ غين غيرت جي ضرورت آهي. پُڇن ٿا: ” سنڌ ۽ سنڌين جي ڇو تسبيح پيو سورين؟“ چيم: هاڻي پڇاڙي آ، عبادت جي ضرورت آ.“ ”بخاري“ سنڌ، سنڌي ۽ سدا سنڌوندي دائم! نه ڪوثر جي، نه حُورن جي ، نه جنت جي ضرورت آ
ادا علي علي، استاد جي عظيم شاعري مان، خوبصورت چونڊ سنگت سان شيئر ڪرڻ تي توهان کي جسُ هجي۔ هي شاندار غزل سائين بخاري جي سنڌ سان لازوال محبت جو بي مثال انداز ۾ اظهار آهي۔ سائين جي شاعري امر آهي ۽ هر سنڌي جي دل جي ترجماني آهي، ان ڪري ئي کين عوامي شاعر جي لقب سان نوازيو ويو۔ اميد ته آئنده به اهڙي شاعري شيئر ڪندا رهندا۔
ادا سلطان استاد کي مان گرو مڃيندو آهيان استاد جي دل جو آواز يقينن اسان لا هڪ درس آهي ته اسان پهنجي وطن سان محبت ڪريون ۽ ان کي بچائڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻايون ادا اوهان استاد جي باري ۾ ڪجه لفظ ڳالهايا يقين ڪيو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ڇو ته استاد جهڙآ انسان مائرون گهٽ ڃڻيديون آهن ادا پسند ڪرڻ جي تمام گهڻي مهرباني مٺا shal judy hujeen
زبردست علي علي عظيم اُستاد بخاري جي شاعري عوامي شاعري آهي، هرڪو دُک درد وندو سندن شاعريءَ کي تمام جلدي سمجهي ويندو آهي۔ الله توهان کي ڪاميابي عطا ڪري جو توهان اهڙي خوبصورت شاعري اسان سان شيئر ڪئي،
ادا علي علي اُستاد بُخاري مرحوم جو هي لاجواب غزل پنهنجي گهرائي ۽ فڪر ۾ ڪيترائي اڻمٽ نقش چٽي رهيو آهي، مونکي ياد پيو اچي ته اڄ کان سورهان سترهان سال پهرين مُنهنجي شهر جي هڪڙي ادبي تنظيم بلڪل انهي غزل جي وزن بحر، ڪافئي ۽ رديف سان هڪ طرحي مشاعرو (هڪ سِٽَ) جي مطابق بپا ڪرايو هو، جنهن مطابق مون به پنهنجو غزل بلڪل انهي وزن انهيءَ بحر، انهيءَ ڪافئي ۽ انهيءَ رديف مطابق انهيءَ مشاعري ۾ پڙهيو هو، مون ناچيز جو هي غزل مهان شاعر سائين محترم اُستاد بُخاري جي انمول سِٽن ۽ فڪر جو مقابلو ته نٿو ڪري سگهي پر ايترو چئي سگهان ٿو ته مُنهنجو هي غزل مُنهنجي سڀ کان پسنديده شاعر اُستاد بخاريءَ جي توهان جي موڪليل غزل جو تسلسل ضرور آهي، سڀني سنڌ سلامت جي دوستن ادا علي علي، ادا سُلطان، ادا وحيد ڦلپوٽو، ادا عبدالوهاب، ادا رنجيت رکيا رام نگر وارو ادا زاهد سومرو مخدومي جي نظر آهي دل پي چاهيم ته هن مُنهنجي غزل کي عليحده ٿريڊ سان ڪنهن تصويري شڪل ۾ سڀني سنڌ واسين سان شيئر ڪريان پر هاڻي اهو فوٽو بنائڻ واري جهنجهٽ کان خبر ناهي ڇو دل پري ٿي ڀڄي شايد ” پيريءَ جا پاڇا“ هاڻي تاري ٿيندا پيا وڃن ان ڪري مهان شاعر اُستاد بُخاري مرحوم جي شاعريءَ جي قدمن جي هيٺان پنهنجو هي غزل هتي پوسٽ ڪري پنهنجو پاڻ کي خوشنصيب سمجهان پيو غزل نثاراحمدنازمرون سڀ يا ڪرون کڏ ۾ محبت جي ضرورت آ اسان جي قوم کي ايثار و الفت جي ضرورت آ ــ رواداري ڪري ٿڪجي پئي آ قوم هيءَ ساري هلي ٽانڊن سڄي سنڌڙي بغاوت جي ضرورت آ ــ ڇڇورِي ڇَيڪَ هڪ ڇوري ڇڏائي ڇوههَ ٿَسِ ڇڏيا چوي ڇورا نه ڪر پيڇو شرافت جي ضرورت آ ــ پيئاري چانهَه هڪ پيالي ڇڏائين جان تون ويٺو بُکيو آهيان اڃان مونکي هَڏي ڀَتَ جي ضرورت آ ـــ پنو ڪورو سڄو جيون گُذاري ٿم ڪيو پورو پڙهي ڪوئي لکي مون تي ڪتابت جي ضرورت آ ــ ورهايان غم هتي ڪنهن سان نڪو غمخوار ڪو مُنهنجو وهن ڳوڙها اُگهي ڪوئي شراڪت جي ضرورت آ ـــ رقيبن ”ناز“ جي محفل سجائي آ بنا دعوت قريبن کي ڏسو يارو اجازت جي ضرورت آ
واه سائين واه توهان جي تمام پراڻي غزل پڙهي اصل صفا دل خوش ٿئي وئي ۽ وري وڏي ڳالهه اها ته اها توهان جي غزل ڦلپوٽي فقير جي نظر ڪرڻ ماشآالله زبردست توهان جي اهڙي تحرير جو انتظار رهندو سنڌ سلامت ساٿ سلامت