ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (72)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدﷲ جروار طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2024۔

  1. عبدﷲ جروار

    عبدﷲ جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2023
    تحريرون:
    200
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    "ٻري جن ٻاري"
    ٽنڊي الهيار ضلع جا ناميارا استاد صاحبان سلسلي جي ڪڙي نمبر (72)
    سائين محمد خان ڀيو مرحوم
    ٽنڊو سومرو ضلع ٽنڊوالهيار
    تحرير : ظهير نظاماڻي

    مڪتبي سارون
    سائين محمد مرحوم
    ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جا ھن وقت شايد اٺ ڏھ ڪمرا آھن، پر جڏھن اسين پڙھندا ھئاسين ان وقت ٽي ڪمرا ھئا. ساڄي پاسي پاڻي پيئڻ جي ڪوٺي ھوندي ھئي ، جنھن ۾ مٽ رکيل ھوندا ھئا. چيچ سان موڪل وٺڻ واري ڪارروائي اسڪول جي پاسي واري ڪوٽ جي اوڏڪي ڀت جي اوٽ ۾ پوري ڪبي ھئي. ٽن ڪمرن مان وچون ڪمرو پاسي وارن ٻنهي ڪمرن جي ڀيٽ ۾وڏو ھوندو ھو. وچين ڪمري جي ساڄي پاسي سائين محمد وٽ ٻيو درجو پڙھياسين. اندازن سال 1984 ھوندو.
    سائين محمد جو پورو نالو محمد خان ذات ڀيو ھو. ڳوٺ ۾ ڀين جا گھر ھڪڙي ھٿ جي آڱرين تي ڳڻپ جيترا مس ٿيندا. سندن پاڙو پرائمري اسڪول سان لڳو لڳ آھي. ڳوٺ جي جنھن به محفل ۾ سائين محمد نالو کڻندو ته ھر ڪو
    سمجھي ويندو تہ ڪنھن جو ذڪر پيو ٿئي.
    سائين محمد ڀريل بدن سان رواجي قد رکندڙ شخصيت جو مالڪ هو، شايد روزانہ شيو ڪندڙ ھو پر مڇون سائين جون رعبدار ھونديون ھيون. طوفاني آواز ، ڪڙڪيدار لھجي ۽ خوش طبعي جو سھڻو امتزاج ھوندو ھو. جنهن ڪري اسڪول ۾ سڀني شاگردن لاءِ باعث ڪشش ھوندو ھو. سڀني شاگردن جي طلب ھوندي ھئي ته سائين محمد اسان کي پڙھائي. تنهن وقت ۾ باقي دنيا جي حال احوال جي ذريعن ۾ اخبار مرڪزي حيثيت رکندي هئي ، ڪرسي تي ويٺي ميز تي ٻنهي ھٿن ۾ اخبار جھلي ۽ ٽنگون لوڏيندي ھلڪي وڏي آواز سان سندس اخبار پڙهڻ جو نرالو انداز ھوندو ھو. شام جو وري سائين بازار ۾ سندس ڪپڙي جي دڪان تي ٻين کي اخبار پڙهي ٻڌائيندو ھو.
    تڏهن سبجيڪٽن جي ايتري ڀرمار ڪانه هوندي هئي نه ئي پنجين درجي تائين انگريزي جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ ھوندو ھو. باقي سبجيڪٽن جون يادون ته ذھن تان ميسارجي چڪيون آهن ، پر سنڌي ۽ رياضي جو ناتو اسڪول ۾ قدم رکڻ سان چنبڙيو وڃي. اسان لاء سنڌي جو بيت ۽ رياضي جا کوڙا ياد ڪرڻ ڏنڀ ڏيڻ جي مترادف ھوندو ھو. بيت جون ھڪ ٻه سٽون پڙھڻ کان پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري ڇت کي ڏسندا ھئاسين ته سائين چوندو هو ته "ڇت ۾ لکيو پيو آھي ڇا ؟" يا ڏسندي ڏسندي اوچتو اچي ڪو تاڙ لڳندو ھو جو ڪا خبر ئي ڪانہ پوندي ھئي ته ڇا ٿيو.. ھڪڙي دفعي ته گھڙي کن بعد رڳو ايتري خبر پئي ته سٿڻ جو اڳيون پاسو تر لڳو پيو ھو...
    ڳوٺ ۾ ته خبر ناهي تہ سائين ڪڏهن بدلي ٿي آيو پر جڏھن اسين پڙھياسين تڏهن کان وٺي رٽائرمينٽ سال 1995 تائين ڳوٺ ۾ رھيو.
    ان کان پھرين سان ڳوٺ ڊاسوڙي، ڳوٺ لونگ بالادي ۽ ڳوٺ گولي هاليپوٽي ۾ پڻ پڙھايو.
    سائين 24 جون 2021 تي وڃي ابدي ننڊ ستو. الله سائين سندس درجات بلند فرمائي.

    Zaheer Nizamani
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو