جيڪڏهن اوهان ڪجهه ڊائون لوڊ ڪري رهيا آهيو يا پنهنجي ڪمپيوٽر کي ڪجهه وقت جي لا آن رکڻ چاهيو ٿا۔۔۔۔ مٿان وري ننڊ به ڏاڍي اچي | پو ڪم ڪيئن هلندو، ڪاش اوهان جو ڪمپيوٽر پنهنجو پاڻ ئي بند ٿي وڃي :-$ ضرور اهو ممڪن آهي۔۔۔ پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڊيسڪٽاپ تي ساڄي پاسي واري ڪلڪ دٻائي، نيو شارٽڪٽ تي ڪلڪ ڪريو، جڏهن هي ونڊو کُلي ته ۔ اتي هي لکو؛ shutdown -s -t 1000 -c "s" مٿي ڄاڻايل 1000 انگ جو مطلب آهي ته هزار سيڪنڊن کانپو بند ٿي وڃي، اوهان پنهنجي مرضي مطابق ٽائيم لکي سگهو ٿا (سيڪنڊز جي حساب سان) پو بس۔۔ Next......Next......Next ڪندا وڃو۔۔۔ هاڻي شارٽڪٽ ڊيسڪٽاپ تي اچي ويندو۔ ان تي ڊبل ڪلڪ ڪريو پو ابتي ڳِڻتي شروع ٿي ويندي۔۔۔۔
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏس پتو ته واه جو ڏنو اٿوَ، پر يار! بجليءَ اهڙو ڪيو آ جو اصل سڀ ڳالهيون خراب ٿيو وڃن، هڪ لفظ لکي وري محفوظ ڪيو جو بٽڻ دٻائڻو ٿو پوي ته ڪٿي بجلي نه هلي وڃي ۽ ڪم نه سڄو سارو خراب ٿي وڃي ۔۔۔ بس ڙي يار درويش! ٿورا ڏينهن ائين رهيو ته پاڻ اوهان واري گاڏيءَ ۾ مطلب درويشن جي لسٽ ۾ هوندا سون ۔۔۔
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ پيارا نثار ڀا جيڪڏهن ناراض نه ٿيو ته عرض آهي لفظ ”درويش“ يقينن هڪ ننڍي نوعيت جي ماڻهن جي لا استعمال ڪيو ويندو آهي۔ پر پيارا ڀا منهنجو هي نالو پنجتن پاڪ جي خاص دَرَ تي جهڪڻ جي وجهه سان پيوآهي انڪري مان پنهنجي نالي عمران کي ڇڏي پنهنجو تعارف اڪثر درويش جي طور تي ٻڌائندو آهيان، اوهان <<<<اوهان واري گاڏيءَ ۾ مطلب درويشن جي لسٽ ۾ هوندا سون >>> وارو جملو استعمال ڪيو ته منهنجي گناهگار من کي ٿورو ڏک محسوس ٿيو۔۔۔ اميد ته اوهان ٻيهر منهنجي جي کان وڌيڪ پياري تخلص يعني ”درويش“ جي لا اهڙا لفظ استعمال نه ڪندا۔۔ مٿي ڏنل جواب ۾ حجت جي حد پار ڪئي هجي ته معاف ڪجو۔
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا اوهان تمام بهترين ونڊ ڪيو آهي۔۔ وقت بوقت اهڙي فائدي وارن شين کي اسان جي علم ۾ آڻيندا ڪريو۔۔
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا تمام زبردست شيئرنگ آهي اميد آهي ته توهان کان اڃا به وڌيڪ ڪجهه سکڻ لا ملندو
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا اهڙي شِئرنگ پهريون شايد سائين رشيد سمي جن ونڊ ڪرائي هئي پوءِ به مهرباني
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ ير توهان جي ان شيئرنگ جو ڪوئي فائدو وٺي نه وٺي مون ته ورتو آهي۔۔۔ مهرباني ادل۔۔۔۔
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا اسان وٽ هي ڪوڊ سپورٽ هي نه پيو ڪري جئين توهان ڏسيو آهي ائين ئي لڳايو آهي پر ڪجھ مصئلو پيو ڪري هن هيٺ تصوير ۾ ڏسندا سڀ سمجهي ويندا توهان،
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين توهان سوچيندا ته اسان کان shutdown غلط لکڻ جي ڪري اهيو مصئلو پيو ٿهئ پر ادا shutdown جي اسپيلنگ به چيڪ ڪئي آهي پر پو۽ به ساڳيو مصئلو پيو ڪري،
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا ڀا پيارا سهڻا جاني مٺا ڊولڻ ڪٿي آهيو ڪجھ اسان کي به خيڪاريو اسان به اوهان دوستن جي آسري ويٺا آهيون،
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ اهو مسئلو حل ڪندو ته ادو رنجيت ڪندو ڇو ته انهيءَ هن شئي جو فائدو ورتو آهي، انهيءَوٽ ڪم صحيح پيو ڪري۔۔۔
جواب: هاڻي بي فڪر ٿي سمهي پئو۔۔۔۔۔۔۔۔ مُنهنجا پيارا ڀا ريحان مزي ۾ آهين نه۔۔۔ ير لڳي ٿو تُنهنجي طبيعت ڍري ڪونهي۔۔۔۔ هيٺ ڏنل تصوير ڏي ڏس پو سو ته تو ڪهڙي غلطي ڪئي آهي۔۔۔۔ اميد ته مسئلو حل ٿي ويو هوندو۔۔۔ پنهنجي ڪمانڊ ۾ تو '' جو استمعال ٻه دفعا ڪيو آهي۔۔۔۔۔۔۔